عمراني حڪومت روزگار ڏيڻ بدران کسڻ لڳي!

عمراني حڪومت روزگار ڏيڻ بدران کسڻ لڳي!

طفيل مگسي

سرمائيداري جي عالمي بحران جي شدت ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌندي پئي وڃي.خاص ڪري وائرس جي ٻي لهر جي سبب کان اولهائن ملڪن ۾ ٿيڻ واري لاڪ ڊائونز ان ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي.اهڙي صورتحال ۾ سڄي دنيا جا سرمائيدار حڪمران طبقا ۽ رياستون ان بحران جو سمورو وزن محنت ڪش طبقي جي ڪلهن تي رکڻ جي لاء انهن تي معاشي.سماجي ۽ سياسي حملي پٺيان حملا ڪري رهيا آھن ۽ جوب ۾ محنت ڪش طبقو پڻ پنهنجي حقن جي دفاع جي لاء وس ۽ وت آھر مزاحمت ڪندو رهي ٿو.پاڪستان کي به انهيء ساڳئي صورتحال جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي بلڪ ان کان به وڌيڪ ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيڪو هڪ پٺتي پيل سرمائيداراڻو ملڪ هئڻ جي سبب هتي بحران جي شدت اڃا به وڌيڪ خراب آھي.۽ ھتان جو نام نهاد سرمائيدار طبقو ۽ رياست هن وقت محنت ڪشن جي جسم ۾ رهيل رت جو آخري ڦڙو به نپوڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ آھي.

ان حوالي سان جيڪڏھن اسان گذريل ڪجھ مهينن جي حڪومتي قدمن جو ئي جائزو وٺون ته چٽو ٿي ويندو ته ملڪي سرمائيدارن جي نمائنده ۽ سامراج جي پٺو حڪومت ۽ رياست ڪنهن قدر اگهاڙي روپ ۾ مزدور دشمني تي سندرو ٻڌي لهي پئي آھي. ۽ ۡھر ڏينهن حڪومت جو محنت ڪش طبقي تي هڪ نئون حملو حملو ٿيئي ٿو.ويجهڙائي ۾ ئي حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته پاڪستان ريلوي.اسٽيل ملز.سوئي گئس.پي آئي اي ۽ ٻين ڪيترن ئي عوامي ادارن کي مختلف ڪمپنين ۾ ورهائي ڪري انهن جي“ان بنڊنگ“ ڪئي ويندي.جهنهن جو واحد سبب انهن ادارن جي نفعي بخش حصن ۽ قيمتي اثاثن جي تيز ترين نجڪاري آھي.اهڙي ريت واپڊ ا جهڙا ادارا جيڪي اڳ ئي ڪمپنين ۾ ورهيايل آھن.انهن ۾ به نجڪاري جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌايو ويندو.۽ ان مقصد جي لاء نفعو ڏيندڙ پاور ڊسٽري بيوشن ۽ جنريشن پلانشٽس کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آھي.نجڪاري جي ان عمل سان صحت ۽ تعليم جهڙا بنيادي ضرورتن وارا شعبا پڻ متاثر ٿيا آھن.جنهن جو هڪ مثال سرڪاري اسپتالن جي نجڪاري جي متعلق ايم ٽي آئي ايڪٽ نالي ڪارو قانون آھي.جيئن خيبر پختون خواه ۽ پنجاب کانپوء هاڻي وفاق جي اثر ھيٺ اسپتالن تي به زبردستي لاڳو ڪيو ويو آھي.انهيء ريت تعليمي بجٽ ۽ ايڇ اي سي جي گرانٽس ۾ کوٽ ڪري نجي وخودمختيار سرڪاري تعليمي ادارن کي فيسن ۾ واڌاري جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آھي .ڪجھ عرصو اڳ پي ايم ڊي سي کي رد ڪري ميڊيڪل ايجوڪيشن جي مڪمل ڊي ريگيوليشن ولبرلائيزيشن جو بنيادي مقصد به نجي ميڊيڪل ڪاليج مافيا کي ڦرلٽ جي آزادي ڏيڻي هئي.

