لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف سان اهم ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ شاهد آفريدي جي ذڪا اشرف سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڳاهه ٻولهه ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ذڪا اشرف، شاهد آفريدي کي بورڊ ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪنهن به عهدي تي ڪم ڪرڻ چاهيو ته اسان حاضر آهيون. ذريعن موجب شاهد آفريدي فوري طور ڪنهن به قسم جو عهدو وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.










