ليکڪ: نصير ميمڻ
ملڪ ۾ 27هين آئيني ترميم جو چوٻول ڪجهه عرصي کان هلندڙ هو، هاڻي ان جا وچور به عوام اڳيان آندا پيا وڃن، جيئن ته ان آئيني ترميم جو مڪل مسودو سامهون ناهي آيو ۽ ان جا مختلف حصا هتان هُتان عوام اڳيان اچي رهيا آهن، تنهنڪري ان بابت هن مرحلي تي ڇنڊ ڇاڻ ۽ راءِ ان محدود ڄاڻ جي آڌار ئي ممڪن آهي.
ٽي ڏينهن اڳ مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان پاران هر صوبي کي ٽن انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ وارو فارمولو سامهون آيو ۽ هڪ ڏينهن پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ايڪس پيغام سامهون آيو، ان پيغام ۾ هن چٽن لفطن ۾ ٻڌايو ته وزير اعظم پاران صدر زرداري ۽ ساڻس ملاقات ۾ 27هين ترميم لاءِ حمايت گُهري وئي آهي، ان پيغام، سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تان ملندڙ ڄاڻ موجب ان ترميم جا هيٺان اهم نقطا آهن:
1. ارڙهين ترميم وسيلي صوبن کي منتقل ڪيل اهم اسم تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول صوبن کان وفاق ڏانهن منتقل ڪيا وڃن.
2.ارڙهين ترميم وسيلي ناڻي جي ورڇ جوڳي ٽوڪريءَ مان صوبن کي ملندڙ حصي کي مليل تحفظ وارو نقطو ختم ڪجي. هن وقت آئين جي آرٽيڪل 160 ۾ ڄاڻايل آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گذريل ايوارڊ کان گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي.
3.صوبن جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند لاءِ آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ ڦير گهير ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ ڪنهن صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ تبديليءَ لاءِ رڳو پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي گهڻائيءَ سان بل پاس ڪرڻ لازمي آهي. پر ان لاءِ ان صوبي جي اسيمبليءَ کي پڻ ٻه ڀاڱي ٽي گهڻائيءَ سان جاگرافيائي ڦيرڦار جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ لازمي آهي. جيتوڻيڪ بلاول ڀٽي جي ايڪس پيغام ۾ صوبن جي جاگرافيءَ وارو حوالو ناهي، پر ڪجهه حلقا دعويٰ ڪن ٿا، ته اهو نقطو به شامل ڪيو ويندو.
اهي ته ان ترميم جا ڪجهه حصا آهن جيڪي هينئر تائين سامهون آيا آهن، جڏهن ترميم جو مڪمل مسودو سامهون ايندو ته خبر پوندي ته ان ۾ ٻيو ڇا ڇا شامل آهي.
ارڙهين آئيني ترميم ملڪ ٺهڻ کان پوءِ وفاق کان صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقليءَ جي حوالي سان هڪ اهم آئيني اڳڀرائي هئي، هن ترميم هيٺ آئين ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ترميمون ڪيون ويون، جنهن هيٺ صوبن جا اختيار اڳي کان وڌيا. وفاق جا 17 کاتا جيڪي ڪنڪرنٽ لسٽ ۽ وفاقي لسٽ ۾ هئا، اهي صوبن ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ڏانهن منتقل ڪيا ويا. البته وفاقي حڪومت نهايت چالاڪيءَ سان انهن کاتن جا نالا بدلائي اهي کاتا اسلام آباد ۾ برقرار رکيا. 26 ڊسمبر 2023ع تي هڪ انگريزي اخبار جي هڪ خبر موجب بلاول ڀٽي نواب شاھ ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ 17 وفاقي وزارتون غير ضروري ٿي چڪيون آهن، جن جي مٿان هر سال 300 ارب رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا.
ساڳيءَ طرح وفاقي حڪومت جي اختيار هيٺ هلندڙ خودمختيار ڪمپنيز گذريل مالي سال دوران 851 ارب رپين جو گهاٽو ڪيو، (روزاني ڊان 20 فيبروري 2025ع) وفاقي حڪومت جي انهن ڪمپنين هينئر تائين ڪل 9200 ارب رپين جو گهاٽو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت اهي خرچ گهٽائڻ بدران اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جا پئسا هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
مرڪزي حڪومت اڳ ئي مختلف طريقن سان صوبن جو شيئر گهٽائي چڪي آهي، مثال طور پئٽروليم شين مٿان اڳي جنرل سيلز ٽيڪس لڳل هو، اهو ٽيڪس اين ايف سي هيٺ ورڇ جوڳي پول ۾ ايندڙ هو. هن سال مرڪز، پئٽروليم تان سيلز ٽيڪس ختم ڪري ان جي جاءِ تي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪئي آهي، جنهن جي آمدني سڌو سنئون مرڪزي حڪومت جي کيسي ۾ ويندي. هلندڙ مالي سال ۾ ان مد ۾ آمدنيءَ جو ڪاٿو 1470 ارب رپيا آهي، (روزاني ايڪسپريس ٽربيون، 11 جون 2025ع). اهي پئسا جي ايس ٽي جي مد ۾ اڳاڙجن ها ته ان مان اٽڪل 850 ارب رپيا صوبن کي ملن ها، پر مرڪزي حڪومت اهي پئسا اين ايف سي کان ٻاهر ڪري ڇڏيا. عجيب ڳالهه اها ته ڪنهن به صوبي ان ڌاڙي تي دانهن نه ڪئي. اصل ۾ مرڪزي حڪومت پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ هزارين غير ضروري ملازمن جو لشڪر گهٽائڻ بدران صوبن کي ملندڙ پئسن کي هڙپ ڪرڻ گهري ٿي.
جيستائين سوال ارڙهين ترميم جو آهي، ته مرڪزي حڪومت اڳي ئي 17 کاتا صوبن کي منتقل ڪرڻ بدران اسلام آباد ۾ رکيو ويٺي آهي. ٻيو ته اسٽريٽيجڪ انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٺاهي، اهي کاتا به اسلام آباد جي انتظام هيٺ آندا ويا آهن، جيڪي 18هين ترميم کان اڳ به نج صوبائي کاتا هئا. انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات جهڙا کاتا شامل آهن.
ان کان اڳتي وڌندي هاڻي جيڪڏهن تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جهڙا کاتا به وفاق حوالي ڪرڻا آهن، ته پوءِ هوريان هوريان نين ترميمن وسيلي باقي کاتا به واپس ڪيا ويندا، جيڪڏهن ڪنهن جو خيال آهي ته صوبا آباديءَ کي ڪنٽرول نه ٿا ڪري سگهن، تنهنڪري اهو مرڪزي حڪومت ڪندي، ته ان جي اهليت پوليو ۽ مليريا ڪنٽرول مان ئي نظر اچي ٿي. آباديءَ کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين اين ايف سي ايوارڊ ۾ 82 سيڪڙو حصو آبايءَ هيٺ ڏيڻ وارو سلسلو ختم ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۾ ناڻي ورڇ ۾ آباديءَ جي تناسب کي رڳو 15 سيڪڙو وزن مليل آهي. جڏهن ته 12.5 سيڪڙو وزن آباديءَ تي ضابطي لاءِ رکيل آهي. پاڪستان کي به آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ۾ آباديءَ جي بنياد تي 82 سيڪڙو شيئر کي گهٽائي 30 يا 40 سيڪڙو تي آڻڻ گهرجي.
اڃا تائين اها ڳالهه چٽي ناهي ته ان ترميم ۾ صوبن جي جاگرافيائي ڦير ڦار جي طريقي ڪار کي نرم ڪيو ويندو يا نه، پر جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نئون طوفان ڪَر کڻندو. صوبن کي رڳو انتظامي يونٽ سمجهڻ بنيادي طور غلط ايپروچ آهي. اهي صوبا نه ڪنهن نوٽيفڪيشن جي پيداوار آهن ۽ نه اهي انتظامي يونٽ آهن، انهن صوبن پاڻ هن ملڪ کي جنم ڏنو آهي، تنهن ڪري مرڪز کي انهن صوبن جي جاگرافي تبديل ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. ون يونٽ لاڳو ڪري اها ڪوشش ڪرڻ سان ملڪ جي ٽڪرا ٿيڻ جو بنياد پيو هو، اهڙي ڪوشش ٻيهر ڪرڻ سان به ملڪ کي سياسي طور نقصان پهچندو.
مجموعي طور تي 27هين ترميم صوبن کي مليل محدود خودمختياريءَ ۽ وسيلا واپس اسلام آباد حوالي ڪرڻ جو ڪم ڪندي. پيپلز پارٽي هينئر تائين 18هين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کي پنهنجي وڏي ۾ وڏي سوڀ قرار ڏيندي رهي آهي، ان تان پٺتي هٽڻ سياسي آپگهات برابر هوندو. پيپلز پارٽي ماضيءَ ۾ به اهڙا فيصلا ڪيا آهن، جيڪي عوامي مفادن جي ابتڙ هئا ۽ عوام جي رستن تي اچڻ کان پوءِ اهي واپس وٺڻا پيا. ٻٽو مڪاني نظام، ٻيٽن جو وڪرو ۽ تڪراري واهن تي پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار سنڌ واسين کان وسريو ناهي.
هاڻي به سنڌ جي عوام کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ، جاگرافيائي سالميت ۽ آئيني حقن جي حفاظت جي لاءِ چٽي راءِ رکڻي پوندي، هيءَ ترميم ورهين کان پوءِ صوبن کي مليل محدود آئيني حقن کان کين محروم ڪرڻ جو نسخو آهي، ان جي نتيجي ۾ صوبن ۽ اسلام آباد وچ ۾ موجود وڇوٽيون ويتر وڌنديون ۽ ملڪ اندر هڪ نئون فتنو ڪر کڻندو.
پپيلز پارٽي ان معاملي تي ويچار لاءِ مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪوٺايو آهي، پيپلز پارٽي قيادت کي هن سيٽ اپ ۾ جيڪي فائدا مليل آهن، ان ۾ تازو ڪشمير جي حڪومت جو واڌارو ٿيو آهي. ممڪن آهي ته بارگيننگ لاءِ اڳتي هلي بلاول ڀٽي کي وزير اعظم ڪرڻ جو آسرو به ڏنو وڃي، ٻئي پاسي پ پ جي سموري سياسي حاصلات جي قيمت آهي، اڄ تائين پيپلز پارٽي 18هين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کي پنهنجي جمهوري سوڀ قرار ڏيندي رهي آهي. ان تي ڪمپرومائيز ڪرڻ سان ان کي خاص طور تي سنڌ ۾ سياسي مزاحمت ۽ سياسي ساک کي ڪاپاريءَ ڌڪ رسڻ جو رسڪ کڻڻو پوندو.
هونئن ته هيءَ ترميم سڄي ملڪ لاءِ آهي، تنهنڪري خيبر پختونخواه مان به ان جي مخالفت ٿيڻ جا سگهارا امڪان آهن، خود پنجاب مان به ان جي خلاف آواز اٿندا، پر جيئن ته ان ترميم جي پٺيان پاڻ نواز ليگ آهي، سو ممڪن آهي ته پنجاب حڪومت مخالفت نه ڪري.
سياسي طور تي ان ترميم کي هن شڪل ۾ حمايت ڏيڻ پ پ لاءِ سياسي آپگهات برابر هوندو. ان سان پ پ پنهنجي سياسي ساک کي ٻوڙي ڇڏيندي، پ پ اندر ويٺل اهم ماڻهن کي پنهنجي قيادت اڳيان ماٺ رهڻ بدران عوام، خاص ڪري سنڌ واسين کي ردعمل بابت خبردار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جو عوام هن قسم جي ترميم کي قبول نه ڪندو. (نوٽ هي مضمون اڄوڪي ڪاوش ۾ شايع ٿيو آهي، اسين سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










