ڇا سياست پاڻ سازش ٿي ڪري ؟

ڇا سياست پاڻ سازش ٿي ڪري ؟

رياض ابڙو
گذريل سال 12 مارچ تي پارليامان پاڻ فيصلو ڪيو هيو ته هن خان تي هاڻي اعتبار ناهي ان ڪري هن کي ووٽ آف نو ڪانفيڊنس ڏئي پارليمان مان ڪڍرائي ڇڏيو جو وري ڪا واھ نه بچيس جو پارليامان ۾ موٽي وڃي، ان کانپوءِ هن جيڪي ڳوٽون کيڏيون اهي ڪم جون نه ٿيس پوءِ ان ۾ 43 ايم اين ايز جو استعفائون به ڪجھ نه ڪري سگهيون، پنجاب اسيمبليون ٽوڙي به ڪجھ نه ڪري سگهيو، پر هاڻي واري ڳوٽ مضبوط ٿي لڳيس جو هن ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد جي ڪَڇَ ورتي آ ۽ سمجهي ٿو ته هاڻي هن کي ڪير چوڻ وارو ناهي، نه ئي ڪورٽون هن کي ڪجھ چونديون، نه هن جي لاءِ ڪا شنوائي ٿيندي، نه ئي رياست کي ايتري طاقت آهي جو هو هن کي هاڻي گرفتار ڪري سگهي، ان ڪري رياست به آهستي آهستي هن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ جي چڪر ۾ هئي ته هن جي گرفتاري ممڪن ٿئي پر خوف اهو به آهي ته ڪٿي سول وار نه لڳي وڃي جو روڊن تي هاڻي هڪ اڌ خون ته کڻي سياست جي نالي ٿئي به پر روڊن رستن تي جي خون جون ننديون وهي هليون ته پوءِ هن سرڪار جو تختو اونڌو ٿي ويندو ۽ ملڪ جو پاڙون لڏي نه وڃن، ڇو ته خان وٽ هاڻي هٿياربند جدوجهد به آهي، جو جيڪي به طالبان جي ڌڙا آهن اهي هن جا ئي سلامي آهن ۽ وڏي ڳالھ ته 22 ڊسمبر 2022 تي باجوا سان ملاقات ڪرائڻ ۾ به هن ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد جو ئي هٿ هيو، هن باجوا کي پارت ڪئي هئي ته ڪهڙي به طريقي فوجي اسٽبلشمينٽ هن سان اندروني ٺاھ ڪري ۽ هن کي ڪرسي موٽائي ڏئي، ان ڪري خان جي 43 وزيرن جي استعفائن تان هٿ کڻڻ ۾ اهو به هيو ته هاڻي اندروني طرح هي به شهبازشريف جي خلاف عدم اعتماد جي تحرڪ هلائيندو ۽ اهي سڀ جا سڀ وزير وڃي ايوان ۾ ويهندا ۽ هي به هاڻي روڊن ۽ ڪنٽينرن جي سياست ڇڏي ايوان ۾ ويهڻ لاءِ تيار هيو، ان ڪري ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد فوج سان پنهنجا رابطا ۽ واسطا هلايا ۽ فوج کي هن سان ملڻ تي قائل ڪيائين پر دال نه ڳريس، ان ڪري جو هن جي خلاف ڪورٽن جا ڪيسن ۽ ملڪي سياستدانن ۽ اسٽبلشمينٽ سان نفرت انگيز رويي 13 پارٽين کي منجهائي ڇڏيو يا جيڪو ڪلھ تائين آمريڪا کي سازشي پيو سڏي يا سمجهي پيو ته سي آءِ آءِ ڪا مداخلت ڪئي آ جو هن کي پاليامان مان تڙي لڍي ڇڏين ۽ هن جي ٺري ٿڌي حڪومت هلي وئي جو هن جي پيرن هيٺان باھ ٻاري ڏنن ۽ راتو واھ هن کي وزيراعظم هائوس مان بي دخل ڪري ڇڏين جو وري مڙي نه آيو يا نه اچي سگهيو ۽ ائين لڳو ته هاڻي هن جي سياست ان طالبان مائيڊسيٽ ۾ دٻجي ويندي يا ڪي پي ۾ هر به لسانيت واري سياست شروع ڪندو ۽ واقعي ئي شروع ڪري ڏانائين ان ڪري زمان پارڪ ۾ جيڪي به شرزنگيز گڏيا يا جن جي مٿان پنجاب پوليس ڪيس داخل ڪيا آهن اهي سڀ جا سڀ هن جي ڪي پيءَ جا پرستار آهن جن هن جي مٿان سرگهوريو باقي ميڊيا مهم يا ”ورڊ آف مائوٿ“ مان يا ”پبلڪ اوپينين“ مان ائين ٿو لڳي ته هاڻي هي پنجاب مان ٽپڙ ويڙهي ويندو.
يا ڳالھ وري ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد آمريڪي باشندو ته آهي پر هو مزارشريف (افغانستان) جو ڄائو به آهي ۽ عراق، ايران ۽ افغانستان جي ايمبيسيڊر جي پوزيشن تي آمريڪي خدمتون سرانجام به ڏيندو رهيو آهي پر هزارين طالبان مارائڻ ۾ به هن جو هٿ رهيو آهي، ان ڪري هن مهل تائين جيڪي به اعلي سطح جو ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن ان ۾ هن جي شموليت رهندي آئي آهي يا هو ڀلي ريپبليڪن به هجي پر ڊيموڪريٽ به هن جي چڱي خاطرتوازع ڪندا رهندا آهن يا آمريڪي سينيٽ ۾ هن جي هلندي پڄندي آهي يا هو هڪ پي ايڇ ڊي هولڊر ڊاڪٽر به آهي جنهن 200 کان وڌيڪ انگريزي ڪتاب به لکيا آهن جيڪي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمان به ٿي چڪا آهن، پر ڳالھ ڪرڻ جي اها به آهي ته هاڻي واري سياسي پيش منظر ۾ يا طالبان افغانستان ۽ پاڪستاني معاملن جي پس منظر ۾ يا غيرملڪي ايجنسين جيئن سي آءِ اي يا اسرائيلي موساد کي طالبان سان ڳالهين جي طرف وٺي وڃڻ، يا آمريڪي الائيڊ فورسز جي افغانستان مان انخلا ڪرائڻ ۾ يا هاڻي افغاني طالبان جي مٿان آمريڪي هلان گهٽ ڪرائڻ ۾ هي ڊاڪٽر صاحب ڪامياب ضرور ويو آهي يا اندر ئي اندر افغانستان جو درد رکي ٿو، پر هاڻي پاڪستاني ادارن سان لهوچڙ جي ڪري ۽ عمران خان جي سڌي حمايت جي ڪري هن ڊاڪٽر زَلمي پاڪستاني رياست کي اهڙو وائڙو ڪري ڇڏيو آ جو عام پرسيپشن اهو ٿو بيهي ته ايندڙ سرڪار هڪ اچي مشڪل يا جي کڻي آئي ته هن تي جهيڙو ٿيندو ان ڪري ته عمران خان هارَ مڃڻ لاءِ قطعن تيار ناهي يا هو هر صورت عام چونڊن ۾ ڪاميابي ٿو چاهي يا هاڻي به ڏسون ته 30 اپريل تي ٿيندڙ چونڊون وري 8 آڪٽوبر 2023 تائين ملتوي ٿي ويون يا ٿي سگهي ٿو ته 8 آڪٽوبر تي به نه ٿين (يا جيڪا ان ڪري به نه ٿينديون جو مٿان وري عام چونڊن جو اعلان ٿيڻ وارو هوندو) يا ان ڪري ته آمريڪا سعودي ۽ ايران جي معاملن تي ۽ چين ۽ روس سان پاڪستاني لهوچڙ تي تپيو پيو آ ان ڪري معاملا رياست جي لاءِ خراب ترين رهندا ان بيروني داٻاءَ جي ڪري اندروني سياست سدائين گڙٻڙ رهندي آئي يا شهبازشريف مئي 2023 ۾ روس کان تيل خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو آ يا ايران کان گيس بحال ڪرائيندا ته اها ڳالھ وري آمريڪا کي وڌيڪ پاڻيءَ مان ڪڍي سگهي ٿي جنهن جا اثر هاڻي واري آءِ ايم ايف جي پئيسن قسط جا قسط مان لڳي ٿو، بهرحال.
يا جتي عمران خان ڪورٽن کي به ڪم ڪرڻ ٿو ڏئي، نه اليڪشن ڪميشن کي ڪو فيصلو ڪرڻ ٿو ڏئي يا جيڪو به شخص ڀلي اهو عسڪري ادارن ۾ ويٺو هجي يا اليڪشن ڪميشن جو ڪرتاڌرتا هجي يا جيڪو سپريم يا هاءِ ڪورٽن جا ڪم اڪلائيندو هجي، انهن سڀني کي هي نشاني تي رکيون اچو، يا ماضيءَ جو هن جون تقريرون کڻي ڏسون ته ٽي ايل پي کي نومبر 2020 ۾ ڪو احتجاج ڪرڻ نه ٿو ڏئي يا سپريم ڪورٽ جا فيصلا جڏهن پي ڊي ايم جي ڳچيءَ ۾ پيا يا ڪورٽن جا فيصلا جڏهن شهبازشريف يا نوازشريف ۽ مريم نوازشريف ۽ حمزاشهباز جي خلاف ٿيندا رهيا يا اهي عمران خان کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ٿيندا رهيا يا نيب جڏهن هن جي چوڻ تي نون ليگ جي سڄي آڪنهن ٻڌي وئي يا ايف آءِ اي يا ايف بي آِ جڏهن هن جي چوڻ آکڻ ۾ هيون ته سڀ صحيح هيو هاڻي رڳو ڪورٽ هن ڏي هڪ سمن موڪلي تي هن آسمان کڻي مٿي تي کنيو يا الائي جي ڇا ڇا بڪيو ته رياست هن سان هيئن ڪندي ۽ هونءَ ڪندي پپر هن وزيراعظم کي اهي شيون زيب نه ٿيون ڏين ان ڪري ته شينهن کي جيڪڏهن گدڙن جو ليڊر بڻائجي ته سڀ جا سڀ گدڙ به شينهن ٻَڌو يا گدڙ کي شينهن جو اڳواڻ بڻائجي ته سڀ جا سڀ شينهن پوءِ گدڙ ٻَڌو (هڪ جرمن چوڻي) يا جيڪو به هن خلاف ڪا ڳالھ ٿو ڪري ته هي ان جي ننڊ ڦٽائي ٿو ويهي يا جيڪا ڳالھ هن جي خلاف ٿي ٿئي ته هي اڀو ٿي ٿو بيهي، هاڻي ان صورتحال ۾ فوج ڪاڏي وڃي يا ڪورٽون ڇا ڪن.
يا طالبان رڳو اهي ناهن جيڪي وَرَ کنئيون بغل ۾ بندوق کڻي گهمن پر هاڻي ته پي ٽي آءِ جا سپورٽر به طالبان ٿا لڳن ان ڪري ته جهڙو حشر هنن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪيو آ يا جنهن طرح هنن رياست کي جمود جو شڪار ڪري ڇڏيو آ، يا جيتري ڀڃ ڊاھ هنن پنجاب جي شهرن ۾ ڪئي آ، شايد ڪٿي ڪئي هجين، پر پوءِ به بي ڏوهي آهن، يا ڪورٽن کان پاڻ بچائڻ جي چڪر ۾ هي پاڻ کي ڪڏهن بي بي سان ٿو ملائي، ڪڏهن مرتضي ڀٽو بڻجي ٿو وڃي يا ڪڏهن ٿو چئي ته هن جي مٿان فائرنگ ڪندا يا ڪڏهن ٿو چئي ته هن کي گرفتار ڪري چمن جيل موڪليندا يا ڀلا جيڪي به سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻ هجن ٿا اهي ته اڊيالا جيل کان ٿي موٽي ٿا اچن يا پنجابي ليڊر الاماشا جي کڻي گرفتار به ٿين ٿا ته اهي لانڍي يا وري به چمن جي جيلن جي ياترا ڪري موٽي ٿا وڃن ان ۾ ڇاهي ان ڪري هي هي به چمن جيل ڏسي، پر هاڻي واري پيش منظر ۾ اها ڳالھ چٽي آ ته پنجاب اسٽبلشمينٽ ۽ عسڪري قوتن جو هيل رڳو عمران خان ۽ طالبان مائينڊ سيٽ سان مهاڏو اٽڪبو، ان ڪري جو جيڪي ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد وانگي آمريڪي سينيٽ ۾ ويهي به آفيشلي عمران خان جي سپورٽ ۾ ورَ کڻي لهي پون يا ٽويٽ جي مٿان ٽويٽ ٿا ڪن ۽ رياست کي ڌمڪائن ٿا ته متان عمران خان کي گرفتار ڪيو اٿوَ يا هن کي ڪنهن طرح نااهل ڪيو اٿوَ ۽ جي ائين ڪندوَ ته هي ملڪ ٽٽي ويندو، ان ڪري هاڻي عمران خان جا سپورٽ رڳو پي ٽي آءِ وارا ناهن پر هڙئي طالبان به هاڻي آفيشلائيز يوٿيا ٿي پيا آهن جيڪي خطرناڪ بڻبا.

پهنجو تبصرو موڪليو