سيڪيولرازم ڪنهن مذھب جي خلاف ناهي

سيڪيولرازم ڪنهن مذھب جي خلاف ناهي

طفيل مگسي
سيد سبط حسن لکي ٿو ته“سيڪيولرازم جو بنياد تي انهيء اصول تي قائم آھي ته ضمير.فڪر ۽ اظھار جي آزادي انسان جو بنيادي ۽ پيدائشي حق آھي.ان ڪري هر فرد کي مڪمل اجازت هئڻ گهرجي ته هو سچائي جو رستو پاڻ ڳولي ۽ زندگي جي سمورن مسئلن جو چاهي سنهن جو لاڳاپو سياست ۽ يا اقتصاديات سان هجي يا ادب و فن سان هجي.پنهنجن خيالن کي بنا خوف و خطري جي پيش ڪري.
“طاقت يا ڏاڍ جي زور تي ڪنهن جو منهن (وات) بند ڪرڻ يا ڌمڪائڻ يا داٻي سان ڪنهن کي زبردستي پنهنجن خيالن جو پابند بنائڻ انساني حقن جي انڪاريت آھي“
سيڪيولرازم انساني معاشري جي تنظيم ۽ جو اهڙو رياستي نظام آھي جيڪو چٽي نموني تي طئي ٿيل جغرافيائي حدن ۾ پيدا ٿيڻ ۽ رهڻ وارن سمورن انسانن جي لاء بنا ڪنهن فرق جي برابري وارو تحفظ.فلاح و بهبود ۽ ترقي جي ذميواري قبول ڪري ٿي۽ سيڪيولر رياست انهن مقصدن جي حاصلات جي لاء .گڏيل صلاح و مصلت ۽ انصاف جي اصول کي استعمال ڪري ٿي.
اهائي سيڪيولر پاليسي آھي.جنهن جي ڄاڻي واڻي غلط معني ۽ تشريح ڪئي وئي.اسان وٽ علمي بدديانتي و تعصب جي سبب عام ماڻھن جي ذھنن ۾“غلط مطلب“ويهاريا ويا آھن.مغرب جي ايجادن.گوگل.فيسبڪ.موبائل ۽ ٻي ٽيڪنالوجي .طب ٻين علمن کان فائدو ورتو وڃي ٿو.مگر جڏھن سيڪيولر.سائنسي قدرن کي برداشت ڪرڻ جي همت نٿي ڪئي وڃي.
اوهان جيڪڏھن ڪنهن عام ماڻھوء کان سيڪيولر ازم جي معني يا مطلب پڇندو ته اهي ائين ضرور چوندا ته سيڪيولر جو مطلب آھي دين کان ڏوري.لادينيت.اسلام دشمبي .سيڪس ۽ عورتن جي بي حيائي آھي.
“سيڪيولر پاليسي و قدر جو قطئي مطلب مذھب مخالف ناهي بلڪ هن جو سڌو مطلب اهو آھي ته رياستي سطح تي مذھب جو استعمال نه ٿيئي.رياستي ادارا بنا فرق رنگ ونسل.مذھب ۽ فرقي جي سڀني جي لاء هڪجهڙا آھن.رياست سڀني جي ماء آھي.
مذھبي عقيدا ۽ نظريا عوام جا هوندا آھن جڏھن ته مذھب بندي ۽ خدا جو مامرو هوندو آھي .رياست جو ڪم فلاحي مامرن .انتظامي ۽ انساني مامرن جي باري ۾ آھي.مذھب جيڪو آھي اهو تهذيب وثقافت جو حصو آھي.مذھب جي اصلي سڃاڻپ انساني.نسلي .نظرياتي رواداري ۽ گڏيل رهڻي ڪهڻي يعني“انسانيت“ تي مشتمل آھي.
سيڪيولرازم جا ٽي بنيادي اصول آھن.
1-رياستي ۽ مذھبي علائقي جي علحيدگي.
2-ڪو به عقيدو اختيار ڪرڻ جي آزادي.
3-مذھب جي بنياد تي ورهاست جو خاتمو.
عملي طور تي اسان وٽ ائين لڳي ٿو ته رياست جو صرف شھري جي مذھب سان تعلق ئي آھي ۽ باقي شھري آھي يا مري ويو.ان سان البته ڪو تعلق نظر نٿو اچي…؛
اسان جو مذھب ميان ملائن ۽ ايليٽ ڪلاس جي ڍال.ڪاروبار ۽ ڍال ۽ ھٿيار آھي.
مذھبي هٿڪنڊن .مذھبن ٽچن تي تقريرن ۽ بيانن جي وسيلي انهن تي اجاره داري ۽ روٽي روزي هلي ٿي،..؛
۽ آمراڻين رياستن جي عمارت جو بنياد ئي مذھبي استعمال تي بيٺو آھي.
سيڪيولرازم هن کانسواء ڪجه به ناهي ته مذھب ۽ سماجي.ساسي زندگي (رياست ۽ سياست) کي هڪ ٻيئي کان الڳ رکيو وڃي.تياست انساني هوندي آھي.ڪا خاص مذھبي ناهي بلڪ هڪ جهموري فلاحي رياست ڳچ نظرياتي سيادت.ڳچ ثقافتي ريادت ۽ ڳچ نسلي قومي هوندي آھي.
سيڪيولرازم کي اسان جي اڪثريت لادينيت ئي سمجهي ٿي.
سيڪيولرازم ڪا مذھب مخالف تحريڪ يا نظريو ناهي.مذھب هر فرد جو ذاتي مامرو آھي ۽ اهو هن جو حق آھي ته هن جي مرضي ته جيڪو مذھب اختيار ڪري يا ڇڏي ڏيئي.رياست جو ان سان ڪو مطلب يا مقصد ناهي؛
ان ريت سيڪيولرازم ڪوٽ.شرٽيا پتلون پائڻ .ٽاء ٻڌڻ.شراب پيئڻ.انگريزي ڳالهائڻ جو نانء به ناهي.هر اهو فرد سيڪيولر آھي جيڪو پنهنجي ذاتي زندگي ڀلي مذھب تي عمل ڪندڙ هجي.ليڪن سماجي ۽ سياسي زندگي کان پنهنجن مقصدن کي ڏور رکندو هجي.؛
سيڪيولرازم ۾ رياست جي بنيادي تهذيب اها آھي ته ريادت جو ڪو مذھب ناهي هوندو.رياست جڏھن ڪنهن مذھب سان جڙي ٿي ته اها پنهنجي ان بنيادي تعريف کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي.؛
ڪنهن شھري جو ڇا مذھب آھي.ڇا ناهي يا ڪو مذھب ناهي.رياست جو ان سان ڪو مقصد ناهي.رياست ڪنهن هڪ عقيدي يا فرقي جي نه بلڪ بنا لحاظ جي رياست سڀني شھرين جي.مذھب سڀني شھرين جو؛
رياست مذھب کي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيئي ته مولوي ۽ سندس طاقت جي هواء ڦوڪڻي جيان نڪري ويندي.جيستائين رياست مذھب آھي ان وقت تائين ڪجه نٿو ٿي سگهي؛
State + Politics) Use of Religion in politics= Secularism
پاڪستانين جي ذھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها ڳاله سمجه ۾ نه ايندي.انهن کي يورپ ۾ رهندي چاهي ڪيترو ئي عرصو ڇو نه ٿيو هجي.ليڪن لفظ سيڪيولرازم جو مطلب ۽ سوچ سمجه ناهي هوندي.جنهن سيڪيولر ملڪ ۾ زندگي گهاري رهيا هوندا آھن .انهيء کي به مڪمل طور تي سياسي سمجهن ٿا.اهي پاڪستاني وڏن وڏن پيرن کي يورپ آڻين ٿا ۽ وڏيون وڏيون مذھبي محفلون ۽ ميلاد ڪرائين ٿا.مذھبي تبليغ ڪندا رهن ٿا.ڇا اهي ائي ئي پير فقير ڪنهن ٻيئي مذھب وارن کي اجازت ڏيندا ته سهي به انهن جيان پاڪستان اچي پنهنجيون تبليغي سرگرميون ڪن ؟ ۽ سيڪيولر ملڪن ۾ ته پاڻ ڊوڙي ڊوڙي اچن ٿا؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو