’عظيم ڪوڙ‘ ۽ سٺي نيت واري بدعنواني

’عظيم ڪوڙ‘ ۽ سٺي نيت واري بدعنواني

ليکڪ: ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي
“دي ريپبلڪ” ۾ افلاطون (Plato) “نوبل لاءِ” يعني “عظيم يا شريف ڪوڙ” جو تصور پيش ڪري ٿو، جيڪو هڪ اهڙو افسانو آهي جيڪو حڪمران پنهنجي شهرين لاءِ سماجي هم آهنگي ۽ انصاف قائم رکڻ جي مقصد سان گهڙين ٿا.
افلاطون جي نظر ۾ هڪ فلسفي بادشاهه عام ڀلائي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو؛ هو پنهنجي ماڻهن کي يقين ڏياري سگهي ٿو ته سماج ۾ هر ماڻهو پنهنجي فطري حيثيت مطابق مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي. ظاهر ۾ اهو ڪوڙ بي ضرر لڳي سگهي ٿو. اهڙو ڪوڙ جيڪو حڪمرانن جي ذاتي فائدي لاءِ نه پر عوام جي امن لاءِ هجي. آخرڪار، بيگناهن کي بچائڻ، خوف کي روڪڻ يا سماج ۾ نظم قائم رکڻ لاءِ ڪوڙ کان وڌيڪ “شريف” ڇا ٿي سگهي ٿو؟
پر “شريف ڪوڙ” رڳو ڪوڙ ناهي، اهو هڪ هنر آهي. ڪنهن به هنر وانگر ان ۾ مهارت، مشق ۽ جوازن جو هڪ ڊگهو سلسلو شامل هوندو آهي. هڪ “ضروري” ڪوڙ آهستي آهستي ٻين ڪيترن ڪوڙن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي پهرين ڪوڙ کي بچائڻ لاءِ ضروري ٿي وڃن ٿا. نيڪ نيت سان شروع ٿيل فريب کان مڪمل تباهي تائين جو رستو تمام ننڍو هوندو آهي.
نوبل لاءِ يعني شريف ڪوڙ جو ڍانچو
جديد دور جي علمِ معرفت (epistemology) ۾ حڪومتون ڪڏهن ڪڏهن معاشي انگ اکر لڪائين ٿيون ته جيئن خوف پيدا نه ٿئي؛ ڊاڪٽر ڪنهن موتمار بيماري جي تشخيص مريض کان لڪائين ٿا اميد جي ڪري؛ ۽ اڳواڻ جنگ يا حملي کي جائز ڏيکارڻ لاءِ ثبوتن بابت ڪوڙ ڳالهائين ٿا. هر صورت ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ اهو سمجهي ٿو ته هو ٻئي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هو ڪوڙ کي رحم جو عمل سمجهي پيش ڪري ٿو، ۽ ان جو بار پاڻ کڻي ٿو ته جيئن ٻيا متاثر نه ٿين.
شريف ڪوڙ ڳالهائيندڙ هميشه اهو سمجهي ٿو ته هو وڌيڪ ڄاڻي ٿو؛ هو وڌيڪ صحيح انداز ۾ مستقبل ڏسي سگهي ٿو؛ ۽ هو بهتر سمجهي ٿو ته ماڻهن لاءِ ڇا بهتر آهي. اها سوچ بنيادي طور تي ماڻهن جي خود فيصلو ڪرڻ جي خلاف آهي. ماڻهو جيڪڏهن غلط فيصلو ڪن ٿا ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ سندن بدران فيصلا ڪرڻ کي جائز سمجهي ٿو.
پاڻ کي فريب ڏيڻ جو هنر
شريف ڪوڙ جي اصل خطرناڪ ڳالهه ٻين کي فريب ڏيڻ نه پر پاڻ کي فريب ڏيڻ آهي. ڪوڙ کي “شريف” رکڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي پهرين پاڻ کي يقين ڏيارڻو پوي ٿو ته هو صحيح ڪم ڪري رهيو آهي. هو ڪڏهن به پاڻ کي چالباز يا بزدل نه سمجهي سگهي ٿو، بلڪه هو ان کي تحفظ يا قرباني طور پيش ڪري ٿو.
ان لاءِ هو مختلف جواز پيدا ڪري ٿو: “ماڻهو اڃا تيار ناهن”، “هي صحيح وقت ناهي”، يا “مقصد وسيلن کي جائز بڻائي ٿو”. اهي صرف بهانا ناهن، پر اهڙا عقيدا آهن جن تي واقعي يقين ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري هي فريب وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو. ڇو ته شڪي ماڻهو (cynic) سان بحث ٿي سگهي ٿو، پر جيڪو پاڻ کي نيڪ سمجهي ٿو، اهو پنهنجي ئي غلطين کي به نٿو ڏسي.
تباهي جو اڻ ٽر عمل
ڪو به ڪوڙ هميشه قائم نٿو رهي. اڄ جو ڪوڙ سڀاڻي وڌيڪ ڪوڙن جي سهاري جي ضرورت رکي ٿو. لڪيل اقتصادي حقيقتون جعلي انگن اکرن سان ڍڪبيون آهن؛ لڪيل طبي رپورٽون جعلي رضامندي ۽ ٺهيل خانداني فيصلا پيدا ڪنديون آهن؛ ۽ جنگ بابت ڪوڙا بيان وڌيڪ لڪائڻ، انڪار، ۽ دٻاءَ جو سبب بڻجن ٿا. هر نئين پرت سان خطرا وڌن ٿا، ۽ ڪنهن به وقت سچ جو ظاهر ٿيڻ رڳو شرمندگي نه پر وڏو نقصان بڻجي سگهي ٿو. پوءِ ڪوڙ ڳالهائيندڙ جو ڌيان عوام کي بچائڻ کان هٽي ڪري ڪوڙ کي بچائڻ تي اچي وڃي ٿو.
سچ جو بار: ڄاڻ جي هلڪائي
متبادل ڇا آهي؟ يقيناً سختي يا بربريت نه. ڏکيا سچا لفظ نرمي سان چئي سگهجن ٿا، معلومات کي ذميواري سان سنڀالي سگهجي ٿو بغير ان کي ٺاهي پيش ڪرڻ جي. وقت، حڪمت ۽ اهو احساس ضروري آهي ته بالغ ماڻهن کي فيصلو ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي، بهترين موجود معلومات سان، ڀلي اهي فيصلا ڏکيا هجن.
سچ، پنهنجي فطرت موجب، سار سنڀال نٿو گهري. سچ کي بچائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي؛ ان تي بحث ٿي سگهي ٿو، ان کي جانچي سگهجي ٿو، ۽ اهو وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. سچ تي ٻڌل سماج شايد وڌيڪ بحثي، سست يا پيچيده هجي، پر اهو مضبوط ۽ پائيدار هوندو آهي. ان کي ڪنهن “فلسفي بادشاهه” جي ضرورت نه هوندي آهي، ۽ نه ئي اهو شهرين کي ٻارن وانگر سمجهي ٿو.
“شريف ڪوڙ” هڪ هنر ضرور آهي، پر اهو آهستي آهستي پاڻ کي جواز ڏيڻ، فريب وڌائڻ ۽ حقيقت کان پري ڪرڻ جو فن بڻجي وڃي ٿو. آخرڪار هر نسل کي اهو ئي احساس ٿئي ٿو ته نيڪ نيت ڪوڙ به ڪوڙ ئي هوندو آهي؛ اهو اسان کي حقيقت کان ڌار ڪري ٿو ۽ اعتماد کي ڪمزور ڪري ٿو، جنهن تي سماج ۽ رشتا قائم هوندا آهن.
فريب ۾ ڪا به حقيقي شرافت ناهي. ان ۾ صرف عارضي سڪون آهي، جيڪو سچ جي سختي کان اڳ ملندو آهي. لڳي ٿو ته تباهي لاءِ ٽي شيون ڪافي آهن: هڪ ڪوڙ، هڪ نيڪ نيت، ۽ اها غلط فهمي ته ايمانداري هميشه بهتر حل ناهي.(ليکڪ ڪي پي ڪي ۽ گلگت جو اڳوڻي آءِ جي پوليس ۽ اڳوڻو ڊي جي، ايف آءَ اي به رهيو آهي. هن قانون ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ لا فيڪلٽي جو وزيٽنگ پروفيسر به آهي. سندس هي مضمون 3 جون تي بزنيس رڪارڊر ۾ شايع ٿيو، جيڪو اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو