ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
سنڌ جي مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر جون خبرون اڄڪلهه نهايت معمول ٿي چُڪيون آهن، اڳ جڏهن ڪنهن شهر يا علائقن مان اِهڙي قسم جون وارداتون ٿينديون هُيون ته انهن کي سخت ننديو ويندو هو ۽ انهن علائقن ۾ انتظاميه پاران به ٿرٿلو مچي ويندو هو، يقينن اهڙا ڪيس يا واقعا هرگز معمولي به ڪونه هوندا هُئا پر اڄ ته خبر ناهي اسان جي هن معاشري ۾ جتي چورين جون اهڙيون ڪارروايون هجن يا هٿيارن جي زور تي زوري هجي سو ته ڄڻ هڪ رواج پئجي ويو آهي. صبح جو جڏهن اخبارن توڙي ميڊيا چئنلن خاص طور تي سوشل ميڊيا ته سڄي دنيا کي هڪ ٻئي کان واقف ئي ڪرائي ڇڏيو آهي، ڇوته اڄ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور جو جتي لاتعداد فائدو به آهي ته گڏوگڏ نقصان به ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ نڪري رهيا آهن، پُراڻي زماني ۾ دنيا جڳ جهان جون خبرون اڪثر ڪري ماڻهو ريڊيو تان ٻڌي هڪ ٻئي تائين پهچائيندا هُئا، وقت جي رفتار سان پرنٽ ميڊيا جو به دور آيو، جيڪا آهستي آهستي ترقي طرف وڌندي رهي ۽ اِهي واقعاتي خبرون توڙي جو ملڪي صورتحال بابت جيڪو اخبارن ميل جول ڪرايو سو به وقت جو اهم حصو آهي. اڳي اِها به چوڻي هوندي هئي ته جيڪو ماڻهو شهري زندگي گذاري ٿو سو تمام حالتن کان واقف آهي پر اڄڪلهه جيئن ئي ٽيڪنالاجي جي دور جو عروج ٿيو آهي تيئن شهري ماڻهو کان جيڪو ٻهراڙي جو رهندڙ ڄاڻ رکي ٿو سو ٻه وکون هنن کان اڳڀرو آهي، اڪثر ڪري ائين به ٿيندو آهي ته وڏن وڏن شهرن اندر پيش ايندڙ واقعا سندن اُتي جي رهندڙن کان پهريان ٻاهرين ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اچن ٿا، جيڪو ڪريڊٽ اڄڪلهه هن تيز ترين سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي وارين سهولتن ڏانهن وڃي ٿو، پر گڏوگڏ جيڪو نقصان به ٿي رهيو آهي سو به ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل ڪونهي. گذريل ڪجهه وقت جي خاموشي ۽ ٺاپر کانپوءِ بدامني تي يقينن ڪنٽرول ڪيو ويو هو، گڏوگڏ ماڻهن، شهرن يا ٻهراڙي ۾ رهندڙن هڪ وقتي سڪون ۽ آرام ته محسوس ڪيو پر وقت جي نسبت سان هن وقت اُها بدامني جي اُجهاميل باهه هڪ دفعو ٻيهر پوري سنڌ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ضروري سمجهان ٿو ته اسان وٽ هڪڙا ڪيس رپورٽيڊ هوندا آهن ۽ ٻيا وري اڻ رپورٽيڊ ڪيس هوندا آهن، رپورٽيڊ ڪيس ته پوليس ظاهر ڪري ٿي، گڏوگڏ خود متاثر به هاءِ گهوڙا ڪري ٿو پر جيڪي واقعا اڻ رپورٽيڊ ٿين ٿا، انهن جو ته ڪو ماڻهو ڪاٿو به نٿو لڳائي سگهي ۽ منهنجي ذاتي تجربي موجب اهڙا چوري، زوري يا ڦرلٽ جهڙا واقعا اڪثر رپورٽ ئي ڪونه ٿا ٿين ۽ نه ئي اسانجي پوليس اهڙا واقعا ٻڌڻ کانپوءِ ڪا سنجيدگي به اختيار ڪري ٿي، اهڙن واقعن کانپوءِ پوليس ته غريبن جي ٻڌڻ بجاءِ سڻڀن ماڻهن جي ڪيسن ۾ حرڪت ۾ اچي ٿي پر مجموعي طور ٿيل واقعن کانپوءِ هنن هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ ڪاررواين جي ڪري پهتل نقصان جو اڪثر ازالو ئي ڪونه ٿو ٿي سگهي. تازو جتي سڄي سنڌ ۾ اها ڀڙڪيل باهه جيڪا اُجهامڻ کانپوءِ ٻيهر شعلا ڏيکاري رهي آهي، اُتي صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ چورن ۽ ڦورن شهرين جون ننڊون ۽ سڪون حرام ڪري ڇڏيو آهي، چئني طرفن کان وڏي آبادي تي مشتمل هن شهر حيدرآباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪي اُٿي آهي، جنهن ۾ نه رڳو شهري علائقا پر گڏوگڏ هن شهر سان لاڳاپيل ٻهراڙي جا ڳوٺ ۽ وسنديون به سخت متاثر ٿي رهيون آهن، اڄ جڏهن به شهر کان ٻاهر وڃڻ ٿئي ٿو ته هر ماڻهو جي منهن مان جيڪو مهانگائي وارو مهڻو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو پر گڏوگڏ بدامني بابت جيڪي افسوس جهڙيون خبرون ٻڌيون وڃن ٿيون سي ته لڱ به ڪنبائي ٿيون ڇڏين.
اڳي زماني ۾ چور به عجيب قسم جون چوريون ۽ ڦرون ڪندا هئا، ٻڌائين ٿا ته جڏهن چور ڪنهن چوري جي نيت سان وٿاڻ يا مال جي واڙي ۾ ڪو ڍور ڍڳو چورائڻ لاءِ داخل ٿيندا هئا ۽ جيڪڏهن انهي وٿاڻ ۾ قرآن پاڪ تي سندن نظر پوندي هئي يا وري ڪا عورت انهي وٿاڻ ۾ آرامي هوندي هُئي ته اُهي چور چوري ڪرڻ بجاءِ توبه توبه ڪري ٻاهر نڪري ويندا هُئا ۽ انهي رکيل قرآن پاڪ مٿان ڪجهه پئسا مٺائي طور به رکي ويندا هُئا. اڄ جون چوريون ته پنهنجي جاءِ تي پر عجيب قسم جون زوريون ٻُڌندي شرم سان ڪنڌ ئي جهڪي ٿو پوي، ڦورو اڄ ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي راهه ويندڙ عورتن کي روڪي انهن جا سونا زيور ۽ روڪ رقم يا موبائل فون ڦرڻ ته هڪ فيشن ٿي ويو آهي ۽ هو پنهنجي بهادري سمجهن ٿا، مجموعي طور اهڙا واقعا اڄ نه رڳو شهري علائقن ۾ پر پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان روزانو جي بنياد تي رپورٽ ٿيندا رهن ٿا ۽ جن جو گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. ٿڌڙين هوائن واري شهر حيدرآباد ۾ ته گذريل ڪجهه مهينن کان چورن ۽ ڦورن ته هن امن واري شهر ۾ باهه مچائي ڇڏي آهي، آيل خبرن موجب هڪ مهيني اندر 7 ڪروڙ کان مٿي جا ڌاڙا ۽ چوريون پيش آيون آهن، جيڪي حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن مان ٻڌايون پيون وڃن، جنهن ۾ حيدرآباد سٽي، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٻين علائقن ۾ اهڙيون وارداتون پيش آيون آهن جن ۾ گهرن اندر گهڙي ڦر ڪرڻ، شو رومن جا تالا ٽوڙي ڏوڪڙ چورائڻ توڙي جو موبائيل فون جي دڪانن تان سرعام ڦر جهڙا واقعا اڄ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، شهر جي مختلف علائقن ۾ جتي اهڙن واقعن جي باهه ٻريل آهي اُتي جتي عام شهري ته متاثر ٿي رهيا آهن پر گڏوگڏ قلمي پورهيو ڪندڙ حيدرآباد جا ٽي صحافي به متاثرن ۾ شامل آهن، مسلسل اهڙين وارداتن بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس اِهڙيون ڪارروايون روڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چُڪي آهي، حالانڪه ڪجهه وقت کان جڏهن حيدرآباد اندر اهڙيون وارداتون وڌنديون رهيون ته هن ضلعي جا ئي اعليٰ آفيسر تبديل به ڪيا ويا گڏوگڏ انهن ۾ ڪيترائي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي بدلي ڪري لائين حاضر ڪيو ويو پر وارداتون اڄ به جيئن جو تيئن ٿي رهيون آهن. هوائن سان گڏ امن جو شهر سڏرائيندڙ حيدرآباد ۾ مسلسل اهڙين وارداتن کانپوءِ هتان جي شهرين اڪثر ڪري رات جي وقت خريداري ڪرڻ يا بئنڪ، اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍرائڻ يا وري پنهنجن ڪٽنبن سان آئوٽنگ ڪرڻ کان بلڪل لنوائي رهيا آهن، ڇوته وڏي عرصي کان ٺاپر اچڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر هي شهر امن جي دشمنن جي ور چڙهي ويو آهي. خود حيدرآباد جو ايس ايس پي پنهنجي بيان ۾ چوي ٿو ته هن وڏي شهر ۾ مڪمل امن امان ڪرائڻ ايترو آسان ناهي يعنيٰ هڪ ضلعي جو پوليس آفيسر به اهڙي بدامني کي روڪرائڻ لاءِ پنهنجن لفظن مطابق خود ڪنهن حد تائين لاچاري ڏيکاري ٿو، مڃون ٿا ته واقعي ڪنهن گند کي صاف ڪرڻ سولو ڪم ناهي بلڪه اها صاف سٿري معاشري لاءِ وقت جي ضرورت هجي ٿي، پر هڪڙي ڳالهه آئون هميشه ڪندو آهيان ڀلي منهنجا لفظ ڪنهن کي هضم ٿين يا نه ٿين، جيڪڏهن اسان جي هن معاشري ۾ سنڌ پوليس جو نڀاءُ ۽ ڪردار هاڪاري هجي ته آئون پوري دعويٰ سان چوندس ته مجال آهي ڪنهن ماءُ جي پُٽ کي جو هو امن خراب ڪري، باقي رڳو ٺلهين ڳالهين ۽ دعوائن سان ڪڏهن به امن قائم ڪونه ٿيندو.advocateubedullah@gmail.com










