وفا ولي محمد ڦل
زلزلا قدرت طرفان ھڪ آفت مصيبت آھن جيڪي اڳين قومن جي دور ۾ به آيا زلزلن جي اڳواٽ معلومات وقت جي اڃان پاڪستان سميت دنيا جي ھڪ ترڪيء جي ( ڊچ ساءنسدان ) کانسواء ڪوبھ تحقيقات نه ڪري سگھيو آھي زلزن جو اچڻ اڳي گھٽ ھو پر ھاڻي چند سالن کان زلزلا وڌيڪ اچن ٿا انھن جو ڪارڻ خدا تعالي ا جي ۽ ان جي حبيب صلعم جي حڪمن کي اسان وساري ڪري پنهنجي دنياوي حرص ۾ اچي ھر قسم جي نافرماني ڪري رھيا آھيون ان جي شامتن جي نتيجي ۾ الله پنهنجي ناراضگي جي ڪري جيڪو رب ـ (ڪن فيڪون ) يعني جنھن شيء کي حڪم ڪندو آھي ته ٿيء ته يڪدم پيدا ٿي پوندي آھي حضرت لوط عليه السلام جي قوم بي حياءي ۽ براءيء جي عروج ۾ آءي ته الله پاڪ ملاءڪن کي حڪم ڪيو ته وڃو حضرت لوط عليه جي قوم تي قھر نازل ڪيو پو۽ اتي فجر جي وقت کان اڳ حضرت لوط عليه السلام کانسواء سڄي زمين کي ملاءڪ سڳورن مٿي آسمان تي کڻي پوء اونڌو ڪري زمين ٿي ڦٽو ڪيو سڀ نافرمان قوم جا ماڻھو زمين ۾ دٻجي ويا آڪٽوبر مھيني شروعات ۾ ايندڙ زلزلي بابت ڪافي ڳالھيون ٿيون انھي بابت رپورٽ نه ڪئي ڇو جو پاڻ ڄاڻون ٿا فلحال اھڙي ڪا به ٽيڪنالاجي موجود نه آھي سو اوھان ڏٺو اھڙو ڪجھ ڪون ڏٺو ويو پاڪستان ۾ زلزلي بابت ھا بلڪل انھن تاريخن ۾ انڊيا ء نيپال ۾ زلزلو ڏٺو ويو انھي لاء دوستن لاء ان بابت ڪجھ ڄاڻ کڻي ڪري آڏو رکي آھي ھي ھڪ ڄاڻ ء ڪجھ ھسٽري آھي دوست زھن ۾ رکندا حقيقتن اسان سڀن کي اھو ڄاڻن ضروري آھي ته زلزلي بابت فلحال دنيا ۾ ڪا به اھڙي حقيقتن ٽيڪنالاجي موجود نه آھي جيڪا زلزلي بابت اڳڪٿي ڪري سگھي ـء دنيا کي اھو به معلوم آھي ته دنيا ٽيڪنالاجي دور ۾ بلڪل اڳتي وڌي چڪي آھي مگر اڄ تائين ڪنھن به زلزلي اچڻ جي اصل وقت بابت ٺيڪ رپورٽ ٻڌائي نه سگھي آھي مگر اھو به سچ آھي ته وقت ء ٽيڪنالاجي وڌڻ سان گڏ سائنسدان زلزلي بابت رپورٽون جاري رکيون آھن ـء انھن يقينن اھو سوچ رکي ڪري ڪيون آھن ته من ڪا نه ڪا ثبوط يان ڪا اھڙي وجھ ملي وڃي جنھن سان زلزلي جي اچڻ وقت جي پيشنگوئي ڪري سگھجي ـمگر اڄان تائين ناڪامي ئي ملي ھلندڙ سال فيبروري ۾ ترڪي ۾ ايندڙ تباھ ڪندڙ زلزلي جي دوران ھڪ دچ سائنسدان فرينڪ ھوگربيٽس نالي ڪافي سامھون آيو ـجنھن ترڪي ۾ زلزلي جي اچڻ کان اڳ پيشنگوئي ڪئي جيڪا سچ ثابت به ٿي ء انکان پوء انکي مقبوليت ملي دنيا انکي زلزلي بابت ٺيڪ رپورٽ ڪندڙ مڃيو ويو فرنڪ ھوگربيٽس نيڊرلينڊ جي ايس ايس جي اي او ايس ڪمپني جي لاء ڪم ڪندو آھي جيڪا زلزلي بابت ريسريچ جي ڪمپني آھي ـاھا پيشنگوئي زياده سيارن جي گردش ماضي جي ڊيٽا ء برقناطيس جي لھرون تي مشتمل ھوندي آهي جنھن جي بنياد تي ھي روزانا پيشنگوئي ڪندا آھن ـپر جيڪي فالٽ لائين ھونديون آھن انتھائي غير يقيني ھونديون آھن انجي ڪري انھن جون پيشنگويون غلط ب وينديون آھن جيئن ايندڙ ڏينھن مراڪش ۾ تباھ ڪندڙ زلزلو انجا ثبوط آھن ـانڪري انجو ڪو به ثبوط نه آھي ته ايندڙ وقت ۾ به انھن جي ڪيل ٿيوريز تي زلزلن بابت پيشنگوئي سچ ثابت ٿي انھن انسٽيٽيوٽ جي ڪيل پيشنگوئي انھن ملڪن يان علائقن تي سچ ثابت ٿيندي آھي جٿي زميني فالٽ لائن ڪافي فعال ھجن ء جٿي زلزلا ايندا رھن ء پوء اتي ماضي جو ڊيٽا ڏسندي پيشنگوئي ڪئي ويندي آھي ـ انھن علائقن ۾ ايندڙ زلزلي بابت پيشنگوئي ڪري سگھجي ٿي پر پوء به وقت ء تاريخ ٻڌائڻ تمام مشڪل آھي ڇو جو جٿي ماضي ۾ ايندڙ زلزلا يان فالٽ لائن فعال ھجن جٿي زلزلا ايندا رھن اتي وقت ء تاريخ ٻڌائڻ يان اندازو لڳائڻ به نا ممڪن آھي ـاھا ڳالھ درست آھي ته ماضي ۾ پاڪستان يان سنڌ ۾ آڪٽوبر مھيني ۾ زلزلي بابت لسٽ ڪافي وڏي آھي مگر لازم ناھي ھر بار آڪٽوبر مھيني ۾ ئي زلزلا اچن ٻين مھينن دوران به پاڪستان يان سنڌ طرف زلزلن بابت ڄاڻ موجود آھي ـ سو سنڌ وارن پيارن يان ڪنھن به دوست کي زلزلي بابت پيشنگوئي ڪرڻ ھجي ته ھسٽري ڊيٽا ڏسندي پوء ڪئي وڃي عوام ۾ خوف حراس يان افراتفري نه ڪئي وڃي ـملڪ ۾ 27 فالٽ لائن موجود جن ۾ ھڪ چمن فالٽ ء ٻي ايشين آسٽرلين فالٽ لائن وڏيون شامل آھن سنڌ ۾ به چار فالٽ لاين موجود کيرٿر رينج 2 الھبند ء نگرپارڪر فالٽ لاين شامل سنڌ م ھسٽري مطابق ٽي وڏا زلزلا اچي چڪا آھن جن۾پھريون شاھ بندر ـ 1668/5/2/. 7.6ٻيون ـ الھبند 1819/6/16.شدت 7.7ٽيون ـ2014/5/8 الھبند شدت 4.5 .چمن فالٽ جي ھسٽري جٿي ھن مھيني زلزلي بابت اڳڪٿي ڪئي چمن فالٽ لائن ڏکڻ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي فالٽ لائن آھي جيڪا 850 ڪلو ميٽر وڏي افغانستان ء پاڪستان جي وچ۾ موجود آھي ـھي لائن افغانستان جي ھندوڪش جبلن کان شروع ٿيندي بلوچستان جي ڏکڻ اولھ حصن تائين پکيڙيل آھي ـھن فالٽ لائن ۾ ماضي ۾ چار کان پنج وڏا زلزلا اچي چڪا جن ۾ چمن 1892 شدت 6.6/1931 مچ شدت 7.1 1935 ,ڪوٽيا7.7 1978 نشڪي 7.1۽پوري 2 ھزار عيسوي ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ م زلزلو ريڪٽل اسڪيل تي 6.2جو آيو ڪجھ جاني مالي نقصان پڻ ٿيو ھو 2005 ۾ آزاد ڪشمير ۾ زلزلي اچانڪ تباھي مچاءي ڇڏي ھءي جتي سوينمسلمان شھيد ٿي ويا ھا 2013 , بلوچستان 7.7 . شامل وڌيڪ زلزلي بابت لسٽ ھيٺ ڏنل آھي دوست ڏسي سگھن ٿا 1555 کان 2023 تائين .اگر ڪا به غلطي يان ڪجھ غلط ھجي ته نشاندھي ڪري سگھو ٿا ان سان گڏ ڪجھ ھسٽري مس ھجي ته ان لاء معزرت ڪجي ٿي










