سنڌ ۾ تعليم بچايو تحريڪ ۽ ٻوڙا بڻيل سنڌ جا حاڪم

سنڌ ۾ تعليم بچايو تحريڪ ۽ ٻوڙا بڻيل سنڌ جا حاڪم

تحرير. شيرمحمد سولنگي
سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي آڙ وٺي سنڌ جي تعليم تباه ڪري ڇڏي آهي.بازارون ميلا ملاکڙا سرعام هلي رهيا آهن.جتي لکين ماڻهو گڏ هجن ٿا اتي ڪرونا جو خطرو نظر نٿو اچي.، 2020 کان سنڌ جا تعليمي ادارا بند هئڻ ڪري سنڌ جي تعليم کي زيرو ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته سنڌ جي تعليم کي تباه ڪرڻ ۾ سوچيل سمجهيل سازش نظر اچي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت فوري طور سنڌ جا تعليمي ادارا کولي سنڌ جي لکين معصوم شاگردن جو مستقبل تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي، سنڌ حڪومت طرفان اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جي فيصلي تي خانگي اسڪولن جي انتظاميا تعليم بچايو تحريڪ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي 23 آگسٽ کان اسڪول نه کولڻ جي اعلان کانپوءِ آل پرائيويٽ اسڪولز مئنيجمينٽ ايسوسيئيشن جو هنگامي اجلاس چيئرمين طارق شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سمورا ميمبر شريڪ ٿيا، ان حوالي سان طارق شاهه چيو ته اسان حڪومت کان 23 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو مطالبو ٿا ڪيون، ٻي صورت ۾ تعليمي سرگرميون روڊن تي جاري رکنداسين، ٻارن کي روڊن تي پڙهائينداسين، هن چيو ته بندش سبب اڳ ئي تعليم جو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي، تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، صحت واري وزير به موجود هئي، ايس او پيز ۽ نظرثاني لاءِ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي، وري اهڙو ڇا ٿي ويو هو فيصلو تبديل ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته توهان جڏهن چاهيو اسڪول کولي ٿا ڇڏيو ۽ جڏهن چاهيو بند ٿا ڪري ڇڏيو، حڪومت اسڪول کولڻ جي اجازت نه ڏني ته به اسان پنهنجي فيصلي تي قائم رهنداسين، تعليم بچايو تحريڪ سان گڏ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙينداسين، سنڌ ۾ اسڪول 23 آگسٽ کان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هاڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئون اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه تعليمي ادارن کي مشروط طور کولڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته صوبي ۾ 23 آگسٽ کان تعليمي ادارا کوليا ويندا، اسڪول گهٽ حاضري سان کوليا ويندا پر جن اسڪولن ۾ ويڪسينيشن 100 سيڪڙو آهي، اهي 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا پر هاڻ نئين اعلان کانپوءِ اسڪول 30 آگسٽ کان کلندا. ان حوالي سان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو نه کوليا ويندا ته جيئن استاد، اسٽاف ۽ والدين ويڪسينيشن ڪرائن، اسڪول ٽيچرز ۽ والدين کي به پنهنجو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪورونا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، هن چوي ته وزيراعليٰ سنڌ سان اڄ صلاح مشوري ۾ سڀني رخن کان جائزو وٺندي بندش جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تعليم واري صوبائي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن صحت کاتي ايندڙ هفتي ڪورونا جي نئين لهر جي نتيجن کان خبردار ڪيو هو، جنهن ۾ والدين ۽ ٻارن جي فائدن کي ڏسندي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، سردار شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ماڻهن ۽ ٻارن جي صحت کي ترجيح ڏيندي ۽ ان حوالي سان محتاط رهندي فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ هفتي کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺندي وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو، ان سان گڏ هن ٻارن جي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجي ويڪسين ڪرايو ته جيئن اسان سڀني جا ٻار محفوظ رهن، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جو اسڪول بند ڪرڻ وارو فيصلو مذمت جوڳو عمل آهي.هن چيو ته وڏي وزير کي سنڌ ۾ ريليون نظر نه ٿيون اچن، تعليم دشمن فيصلو بدديانتي ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل آهي، تعليم جو نظام تباهه ڪري سنڌ جي نوجوانن کي غلام بڻايو پيو وڃي.سنڌ حڪومت جي اڳيان ته هٽلر به شرمندو ٿي رهيو آهي، ڪورونا جي سفير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.هن ڄٽڪا ۽ اهمڪاڻا فيصلا عوام تي مڙهيندڙن کي پاڻ تعليم جي ضرورت آهي، تعليم جا فيصلا وڏي وزير کي ڪرڻا آهن ته تعليم واري صوبائي وزير کي هٽايو وڃي.
حليم عادل شيخ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ريليون وڏي وزير کي نظر نه ٿيون اچن، پرچي چيئرمين ۽ مراد علي شاهه مودي طرز حڪمراني تي عمل پيرا آهن.مخالف ڌر اڳواڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ فوري طور تي تعليمي ادارا کوليا وڃن. اسان جو به اهو ئي مطالبو آهي ته تعليم کي لاڪ ڊائون کان پاڪ ڪيو. جي جلدي سنڌ گورنمينٽ اسڪول نه کوليا ته سڀاڻي سومر کان راڻي پور سٽي پريس ڪلب سميت سنڌ جي هر پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت هٽايو تحريڪ هلائي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو