عابد سڪندر کوکر
شھيدن جي شھر نئون ديرو ۾ جڏھن لھندڙ سج قائد عوام ذوالفقار ڀٽو ۽ سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو جي مزار مٿان کير جيان جرڪندڙ اڇن قبن کي رات جي ڪاري چادر اوڙهي الوداع ڪيو ۽ سياسي ٻوسٽ واري فضا اندر خوف ۾ ورتل، مھانگائي ۾ مرجھايل چھرن سان ھاري ۽ مزدور پنھنجي گھرن ڏانهن واپس پئي وريا تہ اوچتو سيد زين شاھ جي قيادت ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 15 فيبروريءَ کان سکر مان نڪتل “سنڌ مارچ” قافلو ڳاڙھن جھنڊن ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرن سان لھندڙ سج جي للڪار بڻجي ملڪي سياست ۾ سياسي قبلي طور ڄاتو ويندڙ شھر نئون ديرو ۾ پڙاء ڪيو.
نئين رنگ سان، نئين ريت سان
نئين ڍنگ سان، نئين جيت سان
ايڏي وڏي ماڻھن جي قافلي کي ڏسي شھر جا سادا ماڻھون پڇڻ لڳا تہ ھي ڪير آھن ۽ جڏھن سندن خبر پئي تہ توھان جي دردن جو درمان بڻجي ھي ڪشالا ڪٽي رھيا آھن تہ مايوسي جي ماريل عوام ھڪ نئين جوت ڏسي پنھنجي اجڙيل خوابن جي جيت محسوس ڪئي. ايتري ۾ ھڪ ڳڀرو نوجوان ماڻھن جي ھجوم مان وڌندي اکڙين مان نير ھاريندي اچي سيد زين شاھ جي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجھي آجيان ڪئي. اھو جذباتي منظر ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي صدين جي سوز کي ساز ڏنو ۽ سيد زين شاھ جي سماعتن کي سرور مليو. ” اسان سنائي سيد جي گھراڻي جا مشڪور آهيون. اسان جا ايندڙ نسل بہ توھان جا ٿورا نہ لاھي سگھندا”. يقينن نوجوان جا اھي لفظ ٻڌي سنڌ جي عشق ۾ پنھنجا پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙن جا سور ھڪ لحظي منجھ لھي ويا ۽ چھرن تي مرڪون، نوان جذبا، ولولا، اڀ ڏاريندڙ نعرا…..
“پنھنجي ڌرتي پنھنجو اختيار،
سنڌ کپي ٿي خودمختيار”.
ان ۾ ڪوئي شڪ ناھي تہ سياسي ماٺار ۾ ” سنڌ مارچ ” ھڪ نئون تحرڪ پيدا ڪيو آهي. سنڌ پيادل مارچ جو بنيادي مقصد ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي بنيادي حقن کان آگاھ ڪرڻ، ويگو سياست جي ابتڙ پيرين پنڌ ھلي سنڌ جي شھرن، ڳوٺن، وستين ۽ واھڻن ۾ وڃي عوام سان سڌي ريت ملجي، ھڪ اميد ڏجي…. بي حسي ۽ بي وسي واري ماحول ۾ انهن جي اڀل ۽ آسرو ٿجي. ماڻھن کي ھمٿائجي تہ سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي بدحاليءَ خلاف آواز اٿاريو، سنڌ ۾ غاصبن جي غلبي مان نڪري صحتمند، آدرش وادي ۽ بااصول سياست کي پروان چاڙهيو، رھبرن جي روپ ۾ رھزنن کي سڃاڻيو جن اقتدار جي لوڀ ۾ سنڌ جا وڏا شھر ڌارين حوالي ڪيا، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جا سودا ڪيا، زمينون، ٻيلا ۽ وسيلا تين وال ڪيا. ڪرپشن جي بازار گرم ڪري نوڪريون وڪڻي ميرٽ جو قتلام ڪيو، ڌارين کي ڊوميسائيل ٺاھي ڌرتي جي حقيقي وارثن کي ديوار سان لڳائڻ جا سھولتڪار بڻيا آهن.
ابن الوقت ۽ موقعپرست اڳواڻن جي مفاد پرستي واري سياست جو باب بند ڪري ھڪ بااصول، باڪردار ۽ ايماندار قيادت جي افاديت کي اجاگر ڪجي. سنڌ دوست، انسان دوست اخلاقي قدرن جي بحالي لاء عوام سان روبرو حال اورڻ وارو فيصلو ڪيتري قدر ڪامياب وڃي ٿو ۽ وڏيرڪي سياست جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل عوام، انتقامي ڪاررواين جو سٽيل شعور مزاحمت جي ميدان ۾ ڪيترو عملي طور اڳڀرو ٿئي ٿو اھو سڀ تہ ايندڙ وقت ۾ ثابت ٿيندو پر ھن وقت “سنڌ مارچ” ابتدائي مرحلي ۾ سموري سنڌ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جنھن جو ثبوت سوشل ميڊيا جي مختلف فورمن تي عوام جي اظهار مان پڌرو آھي.
سموري سنڌ جيان نئون ديرو بہ ساڳي پيڙاء ۾ پڄري پيو پر ان جي باوجود شھر جي مختلف سياسي سماجي ڌرين، نوجوانن، عام ماڻھن طرفان سنڌ مارچ قافلي مٿان گلن جي ورکا، قيادت کي اجرڪن جا تحفا، جيئي سنڌ جي نعرن سان ھم آواز ٿيڻ ھڪ نئين لاٽ جو پيغام آهي جيڪا اونداھيءَ رات کي ختم ڪري سج جي روشنائي ضرور آڻيندي. “سنڌ مارچ” صبح جي روشني ساڻ ڪري اڄ شھيدن جي شھر لاڙڪاڻو مان پنھنجي سفر ڏانهن روان دوان ٿي سنڌ جي عوام کي ھڪ اميد ڏئي پيو.
او اٽل آدمي ڪن جڳن کان وٺي!
اَنڌ سان ڌُنڌ سان پَنڌ سان مُنھن ڏئي،
آءُ سمجھان پيو،
تون پيو آن ٿڪي،
دل شڪستو نہ ٿي!
ڪا گھڙي دم پٽي، سگھہ ساري سَڏي،
پير پختا ڪري، ڏند ڪرٽي، تڏي،
اُٿ مٿي اُٿ مٿي!
ڀونءِ تي ڀَرُ رکي،
دل شڪستو نہ ٿي!!
استاد بخاري










