زمبابوي سيريز لاءِ قومي ڪرڪٽ ٽيم جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق زمبابوي سان سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان هوندا. شعيب ملڪ ۽ سرفراز احمد کي آئوٽ ڪيو ويو آهي. ٻين رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، عابد علي، فخرالزمان، حارث سهيل، محمد حفيظ، امام الحق، خوشدل شاهه، افتخار احمد، حيدر علي، محمد رضوان، عماد وسيم، فهيم اشرف، محمد حسنين، روحيل نذير، موسيٰ خان، حارث رئوف، ظفر گوهر، عثمان قادر ۽ وهاب رياض شامل آهن. مصباح چيو ته ڪنهن به ٽيم کي هلڪو وٺڻ نه گهرجي، ٽيم ڪافي بيلنسڊ آهي، نوجوانن کي موقعو ڏنو ويو آهي. زمبابوي جي ٽيم اڄ رات پاڪستان پهچندي، پاڪستان سان ٽي ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي.ٽئي ون ڊي راولپنڊي ۾ 30 آڪٽوبر، پهرين نومبر ۽ 3 نومبر تي کيڏيا ويندا ۽ ٽئي ٽي ٽوئنٽي لاهور ۾ 7، 8 ۽ 10 ڊسمبر تي کيڏيون وينديون. پاڪستان جي ٽيم نومبر جي آخر ۾ نيوزيلينڊ سيريز کيڏڻ لاءِ رواني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو