سائين جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽو ۾ ٿيل تاريخي ڳالهيون

سائين جي ايم سيد کان جڏهن پڇيو ويو ته ڀٽي صاحب سان توهان جي واقفيت ڪڏهن ٿي؟
ته سائين وراڻيو: ڀٽي سان منهنجي پهرين واقفيت ان وقت ٿي جڏهن سندس والد سر شاهنواز ڀٽو، مون کي ذوالفقار ڀٽي جي طهر جو ڪارڊ موڪليو ۽ ٻيو ڀيرو شاهنواز ڀٽي ذوالفقار ڀٽي جي پارت ڪندي چيو هو ته هي توهان جو ڀائيٽو آهي. هن کي سياست سيکارجو ۽ وقت به وقت کيس سنڀالي هدايتون ڏيندا رهجو. مان زندگيءَ جي آخري لوڏن ۾ آهيان. ٽيون ڀيرو ڀٽو مون وٽ سن آيو هو. مون کي چوڻ لڳو:
چاچا؟ اوهان محمد علي جناح جا سخت مخالف آهيو، هينئر ان جي ڀيڻ فاطمه جناح، جنرل ايوب خان سان اليڪشن ۾ بيٺي آهي. تنهنڪري اوهان فاطمه جناح جي مقابلي ۾ جنرل ايوب خان جي حمايت ڪريو.
مون کيس جواب ڏنو: محمد علي جناح جي مخالفت ڪري جنرل ايوب خان جهڙي ڊڪٽيٽر جي حمايت ڪونه ڪندس. وري ڪجهه وقت کانپوءِ ذوالفقار ڀٽو آيو، اچي چيائين ته، جنرل ايوب خان کي اڳيئي توهان ڊڪٽيٽر سمجهندا آهيو، ان ڪري سندس مخالفت ۾ منهنجي مدد ڪريو.
پنجون دفعو، ڀٽو مون سان هندستان مان جنگي قيدي (بنگلا ديش ۾ 90 هزار جنگي قيدي بڻايل) ڇڏائڻ خاطر ۽ هندستان سان ڳالهائڻ لاءِ مليو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن ڀارت سان قيدين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهائڻ هلبو ته صرف تون ۽ مان هلنداسون ته پوءِ مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. ان شرط تي ڀٽي پنجابين سان ميٽنگون ۽ صلاحون ڪري چوائي موڪليو ته پنجابي توهان تي ۽ مون تي اعتماد نه ٿا ڪن ته متان هي انڊيا سان ڪنفيڊريشن يا ڪو ٻيو سنڌ جو معاهدو نه ڪري اچن. مون سان گڏ وڏو وفد هلندو ان سان گڏ اوهان کي هلڻو پوندو جنهن تي مون انڪار ڪيو ته، ٻين سان گڏ آئون ڪونه هلندس. ڇهون دفعو ڀٽو پٺاڻن ۽ بلوچن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ منهنجي ضرورت سمجهي مون سان مليو. 1973ع واري آئين جي ٺهڻ کانپوءِ مرڪزي وفاقي حڪومت کان يعني ڀٽي صاحب نعپ ۽ جمعيت علماءِ اسلام سان ٺاهه ڪرڻ پي چاهيو ته جيئن خيبرپختون خواهه (سرحد) ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون ٺاهي سگهجن.
ياد رهي ته ان وقت سڄي ملڪ ۾ سائين جي ايم سيد ئي هڪڙي اهڙي پاور فل شخصيت هو جو اهو ڪم سر انجام ڏئي سگهي پيو، تنهن ڪري ڀٽي صاحب سائين جي ايم سيد کي گذارش ڪئي ته بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ توهان جو تمام سٺو اثر آهي سو توهان ٺاهه ڪرائي ڏيو ته احسان ٿيندو. ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جو اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سيد ڪوشش ڪري بلوچن ۽ پٺاڻ ليڊرن کي ڀٽي صاحب سان سمجهوتو ڪرايو. ٻنهي ڌرين کي سائين پنهنجي شخصي اثر رسوخ سان راضي ڪري ڀٽي صاحب سان ٺاهه ڪرائي صوبائي حڪومتون ٺاهڻ لاءِ آماده ڪيو. بلوچن جي طرفان عطاءُالله مينگل ۽ پٺاڻن طرفان ولي خان نمائندا هئا. جڏهن سائين ٺاهه ڪرائڻ ويو ته سندس ملاقات ڀٽي صاحب سان راولپنڊي جي پرائيم منسٽر هائوس ۾ ٿي. اتي گفتگو دوران ڀٽي صاحب، سائين کي چيو: چاچا! ڏسو، ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه آهي جو اڄ اسان سنڌ جا ليڊر پاڪستان جي وزيراعظم هائوس ۾ ويٺا آهيون ۽ سنڌي ۾ ڳالهائي رهيا آهيون. ان کان اڳ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي. توهان کي ان ڳالهه تي خوشي ٿيڻ کپي ۽ منهنجي حمايت ڪرڻ کپي ته جيئن پرائيم منسٽر هائوس تي هميشه قبضو رهي.
جنهن تي سائين وراڻيس: پرائي ملڪ (پنجاب) جي بنگلي ۾ ويهي سنڌي ڳالهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟! اسان کي ته پنهنجي ملڪ (سنڌ) ۾ پرائيم منسٽر هائوس هجڻ کپي، جيڪا پائيدار خوشي ٿي سگهي ٿي. تنهنجو پير ۽ سياست پنهنجي ڌرتيءَ تي ناهي، تون هوا ۾ سياست ٿو ڪرين. تون پراون ڪلهن تي چڙهيل آهين. پٺاڻن جو پنهنجي ڌرتيءَ تي پير آهي، بلوچن جو پنهنجي ڌرتي تي پير آهي. منهنجي سياست سنڌ ڌرتي لاءِ آهي، منهنجا پير ۽ پاڙون به پنهنجي ڌرتي تي آهن. پنجابين جو هن وقت تو ۾ مفاد آهي ۽ هو توکي استعمال ڪرڻ ٿا چاهين، جنهن ڪري توکي پرائيم منسٽر هائوس ۾ ويهاريو اٿن، جڏهن سندن مفاد پورا ٿيندا ته توکي حڪومت مان ائين ڪڍي ڇڏيندا، جيئن کير مان مک ڪڍي اڇلائي ڇڏبي آهي… تنهن ڪري تون انهن جي آسري تي اعتبار نه ڪر ۽ خوش نہ ٿي. هي ته انتقامي آهن. پنجابي توکي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. جيڪڏهن تنهنجو لاش ڳوٺ پهچايائون ته اها ڀٽي خاندان تي وڏي مهرباني ڪندا ورنه هي تنهنجو لاش ئي غائب ڪري ڇڏيندا. ڀٽي صاحب چيو: چاچا! هي مون کي ڪجهه نٿا ڪري سگهن. اوهان بزرگ آهيو، واقعي ئي اوهان کي تجربو آهي پر هنن کي مان پاڻ ئي منهن ڏيندس. اوهان کي اهو چوڻو آهي ته توهان ايشيا جا وڏا ليڊر آهيو، اوهان کي ڇوڪرن (شاگردن) جي سياست ڪرڻ نٿي سونهين، تنهنڪري توهان پبلڪ جي سياست ڪريو.
سائين جي ايم سيد چيس: ڀُٽا ! هاڻي جن کي تون ڇوڪرا ٿو چوين، اڳتي هلي توکي ۽ پاڪستاني حڪومت کي انهن سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ ٽڪراءُ کائڻو آهي پوءِ خبر پوندي ته ڇوڪرا آهن يا حريت پسند.
واقعي سائين جي ايم سيد جي اڳڪٿي سورنهن آنا سچ ثابت ٿي، ته نيٺ اهو ڀٽو جيئي سنڌ جي جوڌن سان ٽڪراءَ ۾ آيو. هڪ طرف انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ حڪومت جا خزانا کولي ڇڏيائين ته ٻئي طرف سرويچ ورڪرن تي ظلم ۽ تشدد ڪري کين زندان ۽ قيدخانن ۾ بند ڪيو ويو. وري جڏهن ڀٽي صاحب جو قومي اتحاد وارن مُلن گهيرو تنگ ڪيو ته پريشان ٿي ويو. انهن ڇوڪرن (جيئي سنڌ جي متوالن) کي سينٽرل جيل ڪراچي منجهان آڻائي مذاڪرات ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
سائين جي ايم سيد سن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ولي خان ۽ ڀٽي جي ٺاهه ڪرڻ وقت ٻيا به ڪافي ماڻهو موجود هئا. مانيءَ جو وقت 2 وڳي رکيل هو اجتماعي ڳالهيون پوريون ٿي ويون پر 4 وڳي تائين ڀٽو ولي خان سان ڳالهيون ڪندو رهيو. مون کي بک لڳي ته ٻاهر ويٺل وزيرن کي چيم ته ڀٽي کي اطلاع ڪن يا ٽيليفون تي ٻڌائين ته اسان سندس غلام ناهيون جيڪڏهن اچي ته رلجي ماني کائون نه ته اسان ماني کائڻ شروع ٿا ڪريون. پر وزيرن مان ڪنهن به منهنجي طرفان ڀُٽي کي ائين چوڻ جي همت نه ساري! منهنجي بيحد اصرار تي هڪ وزير چيو ته صرف محمود علي قصوري ئي آهي جيڪو ڀٽي سان ڳالهائي سگهندو آهي. مون جڏهن محمود علي قصوري کان پڇيو ته هن وراڻيو ته جي ايم سيد صاحب، هم ڀٽو ڪي سامني اتني گستاخي نهين ڪرسڪتي. يعني ته ڀٽي وزيرن کي چاپلوس بڻائي انهن جي ميس ماري ڇڏي هئي ۽ ٻين وزيرن جا ذهن مسخ ڪري ڇڏيا هئائين.
سائين ٻڌايو ته ڀُٽي صاحب مون سان هر طريقو ۽ حربو هلايو ته جيئن آئون سندس حمايت ڪريان ايتري قدر جو منهنجي ڪار جو دروازو به اچي پاڻ کوليائين پر مون کيس چيو ته ڀٽا! تنهنجي انهيءَ لنڊي خوشامد تي آئون تنهنجي حمايت نٿو ڪري سگهان. سائين جي ايم سيد جن خطرن جو انديشو ڏيکاريو هو ۽ ڀُٽي صاحب کي پنهنجي ڪتاب ’ههڙا هاڃا ٿين ڀري هن ڀنڀور ۾‘ لکي موڪليو هو ته تون نوجوان آهين اسان کي تنهنجي اڳتي وڌڻ تي خوشي آهي پر تون سنڌ جي مفاد کي پاڪستان جي مفاد تي قربان ٿو ڪرين صرف پنجابين کي راضي ڪرڻ خاطر. اهي تو منجهان ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ توکان ڪم وٺي ائين اڇليندئي جيئن ڪمند جو رس چوسي چوپو اڇلائي ڇڏبو آهي ۽ توکي ختم ڪري ڇڏيندئي تنهنڪري تون سنڌين کي نظر انداز نه ڪر انهن کي مضبوط ڪر ته جيئن توکي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچن.
سائين جي ايم سيد جا چيل لفظ اڄ اکر اکر سچ ثابت ٿيا ته ڀُٽي سان پنجابين بي وفائي ڪئي ۽ کانئس ڪم وٺي ختم ڪري ڇڏيائون. سائين جي ايم سيد ذوالفقار ڀُٽي صاحب جي تعزيت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويو هو. اتي المرتضيٰ هائوس ۾ نصرت ڀٽو کي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ چيو هئائين ته ڀُٽي صاحب جي وڃڻ کانپوءِ هاڻي سبق سکو، ڇڏيو پنجاب جي پچر، سنڌ جي سياست ڪريو.
ان تي نصرت ڀٽو سائين کي چيو: اسان سنڌ جي سياست ڪنداسون ته پنجاب ناراض ٿي ويندو تنهن ڪري پنجاب کي ناراض ڪرڻ نٿا چاهيون.
(ايديٽر طرفان نوٽ: هي تاريخي ڳالهه ٻولهه بابت ليک واٽس ايپ گروپن ۾ سرڪيوليشن هيٺ هو، ڪنهن جو نالو لکيل نه هو. جيئن ته سائين جي ايم سيد جو اڄ جنم ڏينهن آهي ان موقعي تي اسين هي شايع ڪريون ٿا ته جيئن سنڌ جي نوجوان نسل کي اصل حقيقت جي ڄاڻ ملي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي خوشحالي لاءِ محمد علي جناح جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو پاڪستان ٺهڻ جو پهريون ٺهراءَ سنڌ اسمبلي مان منظور ڪرايو هو، پر جلد جڏهن هن ڏٺو ته 1940 جي پاڪستان ڍهن واري ٺهراءَ تان ليگي قيادت هٽي وئي آهي ته هن پاڪستان جي مخالفت ڪئي ۽ سڄي ڄمار آخري ساهن تائين سنڌ جي آزاد وطن لاءِ جدوجهد ڪئي. سائين جي سن ۾ قبر تي لطيف سائين جون هي سٽون لکيل آهن ته: جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.)

پهنجو تبصرو موڪليو