زرداري گروپ پاران سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ لاءِ اتفاق راءِ جو مَڪَر

زرداري گروپ پاران سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ لاءِ اتفاق راءِ جو مَڪَر

سيد يوسف شاھ
سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ گرين اينيشيٽيو رٿا حوالي ڪرڻ خلاف سنڌي قوم جي تحريڪ جيئن جيئن زور وٺندي پئي وڃي، تيئن تيئن پيپلن جا حواس گم ٿيندا پيا وڃن. اھوئي سبب آھي، جو ھنن متضاد بيانن جو طوفان اٿاري ڇڏيو آھي، ايتري تائين جو ھو پاڻ ۾ ئي نہ پيا ٺھن.ڪنھن ھڪ بہ فيصليتي پاڻ ۾ بہ اتفاق راءِ پيدا ڪري، ھيڏانھن يا ھوڏانھن، ڪنھن بہ ھڪڙي پاسي مضبوطيءَ سان بيھڻ بدران ، متضاد بيان ڏيئي پنھنجي پنھنجي کل بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ان کي ئي چئبو آھي، ”رب رُسي، مت کسي، ھڻي ڪونہ ھٿيار“ ھنن سنڌي سٻاجهڙن سان شھيد ڀُٽي جي نالي تي ايترا تہ ڪوڙ ڳالھايا آھن، ايترا تہ ڌوڪا ڪيا آھن، ايتريون تہ ٺڳيون ڪيون آھن، ايترا تہ ظلم ڪيا آھن، جو ھاڻ سندن ھر ڳالھ تي سنڌي ماڻھن پاران بي ڀروسائيءَ جي کلئي اظھار سندن مت منجهائي ڇڏي آھي.اھوئي سبب آھي جو سائين سڳوري خورشيد شاھ ٻيھر مُرلي وڄائي آھي تہ ”ڪئنالن واري معاملي تي انھن ماڻھن اشو ٺاھيو آھي، جن کي ڪير پڇي بہ نٿو. ڇا اوھان ايترا اڪابر ٿي ويا آھيو، جو سنڌي قوم پنھنجا حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ کان اڳ بہ اوھان کان پُڇي وٺي؟ اوھان اٿڻ جو اشارو ڪريو تہ اٿي بيھي ۽ ويھڻ جي اشاري تي اوھان جي پيرن ۾ گيسيون ڪري. ھاڻي اھو وقت گذري ويو ۽ اوھان کان ذري ذري جو حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آھي. جڏھن مولا بخش چانڊئي ڪئنالن واري معاملي تي ڳالھائڻ چاھيو، تڏھن نثار کھڙي اُن کي روڪي ڇڏيو. وري جڏھن نبيل گبول چوي ٿو تہ 4 اپريل تائين جيڪڏھن وفاقي حڪومت سنڌوءَ تي ڪئنالن ٺاھڻ جو فيصلو واپس نہ ورتو تہ اسان حڪومت ڇڏڻ جو فيصلو ڪندا سين. جنھن تي ڪاوڙ ڪندي، نثار کھڙي صاف صاف لفظن ۾ چيو تہ ” فيصلي ڪرڻ جو حق چيئرمين کي آھي ۽ نبيل گبول چيرمين نہ آھي. اھڙو ڪوبہ فيصلو نہ پيو ٿئي، 4 اپريل فقط ڀُٽي صاحب جي ورسيءَ جو جلسو آھي. جيڪڏھن اسان حڪومت ۾ رھندي بہ پنھنجي ڳالھہ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ٿا تہ ان ۾ ڪھڙو اعتراض آھي؟ معنيٰ ” ڳُڙ بہ مٺو آھي ۽ دريا بہ تکو آھي.“ چاھين پيا تہ اقتدار ۾ رھي، پنھنجي ڦرلٽ بہ جاري رکندا پيا اچن، مقدس ڌرتيءَ جا سودا بہ ڪندا رھن پر سندن ڪرتوتن خلاف موچڙو بہ نہ کنيو وڃي. ماڻھن سان ويساھ گهاتين ذريعي اقتدار حاصل ڪري، ڪرپشن ذريعي مال ميڙڻ جا مزا ماڻيندڙ سنڌ جا حڪمران ھاڻي ”ڏاھي ڪانگ“ وانگر ٻہ پيرا ڦاسي پيا آھن. سنڌ ۾ ٿا اچن تہ سنڌي قوم جا اڀ ڏاريندڙ نعرا سندن تعاقب ۽ سنڌ پرست صحافيءَ سندن گهيرو ٿا ڪن. پنڊي وڃن ٿا تہ اقتدار جا اصل ڌڻيءَ، کين ڌٻڙاٽ ڪڍندي چون ٿا تہ جيڪڏھن اوھان ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڏيڻ جي وعدي تان ڦِريا تہ ڪرپشن جا ڪيس کوليا ويندا. اسلام آباد قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃن ٿا تہ مصدق ملڪ جهڙا ليگي اڳواڻ کين چئلنج ڪري چون ٿا تہ ھمت آھي تہ ھن منصوبي لاءِ ڏنل زمينون واپس وٺن ۽ سنڌوءَ مان ڇھن ڪئنالن ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري ڏيکارين. سينٽ ۾ وڃن ٿا تہ اتي بہ ڳالھائيدي ڏڪڻي وٺيو وڃين. 25 مارچ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج جي سڏ جي سنڌي قوم کين ڪيتري موٽ ڏني، سا بہ سندن سامھون اچي چڪي آھي، اھوئي سبب آھي جو، ھو، ھاڻي ڪئنالن خلاف شاندار تحريڪ ھلائيندڙ اڳواڻن کي پيا چون تہ اچو تہ پاڻ ۾ ”اتفاق راءِ“ پيدا ڪريون. سوال اھو آھي تہ اتفاق راءِ ڇا تي ؟ ڇا اوھان جي ڪرپشن تي پردو رکي، توھان جا ڪيس ڌٻائڻ واري معاملي تي؟ اوھان جيڪو سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻائي، سنڌ سڪائڻ جي جيڪا سازش ڪئي، ان غداريءَ واري عمل ۾ اوھان جو ساٿياري ٿي، پنھنجي ئي منھن تي دانگي ملڻ واري عمل واري تي؟ ڇا اوھان پاران لاڳيتو 17 سالن تائين سنڌي ماڻھن کي بيروزگاريءَ، بک ۽ بدحاليءَ جي اونھي اوڙاھ ۾ اڇلائڻ جهڙي ڪڌي ڪم تي، ڇا اوھان جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پاران غريب ھارين جون زمينون ڦٻائڻ جي نيت سان غريبن جو قتل عام ڪرڻ تي؟ ڇا بحريا ٽائون لاءِ ملير جون ھزارين ايڪڙ زمينون ڏيئي، بدلي ۾ ڳرين رشوتن ۽ بلڊر پاران اسلام آباد ۾ بلاول ھائوس ٺاھي ڏيڻ واري ڪم تي ؟ يا اوھان جي سمورن ڪڌن ڪمن تي پردو رکي، سنڌ سان ڌوڪو ڪرڻ ۾ اوھان جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ تي. آخر اوھان پنھنجن ڪھڙن ڪھڙن گناھن تي اتفاق راءِ لاءِ سنڌين کي ايلاز ۽ منٿون ڪندا ۽ ڪھڙن گناھن کان انڪار ڪندا؟ ھاڻي سنڌي قوم توھان لاءِ معافيءَ جا ڌر بند ڪري ڇڏيا آھن. منافقي، منافقي ۽ منافقيءَ مٿان منافقي! نيٺ ڪيستائين برداشت ڪندي، ھيءَ قوم اوھان جي منافقي. مون اڳ ۾ بہ لکيو ھو تہ سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ جي خلاف ھلندڙ ھن عالمي تحريڪ خلاف مختلف سازشون ڪيون وينديون، ھاڻي ”ٻلي ٿيلھيءَ مان ٻاھر“ اچي ويئي آھي، جڏھن پيپلزپارٽي زرداري گروپ جي چيئرمين بلاول زرداريءَ وڏيءَ معصوميت سان بيان جاري ڪندي چيو تہ ”سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو مسئلو ڪافي متنازع بنجي چڪو آھي، وفاقي حڪومت جي تجويز آھي تہ سنڌوءَ مان وڌيڪ ڇھہ ڪئنال ڪڍيا وڃن، تہ جيئن اسان جي جن علائقن ۾ زراعت نہ پئي ٿئي ، انھن علائقن کي، بہ زراعت جي قابل بنايو وڃي، جنھن سان اسان جي معيشت مضبوط ٿيندي!، پيپلزپارٽيءَ ھميشہ زراعت کي اھميت ڏني آھي، اسان بہ چاھيون ٿا تہ گرين پاڪستان انيشيٽيو رٿا ڪامياب ٿئي، مسئلو فقط ”ايترو“آھي تہ ھن تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي، نہ تہ سڄو منصوبو متنازع بنجي ويندو، جيئن ڪالا باغ ڊئم رٿا متنازع بنجي ويئي ھئي.“ سندس ھن بيان مان اھا ڳالھہ چٽيءَ ريت نظر پئي اچي تہ ھو، وڏي ڌٻاءُ تحت سنڌي قوم جي نمائندگي ڪرڻ بدران، جن جي ووٽن جي طاقت سان ھو ايوانن تائين پھتا آھن،جيڪا وضاحت وفاقي حڪومت کي ڪرڻ کپي، سا ڳالھہ ڪندي نظر پيو اچي تہ سنڌوءَ مان ڇھہ ڪئنال ان ڪري پيا ڪڍيا وڃن تہ جيئن اتي جي غير آباد زمينن کي آباد ڪري، معيشت کي مضبوط ڪري سگهجي. اتي کيس سنڌ جي ھارين جو احساس نٿو ٿئي، جن کي پوکيءَ کان بہ روڪي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. جن جا جانور بہ اُڃ مري رھيا آھن، کيس انھن مھاڻن جي حالت تي بہ رحم نٿو اچي، جن