تنزيلا فهد اعواڻ
اها 1954ع جي ڳالهه آهي، جڏهن ٿائلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ هڪ وڏي شاهراهه جي تعمير شروع ٿي. رستي ۾ ٻُڌ جو هڪ وڏو مندر هو. نه صرف مندر هو پر ان سان گڏ مهاتما گوتم ٻُڌ جو مِٽيءَ جو ٺهيل هڪ مجسمو پڻ هو. اهو مجسمو گهڻو قديم ۽ تاريخي هو. اتي جي حڪومت مندر جي مذهبي انتظاميا سان اهو مندر ۽ مجسمو هٽائڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون. مذهبي انتظاميا جي راضي ٿيڻ کان پوءِ اهو حتمي فيصلو ٿيو ته، گوتم ٻُڌ جي مجسمي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو. ان فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪرين گهرائي وئي، پر پوءِ خبر پئي ته اهو مجسمو سندن اندازي کان به وڌيڪ وزني آهي. بهرحال ان منتقليءَ جي ڪوشش ۾ مجسمي ۾ ڪٿان ڪٿان ڏار پئجي ويا، جنهن مان خبر پئي ته اهو مجسمو اندران سڄو سون جو آهي. مِٽيءَ جو تهه ته رُڳو ٻاهرا لڳل آهي. سون جو ڪُل وزن ساڍا پنج هزار ڪلو گرام هو. ان مجسمي کي هاڻي ٿائلينڊ جو Golden Buddha چوندا آهن. اها يادگيري مون کي ان وقت آئي. جڏهن مختلف ٽي وي چينلن تي مون اهو ڏٺو ته بنگلا بنڌو جي مجسمي کي هٿوڙن سان ٽوڙيو ۽ ڪرين سان ڊاٺو پئي ويو. هن وقت ته اهو انهن احتجاجين لاءِ مِٽيءَ جو مجسمو آهي پر اڳتي هلي تاريخ انهن کي اهو احساس ضرور ڏياريندي ته، اهو مِٽيءَ جو مجسمو نه پر انهن سونَ جهڙي سرواڻ جو بدن پُرزا پُرزا ڪيو آهي. اهي جيڪي پاڻ کي “بت شڪن” سمجهن ٿا، اهي غزنيءَ واري حملي آور جي روحاني منصب تي پاڻ کي فائز تصور ڪن ٿا.
عام بنگالي نه پر اهي البدر ۽ الشمس جي باقيات آهن، جن آخري ڏينهن ۾ فوج سان گڏجي ان سڄي جدوجهد کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو هو. 58 سالن جي ان فوجي سربراهه جنرل وقار الزمان، جنهن 23 جون 2024ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي هئي، ان ڪريزي سپهه سالار چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ سوا مهينو مس لڳايو. شاگرد جدوجهد ته فوجي ڪوٽا خلاف هئي پر ان جدوجهد جي نتيجي ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪري مارشل لا لڳائي ڇڏي آهي. پارليامينٽ تحليل ڪئي وئي آهي، ڪرپشن جي الزام ۾ قيد خالده ضياءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي تان پابندي هٽائي وئي آهي. احتجاجي شاگردن گرامين بينڪ جي باني، نوبل انعام يافته اقتصادي ماهر محمد يونس کي عبوري حڪومت جو سربراهه بنائڻ جي گهر ڪئي آهي ۽ فوجي حڪومت ۾ ان کي ايڊوائيزر بنائڻ جو امڪان آهي. احتجاج ڪندڙن کي هاڻي ئي احساس ٿي ويو آهي ته، مٽيءَ جو مجسمو سڄو سون جو ٺهيل آهي، ان ڪري شاگردن جي اڳواڻن اهو چيو آهي ته، فوج جي حمايت يافته يا فوج جي سربراهيءَ ۾ ڪنهن به حڪومت کي قبول نه ڪيو ويندو. پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي! جڏهن به فوج اقتدار تي قبضو ڪيو آهي ته، اها آسانيءَ سان اقتدار مان هٿ ناهي ڪڍندي.
حسينا واجد کان توڙي جو، خبرن موجب، گن پوائنٽ تي اقتدار کسي کيس محفوظ رستو ڏنو ويو. هُوءَ ڀارت رواني ٿي وئي پر ڀارت به ان کي ڊگهي مدي لاءِ پناهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هُن جي اڳئين منزل برطانيا ٿي سگهي ٿي پر تازين خبرن موجب برطانيا کيس پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا هن جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي. حسينا واجد اقتدار جي مسند ڇڏي هندوستان هلي وئي پر عوامي ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ٻرندڙ باهه ۾ ڇڏي وئي، جن تي مڇريل ماڻهن ۽ جماعت اسلام جي شاگرد تنظيم جي ڪارڪنن جا حملا شروع ٿي ويا آهن. انهن جي گهرن ۽ آفيسن کي باهيون ڏنيون پيون وڃن. توڙي جو فوجي سربراهه امن قائم ڪرڻ جو چئي چڪو آهي پر امن ڪڏهن به سپهه سالارن جي مفادن ۾ رهندو ئي ناهي. ان ڪري ان انارڪيءَ ۽ تشدد کي حڪومت سپهه سالار طرفان خاموش قبوليت مليل آهي. احتجاج اڃان به جاري آهي. بنگلاديش جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عوامي ليگ جي رڪن قومي اسيمبلي مشرفي مرتضيٰ سميت اڳوڻي حڪمران جماعت جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي گهرن کي مڇريل ماڻهن باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته سماجن ۾ تبديلي، اقتدار جي پرامن منتقلي، جمهوري روايتن، انصاف، ميرٽ، برابري، ايمانداري ۽ تعليم سان ايندي آهي. رات وچ ۾ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ سان نه. حسينا واجد جي دور ۾ معيشت ترقي ڪئي، مذهب جي نالي تي تفرقو پيدا ڪندڙن کي لغام ڏنو ويو. سياست ۾ مذهب جي مداخلت کي گهٽايو ويو. جماعت اسلامي کي ناڪيلي وڌي وئي. اهي بهترين قدم هئا پر سندس ناڪاري رويو ۽ سخت گيري عوامي ڪاوڙ کي جنم ڏنو. اها پڻ حقيقت آهي ته هُوءَ فوج جي حمايت سان اقتدار ۾ ايندي رهي آهي ۽ آخري چونڊن جي نتيجي ۾ هُوءَ اقتدار ۾ آئي ته، ان وقت ووٽرن جو آئوٽ ٽرن 40 سيڪڙي کان به گهٽ هو. هُوءَ به ضرورت کان وڌيڪ سخت گير ٿي وئي، جنهن عوامي ڪاوڙ کي جنم ڏنو ۽ عوامي احتجاج سبب کيس ذلت آميز طريقي سان اقتدار کان ڌار ڪيو ويو. اهي پڻ خبرون آهن ته، خود عوامي ليگ جي شاگرد ونگ جي ڪارڪنن به مخالف سياسي ڌُرين جي احتجاج تي فائرنگ ڪئي. مطلب ته سياسي مخالفت جڏهن دشمنيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ته، اها اهڙي ئي صورتحال کي جنم ڏيندي آهي، جهڙا لقاءَ بنگلاديش ۾ نظر اچي رهيا آهن.
5 آگسٽ 2024ع تي ڍاڪا ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان کي اهڙي مايوس هجوم جو احتجاج قرار ڏئي سگهجي ٿو، جنهن وٽ معاشي ترقي مسئلن، ناانصافيءَ ۽ غُربت جي خاتمي جو ڪو به حل موجود نه آهي. ان ۾ ڏوهه احتجاج ۽ سول نافرماني ڪندڙ عوام جو نه آهي ۽ نه ئي نوجوانن ۽ شاگردن جو آهي. انهن ڀڙڪي اُٿيل مايوس ماڻهن وٽ ٻيو ڪو رستو ئي نه ڇڏيو هو. نوجوانن ۽ وچولي طبقي لاءِ پارليامينٽ جا دروازا بند هئا. انهن جو آواز اشرافيه جي ڪنن تائين ڪونه ٿي پهتو. اهي نظام کان تنگ هئا. انهن تبديلي ٿي چاهي پر ڏهاڪن جي جبر جون حالتون رات وچ ۾ تبديل ڪونه ٿينديون آهن. بنگلاديش ۾ اها عوامي جدوجهد هاءِ جيڪ ٿي وئي. دراصل بنگلاديش جي مسئلن جو آغاز ئي هاڻي ٿيو آهي. بنگلاديشي سپهه سالار آسانيءَ سان اقتدار نه ڇڏيندو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، ان مارشل لا لڳائڻ شرط ئي فوج ۾ تبديليون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. هڪ ميجر جنرل کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪي ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته، بنگلاديش ۾ اهو عوامي احتجاج جو هڪ ٽريلر رليز ٿيو آهي، اصل فلم ته هتي پاڪستان ۾ رليز ٿيندي.
بهرحال ڇا به هجي، پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، حسينا واجد جو دور بنگلاديش جي ترقيءَ جو سنهري دور هو. ڏکڻ ايشيا ۾ ترقيءَ جي رفتار ۾ بنگلاديش ڀارت کي پوئتي ڇڏي ويو هو. مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو هو. گارمينٽس جي صنعت ترقي ڪئي. ملڪ ۾ سي پيڪ جي طرز تي وڏا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا پر اها به حقيقت آهي ته، حسينا واجد هڪ فاشسٽ ليڊر جو روپ اختيار ڪري چڪي هئي. اهي ٽي عام چونڊون هيون، جيڪي هُو اڪيلي سر وڙهندي ۽ کٽندي رهي. اپوزيشن بائيڪاٽ ڪيو. هن نه صرف پنهنجي مخالفن خلاف رياستي مشينريءَ جو استعمال ڪيو پر عوامي ليگ جي ڪارڪنن غنڊه گرديءَ ۾ هڪ ڪلٽ جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ چِٽي ٿي سامهون ايندي ته ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ٻاهريون قوتون ملوث هيون، جيڪي چيني پراجيڪٽس کي رول بيڪ ڪرائڻ ٿيون چاهين. بهرحال هن وقت اهو سُٺو نه ٿيو، جو بنگلاديش سياسي آمريت کان باوردي آمريت تائين وڃي پهتو.
روزاني پننهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










