ڊاڪٽر اختر حسين ڀٽو/ اسڪن اسپيشلسٽ لاڙڪاڻو
صحتمند زندگيءَ لاءِ متوازن غذا تمام ضروري آهي جنهن جي ڪري انساني زندگي تي پڻ تمام سٺو اثر پوي ٿو ۽ ڪافي سارين بيمارين کان پڻ بچي سگهجي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ت اسان پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ متوازن غذا جي استعمال کي يقيني بڻايون. جڏهن ب صحت جي ڳالھ ٿئي ٿي، ت گهڻا ماڻهو بيمارين جي علاج دوائن يا جديد ٽيڪنيڪ تي ڌيان ڏين ٿا، پر اسان وساري ڇڏيون ٿا ت صحت جي پهرين شرط “صحتمند غذا” آهي. غذا انسان جي جسماني، ذهني ۽ جذباتي صحت جو بنياد آهي ۽ جڏهن اها غذا متوازن ن هجي، ت بيماريون ن رڳو در تي دستڪ ڏين ٿيون، پر جسم کي آهستي آهستي اندر کان ڪمزور ب بڻائين ٿيون.
سنڌ، خاص طور تي ٻهراڙي وارا علائقا، هن وقت غذائي کوٽ جي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. معاشي ڏڪر، ماحولياتي تبديليون، پاڻي جي قلت ۽ تعليم جي کوٽ سبب ماڻهن وٽ ن مناسب خوراڪ آهي ن ان جي اهميت جو شعور، نتيجي طور، غذائي کوٽ سبب جسم جا بنيادي نظام متاثر ٿين ٿا. انهن مان سڀ کان پهرين علامتون انسان جي چمڙي تي ظاهر ٿين ٿيون جن ۾ شامل آھن:
*چمڙي جي خشڪي ۽ ڦا ٽڻ
*وار ڪرڻ
*چمڙي تي زخم يا نشان
*زخم جو دير سان ڀرڻ
*چمڙيءَ تي خارش، ڦٽ ۽ رنگت جو ڦڪو ٿيڻ
غذائي کوٽ جا انساني صحت تي مجموئي اثرات:-
غذائي کوٽ ڪنهن هڪ جزو تائين محدود ناهي، اها ڪيترن ئي ويٽامنز، منرلز، ۽ پروٽينز جي کوٽ جو مجموعو آهي. اچو ت سمجهون ته هن کوٽ جا صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا:
1. ويٽامن “A” جي کوٽ.
اثر: اکين جي خشڪي، رات جو نظر جي ڪمزوري، قوت مدافعت جي نظام جي ڪمزوري
چمڙي تي اثر: خشڪي، چمڙي جو بي جان ٿيڻ
مثال: ٻهراڙيءَ جي ڪيترن ٻارن ۾ زيروفٿيلميا (اکين جي سڪڻ) جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.
2. آئرن جي کوٽ (رت جي ڪمي – اينيميا)
اثر: ٿڪاوٽ، ڪمزوري، ڦڪو چهرو، دل جو ڌڙڪڻ وڌڻ
چمڙي تي اثر: وار ڪرڻ، چهري تي ڦڪو پن، نھن جو ڀڃجڻ
مثال: ٿرپارڪر ۽ بدين جي علائقن ۾ اينيميا عام آهي، خاص ڪري عورتن ۾.
3. پروٽين جي کوٽ (ڪواشيورڪر ۽ ميراسمس)
اثر: وزن گهٽجڻ، عضون جي ڪمزوري، جسم تي سُٓوج
چمڙي تي اثر: چمڙي جا فٽ ، وار ن جو خشڪ ۽ سخت تيڻ، زخم جو دير سان ڀرجڻ.
4. ويٽامن C جي کوٽ (اسڪروي)
اثر: مھارن مان رت اچڻ، چمڙي تي نشان، جسماني ڪمزوري ، سور رھڻ۽ آساني سان زخم ٿيڻ
مثال: ميون جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بالغ ماڻهو مھارن جي بيمارين جو شڪار آهن.
5. ويٽامن D جي کوٽ
اثر: هڏن جي ڪمزوري، ٿڪاوٽ، قوت مدافعت جي نظام جي ڪمزوري
چمڙي تي اثر: خشڪي، خارش، ايڪزيما
مثال: شهرن ۾ بند ڪمري واري زندگي گذارڻ سبب ٻارن ۽ عورتن ۾ ويٽامن D جي کوٽ وڌي رهي آهي.
6. زنڪ، ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جي کوٽ
اثر: جسم ۾ سور، ڪمزوري، ٿولھ يا هڏن جي سور
چمڙي تي اثر: جلد جو ڦاٽڻ، نھن جو ڀڃجڻ، وار ڪرڻ
مثال: جسماني محنت ڪندڙ مزدور جن کي مناسب غذا ن ملي، سندن جسم جلد ٿڪجي پوي ٿو.
7. پاڻي جي کوٽ
اثر: گردن جي بيماريون، رت جي رواني جي رڪاوٽ
چمڙي تي اثر: خشڪ بي جان، ۽ چمڪ وڃايل چمڙين
مثال: ٿر ۽ ٻين صحرائي علائقن ۾ پيئڻ لائق پاڻي نه هجڻ سبب جلد جون بيماريون وڌي رهيون آهن.
غذائي کوٽ کان بچڻ جا آسان قدم
روزانو تازيون ڀاڄيون، ميوا، دالون، ۽ گوشت استعمال ڪريو
کير ۽ ان جا جزا، غذا ۾ شامل ڪريو مناسب مقدار ۾ صاف پاڻي پيو روزانو 20-30 منٽ سج جي روشني ۾ رهو (ويٽامن D لاءِ)
ضروري هجي ته سپليمينٽس ڊاڪٽر جي صلاح سان وٺو
ٻارن پيٽ سان عورتن، ۽ پوڙهن ماڻهن جي غذا تي خاص ڌيان ڏيو.
اسان جو پيغام:
اسان جو مشن آهي ته عوام کي غذائي کوٽ جي نقصانن بابت شعور ڏجي، چمڙي تي ظاهر ٿيندڙ علامتن کي نظرانداز ن ڪيو وڃي ۽ بروقت ماهر ڊاڪٽرن کان رجوع ڪيو وڃي.
ياد رکو: صحتمند غذا سان ن صرف بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، پر هڪ صحتمند، خوشحال، ۽ باوقار زندگي پڻ گذاري سگهجي ٿي.