جي سمنڊ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نہ ڪرڻ سبب، سامونڊي جيوت ختم ٿي رھي آھي،جنھن سبب ملاحن جا ٻچا بک ۽ اڃ وگهي تڙپي تڙپي مري ويندا، تمر جا سامونڊي ٻيلا تباہ ٿي ويندا، ڪوسٽل پٽيءَ جون ھزارين ايڪڙ زمينون سامونڊي پاڻيءَ ھيٺ اچي وينديون ۽ سامونڊي طوفانن جا خطرا وڌي ويندا. ھو اھو بہ چوندي پيو نظر اچي تہ مسئلو فقط ايترو اھي تہ ھن تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي، تہ منھنجا سائين اھا ڳالھہ اوھان کي ذھن ۾ رکي ڇڏڻ کپي تہ سنڌي قوم ھاڻي ڪنھن بہ نالي تي سنڌو جي پاڻيءَ تي سوڌو ٿيڻ نہ ڏيندي،اوھان ۽ اوھان جي آقائن پاران سنڌ تي ٿيندڙ ڪنھن بہ ڏاڍ کي برداشت نہ ڪندي، ھاڻي اتفاق راءِ يا Consensus سنڌي قوم کي نہ پر اقتدار ڌڻين کي سنڌو درياھہ تي ڪئنالن ٺاھڻ واري رٿا ختم ڪرڻ سميت سنڌ جون زوريءَ ڦٻايل سموريون زمينون ۽ وسيلا واپس ڪرڻ واري گهُر تي ڪرڻو پوندو، نہ تہ وفاق لاءِ جيڪا بہ ڏکيائي پيدا ٿي ان جا ذميوار سنڌي نہ ھوندا پر اقتدار ڌڻي ھوندا. ھو وڌيڪ ليلائيندي چوي ٿو تہ جيڪڏھن ھن رٿا تي اتفاق راءِ نہ ٿيو تہ سڄو منصوبو متنازع بنجي ويندو، جيئن ڪالا باغ ڊئم رٿا متنازع بنجي ويئي ھئي.“ جنھن جو سڌو مطلب اھو ٿو نڪري تہ اھي ڪالاباغ رٿا تي ڪم ڪرڻ لاءِ بہ تيار ھئا، پر سنڌي نہ مڃيا، اسان کي اھو بہ ياد آھي تہ ھنن جي حڪومت ڪالا باغ ڊئم رٿا لاءِ رقم بہ رکي ھئي، جڏھن تہ اھي اھڙيون ڍاڙون ھڻندي بہ نٿا ٿڪجن تہ ” ڪالا باغ ڊيم رٿا انھن ئي بند ڪرائي ھئي.“ نہ فقط ايترو پر زرداري گروپ اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ ايترو تہ انڌو ٿي چڪو آھي جو سندن ئي چُرچ تي پي پيءَ جي سينيٽر بيريسٽر ضمير گهمري سنڌو درياھہ مان ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ارسا بابت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آھي، تہ جيئن کين ھيءَ تحريڪ روڪرائڻ جو ڪو بھانو ملي سگهي. پر ان خلاف نامياري قانون دان سجاد چانڊئي، پورھيت مزاھمت تحريڪ جي صدر ۽ ٻين سنڌ دوست وڪيلن جو موقف سامھون اچي چڪو آھي تہ ھيءَ ڪئنالن خلاف ھلندڙ تحريڪ خلاف سازش آھي،نج قومي ۽ سياسي تڪرارن کي عدالتن ۾ نٿو نبيري سگهجي.اھڙن معاملن کي عدالتن ۾ آندو وڃي ٿو تہ پوءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (CCI) سي سي آءِ جي وجود جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ھيءُ نج سياسي معاملو آھي، تنھن ڪري سنڌ سياسي ۽ مزاھمتي طريقن سان اھو ڪيس وڙھندي ۽ ڪئنالن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي پاڻيءَ ۽ زمينن تي والار خلاف رد عمل روڊن تي عوامي جدوجهد ذريعي ايندو. ھاڻي ماڻھو سمجهي چڪا آھن تہ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت مٿان ٽئين قوت بہ آھي جيڪا ھنن کي نچائي پئي، تنھن ڪري سنڌي ھاڻي زرداري گروپ جي ”رام سان بہ ۽ رحيم سان بہ“ جهڙي ٻٽي پاليسيءَ کي ڪڏھن بہ نہ مڃيندا، ھاڻي ھنن کي ھڪڙو پاسو وٺڻو پوندو، سنڌ ھاڻي سجاڳ ٿي پئي آھي، ھاڻي جيترو ڪوڙ ڳالھائيندا ويندا، اوترو خوار ٿيندا ويندا. سندن اڻ ڳڻين ڪوڙن کين اھڙي ھنڌ اچي بيھاريو آھي، جتي ھڪڙي پاسي سمنڊ ۽ ٻئي پاسي کاھي آھي، جيڏانھن بہ ويندا، سياسي موت سندن منتظر رھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو