نوشهروفيروز (رپورٽ،منظور ملڪ)مرحوم عبدالحق ڀرٽ ميموريل ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. جنهن جي پھرين سيمي فائنل مئچ شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ۽ سني ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو. جنھن ۾ سني ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽيندي پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورن ۾ 8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 167 رنسون ٺاهيون. جنھن ۾ معظم لغاري 31 بالن ۾ 50 رنسون ۽ سعيد لغاري 34 بالن ۾ 42 رنسون ٺاهيون ۽ شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن زوھيب لاڙائي 4 اوورن ۾ 38 رنسون ڏيندي 3 وڪيٽون ۽ جڙيل رند 4 اوورن ۾ 33 رنسون ڏيندي 3 وڪيٽون ورتيون.

جوابي بيٽنگ ڪندي شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب 19.5 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون اسڪور ڪيون ۽ مئچ کٽي ورتي. جنھن ۾ زوھيب لاڙائي 24 بالن تي 43 رنسون ۽ افضل سولنگي 30 بالن ۾ 30 رنسون ٺاهيون جڏھن ته سني ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن عامر شاھ 3.5 اوورن ۾ 42 رنسون ڏيندي 2 وڪيٽون ۽ بشارت 4 اوورن ۾ 29 رنسون ڏيندي 2 وڪيٽون ورتيون. زوھيب لاڙائي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. مئچ جو مھمان خاص ٽائون ڪميٽي ڪنڊيارو جو اڳوڻو چيئرمين سيد غلام مرتضي شاھ ۽ عتيق الرحمان راڄپر ھئا.










