وفا سانوڻ نوحاڻي
پوري دنيا۾ مسلمانن جي پاران عيد ملهائي پئي وڃي ، عرب ملڪن۾عيد نماز ھڪ ڏينھن پھريان ادا ڪئي وئي آهي جڏهن ته باقي ڪجهه ملڪن۾ عيد ملهائي پئي وڃي، دنيا۾ھن عيد جا ٽي ڏھاڙا ھوندا آھن، جن۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جن جي ڪيل قرباني جي ياد تازي ڪرڻ جي خاطر سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني ڪئي ويندي آهي ۽ جئين ته دنيا۾ڪيترائي ڏينهن خوشي جا ڪري ماڻھوءَ ملھائيندا اھن اھڙن ڏھاڙن مان عيد جا ڏينهن به وڏي خوشي وارا سمجهي ملھايا ويندا آهن ھر انسان پنهنجي پنهنجي مذهبن تحت مذهبي عيد ملھائيندا اھن اسان مسلمان به پنهنجي عقيدي موجب پنهنجي مذهبي رواداريءَ سان عيدون ملھائيندا آھيون ۽ عيد وارن ڏينهن تي خوشيءَ سان ھوندا آھيون مٽ مائٽن عزيزن رشتيدارن دل وارن دوستن ملي عيد نماز پڙهڻ بعد عيد مبارڪ چوندا آھيون۽ پوء عيد دعوتون ھڪٻئي کي خوشي سان کارايون وينديون آهن ۽ کاڌيون وينديون آهن جڏهن ته ھي عيد قرباني واري آهي ھن تي قرباني ڪئي ويندي آهي اسان جي مذھب ۾ تمام غريب مسڪين مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪرڻ انهن جي ڏک سک۾شامل ٿيڻ سار سنڀال لھڻ پاڙيسرين سميت سمورن انسانن کان ويندي جانورن تائين حقوق حاصل آهي پر تمام مسلمانن انسانيت جي پرچار ڪندڙ ماڻهن جون خوشيون ڪيتري ئي عرصي کان ھميشه جي لاءِ موڪلائي ويون آهن اسان انھيءَ مذهب سان تعلق رکندڙ مسلمان آھيون جنھن ۾ واضح آهي ته جنهن ھڪ انسان جو قتل ڪيو ته ڄڻ پوري انسانيت جو قتل عام ڪيو پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھتي فلسطين ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان ئي پوري مظلوم معصوم انسانيت جو درد ناڪ قتل عام ڪيو پيو وڃي پر پوري دنيا صرف خاموش تماشائي بڻجي مذمتون به لڪي ڇپي ڪري رھي آھي جڏھن ته سفاڪ قاتل اسرائيل سري عام ديدہ دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي مظلوم معصوم ٻارڙن سميت فلسطيني مظلوم انسانيت جو پکين جيان ڄڻ شڪار ڪري رهيو آهي فلسطيني مظلوم انسانيت پنهنجي ڌرتيءَ وطن جي حفاظت جي لاءِ ٻيو جڏهن به نه ڪري سگهي ته انھيءَ فلسطيني مظلوم انسانيت معصوم مسلمانن پنھنجي ڌرتيءَ تي شھيد ٿيڻ کي ترجيح ڏني ۽ روزاني شھيد ٿي رھيا آھن انھن۾ معصوم شھرين۾ عورتون مردن نوجوانن پيرسن کان ويندي تڃ پياڪ ٻار به شامل آهن روزاني شھادتن جو رتبو حاصل ڪري رھيا آھن ھن وقت تائين اسرائيلي دھشتگردي۾ ھڪ لک معصوم شھيد ٿي چڪا آهن لکين زخمي معذور بڻجي ويا آهن لکين يتيم بي سھارا بڻجي ويا آهن پر ھن وڏي۾ وڏي دنيا جي دھشتگردي تي دنيا ته خاموش تماشائي بڻيل آهي يورپي قوتن۽ انھن جي ايجنٽن۽ دلالن کي ته مسلمانن جي قتل عام تي به آواز اٿارڻ گهرجي ڇوته ھي ھندو مسلمان يا ڪنهن فرقي جي ڳالهه ڪونهي ھي ته انسانيت جو درد آهي ھي ته انسانيت جو قتل عام آهي ھتي مظلوم انسانيت جي دانھن آھ ڪير سڻڻ وارو ڪونھي يھودين۽ انھيءَ جي دلالن تي ڪھڙي ميار رکون اسان ته مسلمان ملڪن جي حڪمرانن توڙي عوام ايترا بي حس بڻجي چڪا آھيون جو ھڪ ظالم وحشي دھشتگردن جو خلاف وڙهڻ جي بجاءِ خاموشيءَ سان پنهنجي مسلمانن ڀائرن جو قتل عام ڏسي رهيا آهيون جڏهن ته عيد جون خوشيون ملهايون پيون وڃن ته ھوڏانھن فلسطيني مظلوم انسانيت جو خون وھايو پيو وڃي اسان جتي جانورن جي قرباني ڪرڻ کان به ڪيٻائي رهيا آھيون اتي فلسطيني عوام پنهنجي مظلوم معصوم ٻارڙن جو خون پيش ڪري رھي آھي ھا حضرت ابراهيم عليه السلام جي قرباني جي ياد آڄ به تازي آهي حضرت امام حسين عليه السلام جي ڪربلا۾ڏنل عظيم قرباني اڄ به مسلم امت جي لاءِ راھ مشعل آهي ته پوءِ دنيا وارو ياد رکجو ته تاريخ پنھنجا جڏهن به ورق اٿلايو ته پوءِ فلسطيني شھيدن جي قرباني صدين تائين ياد رکي ويندي تاقيامت ياد رکي ويندي جئين اڄ تائين يزيد تي لعنت وسي رهي آهي ائين نيتن ياهو تي به وسندي رهندي ، ۽ جئين ڪربلا جي واقعي وقت ان وقت جي يزيدي لشڪر جي ساٿارين تي نالعنت ھئي ائين نيتن ياهو جي ساٿارين تي به نالعنت جو وسڪارو تا قيامت رھندو ته پوءِ تاريخ۾ مسلمانن جي خاموشيءَ کي به سٺن لفظن۾ياد نه ڪيو ويندو جڏهن ھڪ طرف مسلمان ملڪ تي بمن ميزائيل اڇلايا پيا وڃن معصوم مسلمانن جي قتل عام تي رھيو ھجي ۽ وري اھڙي مسلم دنيا به ھجي جيڪا خوشيون۽ جشن ملهائي انھيءَ مسلم دنيا کي ٻڏي مرڻ گهرجي مھڪندڙ کلندڙ نظارو پيش ڪندڙ غزه جڏهن يھودي قاتل سفاڪ اسرائيل جي وحشيت دھشت گردي بمباري سبب کنڊر بڻجي ويو آهي شھر قبرستان بڻجي ويا آهن مظلوم انسانيت جي جسمن جا ٽڪرا ٽڪرا بارود جي باھ۾سڙي رک ٿي ويا جڏهن بنا عضون جي انساني زندگيءَ اڃاري ڌرتيءَ تي پنهنجي خون وهائي رهيو آهي جڏهن ته کير پياڪ ٻار دھشتگردي ذريعي انهن کي بمن ميزائيل۽ گولين جو نشانو بڻايو پيو وڃي اڃا ھڪ لک ماڻهو جي خون سان رڱيل قاتل سفاڪ اسرائيل۽ انھيءَ جو ساٿاري آمريڪا وڌيڪ معصوميت جو خون وهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي نه رڳو ايترو پر قاتل سفاڪ اسرائيل انھيءَ يتيمن بي سھارا فلسطينين جا گھر شهر بمباري ذريعي تباھ ڪري ڇڏيا انھن جي کائڻ پيئڻ جا سمورا وسيلا ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ ھاڻي انھن جي لاءِ ايندڙ عالمي امداد تي به قبضو ڪيو آهي۽ ھوء عالمي امداد به دھشتگردي ذريعي استعمال ڪري فلسطينين جو اتي به قتل عام ڪرائي رهيو آهي ھاڻي جڏھن ھڪ طرف اسان جو مسلمان ملڪ يرغمال ھجي يھودي قاتل سفاڪ اسرائيل وٽ، انھيءَ جي معصوم شھرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي بک اڃ وگهي مسلمانن جو نسل تڙپي تڙپي مري رهيو آهي معصوم ھزارين يتيم ٻارڙن جي جئين جون اميدون ختم ٿي چڪيون ھجن ھوء زندگيءَ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل ھجن انھن مظلوم انسانيت معصوم فلسطينين جي جئين جا سمورا دڳ بند ٿيل آهن ايڏي وڏي خطرناڪ صورتحال ۾ اسان جا مسلمان آهن جيڪي روز مري۽ جيء رهيا آهن پر پوءِ به پوري دنيا۾مسلم دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ وري خوشيون ملهايون پيون وڃن ته انھيءَ کان وڏيڪ بي رحميءَ بي حسي ٿي نٿي سگهي اسان جي نظرن جي آڏو فلسطيني عوام جي وحشياڻي طريقي سان ٿيندڙ قتل عام آهي معصوم ٻارڙن جون آھون دانھون آهن ۽ فضائن۾اڏرندڙ معصوم انسانيت جي لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا آهن ۽ انھن جا تباهيءَ جا منظر پيش ڪندڙ گھر۽ شھر واھڻ۽ وستيون آهن ۽ جن مسلمانن ته ڇا پر انسانيت جو درد رکندڙ ماڻهن۾ دل موجود آهي اھو ھن ھيڏي بر بريت ظلم وحشيت فلسطيني مظلوم انسانيت جي قتل عام تي ذري برابر به ڪا به خوشيءَ نٿو ملھائي سگهي ھا باقي جنهن دل۾ احساس ناهي انسانيت جو درد ناهي رحم ناھي ته پوءِ اھا ئي دنيا عيد تي جشن ملهائي ھٿن تي مينديءَ لاھي ھار سينگار ڪري خوشيون ملھائي ڀلي عيد تي سٺا سٺا کاڌا کائي نوانء ويس پائي ھوء جمالو جي ڌن تي جشن ملهائي، سيون حلوه سيرا اوچا اوچا طرحين طرحين جا طعام کائي پنھنجا پاپي پيٽ ڀري خوشيون ملھائي باقي اسان انسانيت جو درد رکندڙ ديس جا مظلوم ماڻهو پنھنجي معصوم شھرين ٻارڙن تي ٿيندڙ ظلمن وحشتن تي جشن ملھائڻ جھڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگھان ھا اسان جڏهن ته بيوس بڻيل ضرور آھيون پر بي حس بڻجي نٿا سگھون پنھنجي مسلمانن جي فلسطين۾ ٿيندڙ قتل عام تي سندن ڏک۾برابر شريڪ آهيون ۽ ھا عيد صرف سادگيءَ سان سنت ابراهيمي جي پيرويءَ ڪندي گذارينداسين ۽اسان جون خوشيون پنھنجي فلسطيني عوام جي خوشين سان جڙيل آهن اسان ھا تڏهن ئي جشن ملھائيندا سين جڏهن مسلمان امت جو قاتل اسرائيل تباھ۽ برباد ٿي ويندو نيتن ياهو ھميشه جي لاءِ وڃي دوزخ جي باھ جو ٻارڻ بڻبو آمريڪا جي سپر پاور جي حيثيت ھميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندي ھا اسان مظلوم انسانيت جو درد رکندڙ معصوم دليون رکندڙ پيار۽ پريت جي پرچار ڪندڙ ماڻھو آھيون اھئي عزہ جي مظلوم مسلمانن سان دلي طور گڏ آھيون اسان مسلمانن جو عقيدو آهي ته ھر ظلم جو انت اچڻو آهي ھر ظالم کي عبرت جو نشانو بڻجڻو پوندو مظلوم جي آھ آسمانن سان ٽڪرائبي آهي۽ الله پاڪ وٽ دير ضرور آهي پر انڌير ناهي ظالم کي ھميشه قدرت جي طرفان ڊگھو رسو ڏنو ويندو آهي پر جڏهن الله پاڪ جي پڪڙ ٿيندي آهي ته پوءِ ڏاڍي سخت ھوندي آھي جئين وقت جا وڏا وڏا فرعون عبرت جو نشان بڻجي ويا ائين ھي وحشي به دنيا۽ آخرت۾عبرت جو نشانو بڻجي ويندو فلسطيني مظلوم شھيدن جو خون ضرور رنگ لائيندو فلسطيني مظلوم انسانيت ھميشه دائم دائم رھڻي آهي فلسطين فلسطينين جو وطن آهي۽ رھندو ۽ مظلوم انسانيت تي ظلم بربريت وحشيت دھشت گردي ڪري مظلوم انسانيت جو قتل عام ڪندڙن کان قدرت جو ضرور حساب ڪتاب ٿيندو ۽ ھا عيد اچڻي وڃڻي آهي خوشيون زندگيءَ جو حصو آهن پر اسان فلسلطين جي معصوم شھرين جي چچريل لاشن جي ٽڪرن تي ڪھڙي عيد جون خوشيون ملهايون۽ معصوم ٻارڙن جي يتيمن جي آھن دانھن جو درمان ڪير ٿيندو سندن اجڙيل گھرن تباھ برباد شھرن قتل ٿيل اميدن حسرتن تي ماتم ڪجي يا جشن انھيءَ سوال جو جواب عظيم انسانيت رکندڙ حساس دل رکندڙ ماڻهو ئي ڏني سگهي ٿو بھرحال اسان عيد صرف رسمي طور ملھائيندا سين باقي خوشيون خواهشون سڀ فلسطيني مظلوم انسانيت مسلمانن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آھن انھيءَ جي لاشن تباھ وستين بستين تي خوشيءَ نه ملھائيندا سين انشاء الله اسرائيل جي تباهيءَ جو جشن فلسطيني مسلمانن ڀائرن سان گڏجي ملھائيندا سين الله پاڪ ضروري فلسطيني مظلوم انسانيت جي مدد ڪندو انشاء الله،