نجڪاري جي ان حملي جي نتيجي ۾ جتي هڪ پاسي عوام کي ميسر ٿوريون گھڻيون سرڪاري  سهوليتون به نهايت مهنگيون ڪري سندن پهچ کان ڏور ٿي رهيون آھن.ٻئي پاسي انهن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارن محنت ڪشن تي به نهايت تباه ڪندڙ اثر پئجي رهيا آھن.جبري برطرفين جي هڪ نه رڪجڻ واري سلسلي جي شروعات ٿي چڪي آھي.جنهن جو سڀ کان چٽو مثال نومبر جي پڇاڙي ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي 4500 پرڪرزجي جبري برطرفي آھي.جڏھن ته تصديق ٿيل اطلاعن جي مطابق باقي رهيل ايترن ئي ملازمن جي برطرفي جا ليٽر پڻ تيار ڪيا ويا آھن.مگر اهو سلسلو صرف اسٽيل ملز تائين محدود ناهي بلڪ هر عوامي اداري جي محنت ڪشن سان ساڳيو ئي ظالم ٿي رهيو آھي.پي ٽي.وي.پاڪستان ريڊيو.پي ٽي سي ڊي.۽ علاما اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ سالن کان ڪم ڪرڻ وارن هزارين ملازمن کي هڪ ئي وقت جبري برطرف ڪيو ويو آھي.پي آئي اي ۾ اڳ ته مختلف بهانا ۽ ڪوڙا الزام گهڙي سينڪڙين محنت ڪشن کي ملازمت کان ڪڍيو ويو آھي ۽ ھاڻي نام نهاد وي ايس ايس جي تحت دٻاء وجهي ڪري اٽڪل 2000 وڌيڪ محنت ڪشن کي انڌو منڊو گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي ڪري برطرف ڪيو پيو وڃي.نه صرف اهو بلڪ مستقبل ۾ وڌيڪ 4000 ورڪرز کي پڻ جبري برطرف ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي.جنهن جي نتيجي ۾ پي آئي اي جو ورڪ فورس ماضي جي ڀيٽ ۾ اڌ رهجي ويندو.اهڙي صورتحال ريلوي جي پڻ آھي.جتي هڪ پاسي آئي ايم ايف جي نام نهاد اسٽرلڪڇر سڌارا ۽ ٻيئي پاسي چيني سامراج سان گڏجي ڪري ايم ايل ون منصوبي جي تحت 3000 مستقل ملازمن  کي جبري برطرف ڪري انهن جي جاء تي نهايت ئي گهٽ اجرتن تي ڪنٽريڪٽ ليبر کڻڻ جو منصوبو تيار ٿي چڪو آھي.ان کانسواء گذريل عرصي ۾ وڏي پيماني تي اٽڪل سمورن عوامي ادارن کان ڪنٽريڪٽ, ايڊھاڪ ۽ ڊيلي ويجز محت ڪشن کي برطرف ڪري لاڳاپيل سروسز کي آئوٽ آف سروس ڪيو ويو آھي.بلڪ هينئر تائين ڪيترن ئي ادارن ۾ انهن سروسز جو منڍ کان ئي خاتمو ڪيو پيو وڃي.واضع رهي ته سرڪاري اسپتالن کان وٺي واپڊا تائين سمورن عوامي ادارن جي نجڪاري ۽ جبري برطرفين جو عمل لاز وملزوم آھي.۽ اھو ممڪن آھي ته ڪنهن اداري جي نجڪاري ته ٿي وڃي مگر ان جي ورڪرز کان روزگار نه کيسو وڃي.وڌيڪ اهو ته جبري برطرفي کان بچڻ وارن محنت ڪشن جي مستقل ملازمت جو خاتمو.اجرتن ۾ ڪٽوتي ۽ وقت ۾ واڌارو به آئي ايم ايف جهڙي سامراجي ادارن جي پيش ڪيل اسٽرلڪلچرل سڌارن جو لازمي حصو آھي.

نجي شعبي ۾ صورتحال پبلڪ سيڪٽر کان به ڪافي بدتر آھي.موجوده معاشي بحران کان اڳ به نجي صنعتن ۾ ڪنهن ليبر قانون جي پاسداري نه ٿيندي هئي.ايستائين ته حڪومت جي مقرر ڪيل قيمت به ڪنهن ڪنهن فيڪٽري ۾ ڏني ويندي هئي.ليڪن معاشي بحران جي شروعات ۽ خاص طور تي ڪرونا وائرس وبا جي پهري لهر جي دوران ٿيڻ واري لاڪ ڊائون جو بهانو بڻائي ڪري ملڪ جي ڪافي حصي ۾ نجي شعبي ۾ ڪم.ڪرڻ وارن لکين محنت ڪشن کي مالڪن رياستي آشيرواد سان گڏ جبري برطرف ڪيو آھي.۽ ستم ظريفي اها ته لکين گهرن جون چلهيون اجهائڻ وارن انهن درنده صفت سرمائيدارن کي انهيء عرصي ۾ حڪومت جي طرف کان “محنت ڪشن جو روزگار قائم رکڻ“جي نالي تي کربين جا معاشي ريليف پيڪيج.سبسڊيون.سستن قرضن ۽ ٻين سهوليتن کان نوازيو ويو آھي.مگر لاڪ ڊائون کلڻ کانپوء به نجي شعبي ۾ مزدورن جي معاشي قتل عام جو اهو سلسلو رڪيو ناهي ۽ ھينئر به ڀرپور رياستي پٺڀرائي سان گڏ تيزي سان جاري آھي.ان جو هڪ چٽو مثال نومبر ۾ ٿيڻ واري قانون سازي جي ذريعي ملڪ جي سڀ کانوڏي صوبي پنجاب ۾ “ انسپڪٽر ليس فيڪٽري رجيم“جي تحت نجي صنعتن جي ليبر انسپڪشن جو مڪمل خاتمو آھي.جيتوڻيڪ سمورو محڪمو ليبر اڳ به فيڪٽري مالجن جو زر خريد غلام ئي هو ۽ اهو انسپڪشنز نالي ماتر هوندو.مگر هاڻي ته ان جو به خاتمو ڪيو ويو آھي.

آئي ايم.ايف .ٻين سامراجي ادارن وقوتن ۽ نجي ملڪي بينڪن کي قرضن جي واپسي(وفاقي وزير خزاناجي بيان مطابق موجوده حڪومت اقتدار سنڀالڻ کانپوء صرف ٻاھرين قرضن جو وياج 6000ارب ڊالر ادا ڪري چڪي آھي) ملڪي وغيرملڪي سرمائيدارن کي معاشي سهوليتون ۽ فوجي وسول رياستي اميرن کي عياشي جي لاء ساليانو هزارين ارب روپيا نوازڻ وارا حڪمران هر ڏينهن محنت ڪش عوام تي مهانگائي جي لاء حملا ڪري رهيا آھن.آئي .ايم ايف جي حڪمن جي تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي جزوي ڊي ريگيوليشن ڪئي وئي آھي.جنهن جي نتيجي ۾ هر پندرهين ڏينهن کانپوء ان جي قيمت ۾ واڌارو ڪيو وڃي ٿو آئي پي پيز جي نفعي واري لالچ پوري ڪرڻ 3700 ارب روپين کان وڌيڪ قرضن جو ٻوجھ عوام تي وجهڻ جي لاء بجلي جي ٽيرف ۾ بي انتها واڌاري جي منظوري به ٿي چڪي آھي.۽ ان جو پهريون حملو ٿي چڪو آھي.ان ريت ڪرونا وائرس جي هنگامي صورتحال جي سبب کان معطل آئي.ايم.ايف قرض پروگرام جي ٻيهر بحالي جي شرط طور تي ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس ۽ پگهارن ۽ ملازمن تي لڳڻ واري انڪم ٽيڪس ۾ به وڏي پيماني واڌاري تي پڻ اتفاق ٿي چڪو آھي.وڌيڪ اهو به ته آئي.ايم..ايف جي گهرج تي اسٽيٽ بينڪ کي خودمختياري ڏيڻ ۽ مالياتي شعبي جي مڪمل ڊي ريگيوليشن جي متعلق قانون سازي به ستت ڪئي ويندي.رهيل سهيل ڪسر پوري ڪرڻ جي لاء هر قسم جي ذخيره اندوز مافيا کي مليل موڪل آھي.جنهن جي سبب کان هر ڏينهن مختلف قسمن جي شين جي هٿرادو کوٽ ۽ پوء واڌارو روز جو معمول.بڻجي ويو آھي.جڏھن ته ٻيئي پاسي سول سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ سالياني فائدي کي ختم ڪيو ويو آھي ۽ پينشن ريفارمز جي تحت سويلين ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي“ٻوجهه“ کان جان ڇڏاڻڻ جي لاء مختلف منصوبا ويچار هيٺ آھن.سڌن لفظن ۾ نام نهاد“نئون پاڪستان“ پورهيت و محنت ڪش عوام جي لاء ھڪ اهڙي ٻرندڙ دوزخ بڻجي چڪو آھي ته جتي زندگي جو هر ڏينهن هڪ نه ختم ٿيڻ واري اذيت جهڙو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو