سنڌ جي پورهيتن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ کاهوڙي

تحرير عبدالغفور ابڙو

شھيد نظام الدين  ابڙو 1952 ۾ بلوچستان جي تاريخي شھر  ڀاڳ ناڙي  ۾  خـوشـحــال گھـراڻـي ، رئيس الاهي ابڙو  جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليـم پنھنجي اباڻي ڳوٺ  ۾ حاصل ڪيائين.بابا سائين اڄا ننڍو  هو ته سندس والد وفات  ڪري ويو جنھن جي  ڪري تعليم وڌيڪَ حاصل نه ڪري  سگھيو.  سندن زمين تي اُتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرماڻھن  سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب مس  ٿيو ته   اوچتو ڳوٺ ۾ هڪ حادٽو پيش آيو   جنهن جي ڪري زمين تي قبضي واري ڳالھ واسو ڪري وئي .

Nizamuddin Abro

  بابا سائين  ٻارپڻ ۾ ئي حقن کي غصب ٿيندي ڏٺو هو اڃا معصوم ئي هو جو هن جي مٿان پيءُ جو سايو کسجي ويو هو،  ۽ هن جي ذهن تي اهو نهايت ئي ڀاري صدمو رسيو ، ۽  مٿان وري جڏهن سندس زمين تي جاگيردارن جي قبضي ۾ وئي ته سندس ذهن ۾ هڪ بغاوت جي لهر ڊوڙي وئي، جنهن کيس وقت کان اڳي ئي  باشعور بڻائي ڇڏيو ۽ هن طئي ڪيو ته پنهنجا حق وڙهي وٺبا. سندس پهرين جنگ پنهنجي زمين جي لاءِ هئي پر پوءِ وقت۽ زماني جي تجربن ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ديار دل داستان محبت کان متاثر ٿي. ۽  ذاتي جدوجھد بدران قومي جھدوجهد ڪرڻ کي اھميت ڏنائون. انھيءَ  ٽائيم اسٽيل ملز ۾  ھارٽيڪلچر ڏپارٽمنٽ ۾  کيس نوڪري ملي  ۽ ان وقت ۾  پورهيتن جي جماعت سنڌي پورھيت سنگت ڪم ڪري رھي ھئي. جنھن جو تعلق سنڌ جي قومي جماعت جيئي سنڌ محاذ سان ھيو. ان سان سلهاڙجڻ بعد سائين جي ايم سيد کيس  سنڌ جي حقن جي جاکوڙ ۽ جدوجھد سان سلهاڙي ڇڏيو .  پاڪستان اسٽيل ملز ۾  سنڌي پورھيت سنگت جو  سرگرم اڳواڻ منظور ابڙو سان بابا سائين جي  ويجھڙائپ ٿي. جنھن ڪري کيس تنظيم ۾ بابا سائين کي  ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو کيس موقعو مليو .1998 ۾ اسٽيل مل مان نوڪري کي الوداع ڪري پنھنجو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪورنگي بلاول ڪالوني ۾ رھائش اختيار ڪيائين. سنڌي بي  روزگار نوجوانن جي ڪري پرائيويٽ فيڪٽرين کي سنڌي مزدور سپلائي ڪرڻ شروع ڪيائين. ان سان ھڪ ته بي روزگار سنڌي نوجوانن کي روزگار سان لڳايائين ٻيو ته  کين ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن کي  آباد ڪرڻ ۾  به  مدد ڪيائين . قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو  ۽  ان ۾   شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جي  مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو