معدني وسيلن تي ڌاڙا ۽ غلاماڻيون پرڏيھي پاليسيون

معدني وسيلن تي ڌاڙا ۽ غلاماڻيون پرڏيھي پاليسيون

سيد يوسف شاھہ
اھا ھڪ واضح ۽ چٽي حقيقت آھي تہ جڏھن بہ ڪنھن فرد واحد جي خواھشن ۽ مفادن جي پورائيءَ لاءِ ملڪ ۾ آمراڻين حڪومتن وجود ورتو آھي، تڏھن تڏھن ”ملڪي سالميت“ جي نالي تي ھڪ طرف تہ صوبن جا تاريخي حق ۽ وسيلا ڦٻايا ويا آھن تہ ٻئي پاسي غيرملڪي سامراجي قوتن جي اشاري تي پرڏيھي پاليسيون جوڙي ”پراڪسي جنگون“ وڙھيون ويون آھن، جن جا ھاڃيڪار نتيجا اسان سالن تائين ڀوڳيندا پيا اچون. پر اڄ تائين اسان ”ملڪي سالميت“ جي مفھوم کان ناواقف رھيا آھيون، ڇوتہ ھر ايندڙ ڊڪٽيٽر جي دور ۾ ان لفظ جي معنيٰ ۽ مفھوم بدلجندو رھيو آھي. ايوب خان جي دور ۾ ملڪي سالميت جي نالي تي اسان مٿان ون يونٽ مڙھي صوبن جي تاريخي وجود کي ميساريوويو، يحيٰ خان انھيءَ لفظ کي استعمال ڪندي ملڪ جو وڏو اڌ وڃائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ ملڪي سالميت جي نالي تي آمريڪا جي ”پراڪسي جنگ“ وڙھيو، لکين طالبان پيدا ڪري کين ٽريننگ ۽ ھٿيار ڏنا ويا. ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر متعارف ڪرايو ويو، ملڪ جي رڳن ۾ دھشتگرديءَ ۽ ھيروئن جو زھر ڦھلايو ويو. مشرف وري ساڳين طالبان خلاف ” پرائي جنگ اسان مٿان مسلط ڪري ويو۽ اڄ تائين خودڪش بم ڌماڪن کان اسان جا اسڪول، اسپتال، مسجدون، مقبرا ۽ شھر غير محفوظ آھن ۽ اڄ بہ غير ملڪي افغانين جي لوڌ اسان لاءِ آزار بڻيل آھي. پر تنھن ھوندي بہ آمراڻي ذھنيت رکندڙن ۽ پنھنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندڙن قوم کي اھو ٻڌائڻ جي تڪليف نہ ڪئي آھي تہ سندن اھڙين متضاد پاليسين ملڪ کي ڪٿي وڃي پھچايو آھي، پر اھي پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي اھڙيون پاليسيون جاري رکندا پيا اچن !. اڄ بہ اسان جا اصل اقتدار ڌڻي آمريڪا ۽ سندس صدر رونالڊ ٽرمپ جي دوستيءَ جي ھام ھڻندي ھنبوڇيون ھڻي رھيا آھن ۽ رازداريءَ ۽ ڳجهہ ڳوھہ ۾ آئين کي اورانگهيندي نہ رڳو صوبن جاتاريخي قدرتي معدني وسيلا نيلام ڪري رھيا آھن پر آئين مطابق صوبن جي حصي کان بہ يڪسر انڪاري آھن. نہ رڳو ايترو، پريڪطرفي ۽ غلاماڻي پرڏيھي پاليسي ٺاھي، ملڪي سالميت کي پڻ داءُ تي لڳائي رھيا آھن.اھوئي سبب آھي جو قوم کان لڪائيندي ملڪ مان تيل، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن ڪڍڻ جو آمريڪا سان لڪل معاھدو ڪيو ويو، جنھن جو اعلان بہ پاڪستان جي حڪمرانن بدران آمريڪي صدر پاران ڪيو ويو۽ نيٺ اصل حقيقت ان وقت سامھون آئي جڏھن وزير اعظم، فيلڊ مارشل، وفاقي وزيرن ۽ آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن جي موجودگيءَ ۾آمريڪي معدني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين يونائيٽڊ اسٽيٽ اسٽريٽجڪ ميٽلز ۽ فرنٽيئر ورڪسآرگنائزيشن (FWO) ، موٽا اينگل گروپ ۽ پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپنيءَ وچ ۾ ٻن يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون۽ آمريڪي وقتي سفير نيٽلي بيڪر دينا داستي اھو چيو تہ ”ٽرمپ انتظاميا اھڙن معاھدن کي پنھنجين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آھي ۽ پاڪستان ۾ موجود معدني وسيلا آمريڪي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ نھايت اھم آھن. مستقبل ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ پاڪستان وچ ۾ معدنيات ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي حوالي سان وڌيڪ معاھدا ٿيندا.“ ياد رھي تہ ھن معاھدي مطابق ملڪ اندر موجود سون، ٽامون ۽ ٻيون اڻلڀ ۽ املھہ معدنيات ڪڍيون وينديون . اھوئي سبب آھي جو نامياري آئيني ماھر، قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيوتہ”حڪومت عوام يا پارليامينٽ کي آمريڪا سان نون لاڳاپن جي نوعيت ناهي ٻڌائي، عوام جو حق آهي تہ اهي پرڏيهي پاليسي جي تفصيلن کان آگاهہ هجن، تاريخ شاهد آهي تہ آمريڪا ڪڏھن بہ يقين جوڳو دوست ثابت ناهي ٿيو، ناياب معدنيات يو ايس اسٽريٽيجڪ ميٽلز کي ڏيڻ جي معاهدن جي خبر ميڊيا ذريعي پئي آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي، حقيقي اسٽيڪ هولڊرز صوبا آھن، جن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل(CIC)جو اجلاس گهرائي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي پر حڪومت تسليم ئي نہ پئي ڪري تہ آئين جي آرٽيڪل 172 تحت صوبا معدنيات جا اڌ مالڪ آهن، عالمي ميڊيا کان اهو ڄاڻي ڳڻتي ٿي رھي آهي تہ پسڻي بندرگاهہ واشنگٽن کي ڏني پئي وڃي.ان جا خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي انتهائي سنگين اثر پوندا، حڪومت کي فوري طور پنهنجي نئين آمريڪي پاليسي جي مختلف پهلوئن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.“ اھا پڻ وفاق پاران صوبن جي وسيلن ڦٻائڻ جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي جنھن تحت صدر آصف زرداريءَ ھڪ نئين بل تي صحيح ڪري ”لينڊ پورٽ اٿارٽي“ قائم ڪري ڇڏي آھي.جنھن تحت وفاق کي سمنڊ، بندرگاھن، سمنڊ اندر موجود ٻيٽن ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل ٻين سمورين ملڪيتن تي مالڪي ۽ ڪنٽرول حاصل ٿي ويو آھي، جڏھن تہ آئين مطابق اھو صوبائي سبجيڪٽ آھي ۽ ھن بل کان اڳ سمنڊ ، ان جي ٻيٽن، بندرگاھن ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪيتن تي مالڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن جي ھئي. پر”لينڊ پورٽ اٿارٽي“ قائم ڪري پاڪستان ٺاھيندڙ ۽ ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ رياستن سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ملڪيتن کي بہ وفاق جي قبضي ۾ ڏنو ويو آھي. ظاھر آھي تہ اھو اھتمام رڳو ان ڪري ڪيو ويو آھي جو آمريڪا کي اسان جو سون، ٽامو، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيون املھہ معدنيات پنھنجي ملڪ تائين پھچائڻ جو سمنڊ ذريعي آسان رستو فراھم ڪري سگهجي.! انھيءَ بل جي آڌار تي بلوچستان جي علائقي ”پسڻي“ ۾ آمريڪا کي بندرگاھہ تعمير ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي آھي، جنھن جي ڄاڻ بہ قوم کي برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز ذريعي پئي،جنھنمطابق فيلڊ مارشل عاصم منير جي ويجهن مشيرن آمريڪي عملدارن ۽ سيڙپڪارن کي بلوچستان جي ضلعي گوادر جي تعلقي پسڻي ۾ نئين بندرگاهہ تعميرڪرڻ ۽ هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي۔ جتي هڪ ٽرمينل قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جيڪو پاڪستان جي قيمتي معدني وسيلن تائين رسائي فراهم ڪندو۔ ان جو بنيادي هدف هڪ ريل نيٽ ورڪ تعمير ڪرڻ آهي.  جيڪو بندرگاهہ کي پاڪستان جي معدني وسيلن سان مالا مال اولھہ وارن صوبن سان ڳنڍيندو۔هيءَاڳڀرائي تڏھن سامهون آئي، جڏھن گذريل مهيني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فوجي قيادت وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زرعي، ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ معدني شعبي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي درخواست ڪئي وئي هئي۔ هي قدم بيجنگ ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ وڌندڙ مقابلي جي تناظر ۾ نہ رڳو پاڪستان جي پاليسي جي رخ کي متاثر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ طاقت جي توازن تي بہ گهرا اثر وجهي سگهي ٿو.پاڪستان پاران پسڻي، آمريڪاکي بندرگاهي سهولت طورڏيڻ نہ رڳو هڪ انفراسٽرڪچر منصوبي تائين محدود ھوندو، پر هڪ وڏي جاگرافيائي حڪمت  عملي جو حصو پڻ آهي۔ گوادر جي سامونڊي ڪناري تي موجود ماھيگيرن جو ھيءُ علائقو حقيقت ۾ واشنگٽن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ طاقت جي راند جومرڪز بڻجيويندو، جيتوڻيڪ پاڪستاني قيادت جو خيال آهي تہ هو بيجنگ جي سيڙپڪاري کي برقرار رکندي،واشنگٽن کي خوش ڪري سگهن ٿا، پر هيءَ اميد رکڻ تہ چين 60 ارب ڊالر جي سي پيڪ سيڙپڪاريءَ جي باوجود پنهنجي دروازي تي آمريڪي منصوبي کي قبول ڪندو، عقل واري منطق جي بلڪل ابتڙ آهي. عالمي سطح تي فائنانشل ٽائمز ۾ شايع ٿيندڙ ان خبر تي بہ ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي تہ پاڪستان آمريڪا کي بلوچستان جي پسڻي واري علائقي ۾ فوجي اڏو ڏيڻ جي غيررسمي آڇ ڪئي آهي. تہ ڇا پاڪستان اھا آڇ بلوچستان جي معدنيات جي وڪري لاءِ ڪئي آهي؟ ۽ ڇا صوبي جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سندن وسيلا نيلام ڪيا ويندا؟ پرڏيھي معاملن جي ماھرن مطابق جيڪڏھن اها ڳالهہ درست نڪتي تہ ايران ۽ چين کي سخت خدشا پيدا ٿيندا، ڇو تہ اهو خطي ۾ جاسوسي ۽ آمريڪي فوجي موجودگيءَ وڌائڻ جو سبب بڻجندو. ڇا چين، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو دفاعي ۽ اقتصادي ساٿي آهي، اهڙي ڪنهن بہقدم کي آسانيءَ سان قبول ڪري وٺندو؟، ان صورت ۾ جڏھن گوادر بندرگاهہ اڳ ۾ ئي چين جي سيڙپڪاريءَ جو مرڪز آهي. ماھرن مطابق، پاڪستان حڪومت جي اهڙي پاليسي غيرملڪي خواھشن پٽاندر آهي، جيڪا ملڪ جي اندروني حالتن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. پرڏيھي معاملن جي ماھرن مطابقپاڪستاني قيادت جي وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۽ ان جي تصوير رڳو رسمي ڪارروائي نہ هئي پر ان جي پويان ڪيترائي گهرا منصوبا هئا۔ جڏھن تہ سڪيورٽي ذريعن اهڙين رپورٽن ۾ ڪيل دعوائن جي ترديد ڪندي چيو تہ اها تجويز ”هڪ واپاري خيال“ هئي، سرڪاري پاليسي نہ هئي،پربرطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز انڪشاف ڪيو آهي تہ پاڪستان جي عسڪري قيادت، آمريڪي صدر کي ملاقات کان اڳ ئي بلوچستان جي انتهائي حساس هنڌ پسڻيءَ ۾ معاشي سرگرمين لاءِ اڏي جي آڇ ڪئي ھئي!. فنانشل ٽائيمز پنهنجي اسپيشل رپورٽ ۾ لکيو آهي تہ پاڪستان غير رسمي تجويز سان رابطو انڪري ڪيو آھي جو سرڪاري طور تي هيءُ معاملو بحث هيٺ نہ آيو آهي. جيڪڏھن آمريڪا کي انتهائي حساس جاءِ تي موجود هيءُ بندرگاهہ ملي وڃي ٿو تہ ان کان هو ٻٽو ڪم وٺي سگهي ٿو. هڪ طرف بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي اتان منتقل ڪري سگهندوتہ ٻئي پاسي فوجي موجودگيءَ ذريعي ڪڏھن جنگي ۽ سامونڊي مشقون ڪندو تہ ڪڏھن وري پاڙيسرين تي نظر رکي جاسوسي ڪندو. هيءُ بندرگاهہ ٻين ٻن بندرگاهن وچ ۾ اهم جاءِ والاريندو، هڪ طرف آمريڪا پسڻيءَ تي موجود هوندو تہ ٻئي پاسي چيني نيول بيس گوادر ۾ هوندو. ٽئين پاسي وري ايران جي چاهبار بندرگاهہ تي چين ۽ ڀارت موجود هوندا. ان سان گڏ بندرعباس جيڪو گڏيل عرب امارتن جو آهي، اهو بہ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ جو حصو هوندو. رپورٽ مطابق پسڻي ايران ۽ گوادربندرگاهہ کان فقط ڪجهہ ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ اڪيلو بندر گاهہ ناهي، پر هي مختلف سامونڊي بندرگاهن جيزنجيرآهي، جن تي آمريڪا جو اثررسوخ هوندو. اخبار جي رپورٽ مطابق هڪ سينئر آمريڪي عملدار جو چوڻ آهي تہ پسڻيءَ کي انهن جي حوالي ڪرڻ واري معاملي تي ٽرمپ ۽ ان جي صلاحڪارن ڪا باضابطا ڳالهہ ٻولهہ نہ ڪئي آهي، پر پسڻي بندرگاھہ کي افغانستان جي فوجي سهولت جو متبادل سمجهيو پيو وڃي. رٿا مطابق پسڻي بندرگاهہ کان نئين ريلوي لائين بہ وڇائي ويندي،جنهن ذريعي پاڪستان مان ڪوپر، سون ۽ ٻيا قدرتي وسيلا آمريڪا پھچايا ويندا. هن منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن تائين لڳايو ويو آهي. ظاهري طور چيو ويو آهي تہ هن بندرگاهہ جو ڪنٽرول پاڪستان جي اختيارين وٽ هوندو، پر مختلف ڌريون، ان ڳالھہ کي ناممڪن سمجهن ٿيون. جيڪڏھن موجودهہ پسڻي پورٽ منصوبي ۾ آمريڪا جو سيڙپڪاريءَ وارو ڪردار وڌي ٿو، تہ ممڪن آهي تہ واشنگٽن ٻيهر دفاعي لحاظ سان سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي تہ جيئن ميري ٽائم لاجسٽڪ بيس يا جوائنٽ ٽريننگ سينٽر قائم ڪري سگهجن. جنھن مان اھو اندازو لڳائڻ بنھہ سولوآهي تہ عوام جي نظرن کان لڪائي آمريڪا کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو هي سلسلو ھلي رھيو آهييا نہ. پر ھتي فڪر ان ڳالھہ جو آھي تہ اسان آئين مطابق صوبن جا حق مڃڻ لاءِ تيار نہ آھيون. اسان قوم کي پنھنجين پرڏيھي پاليسين کان باخبر رکڻ بہ ضروري نٿا سمجهون. اسان پنھنجي ئي پارليامينٽ کي پڻ اھڙي آگاھي حاصل ڪرڻ جي قابل نٿا سمجهون. اسان لاءِ آمريڪا کي خوش ڪرڻ خاطر چين، ايران ۽ ٻين سمورن پاڙيسري ملڪن سان پنھنجا معاملا خراب ٿيڻ جو بہ ڪو فڪر ناھي تہ پوءِ اسان ملڪ کي آخر ڪھڙي پاسي وٺي پيا وڃڻ چاھيون ۽ ان جا ملڪي ۽ پرڏيھي طور تي ڪھڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ ڇا ان تي ڪڏھن غور ڪيو ويو آھي.!

پهنجو تبصرو موڪليو