روشنين جو شھر انڌيرن جي ور ، بيوس عوام ناڪام نظام ….!

روشنين جو شھر انڌيرن جي ور ، بيوس عوام ناڪام نظام ….!

تحرير: ساقي ارشاد لورڙ
ڪراچي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ملڪ جي دل، روشنيءَ جو شهر، معاشي مرڪز ۽ ترقيءَ جي علامت سڏبو هو، اڄ بدانتظامي، لاپرواهي، بي حسي، ڪرپشن ۽ حڪمرانن جي ناڪاميءَ جو زنده مثال بڻجي چڪو آهي. هي اهو شهر آهي، جيڪو ملڪ کي اربين رپين جو ٽيڪس ڏئي ٿو، صنعتن کي هلائي ٿو، بندرگاهن وسيلي واپار کي زندگي بخشي ٿو، لکين ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ٿو، پر ان جي بدلي ۾ هتي رهندڙ عوام کي فقط محروميون، اذيتون، پريشانيون ۽ مايوسيون ملن ٿيون. ڪراچي جا رهواسي هر صبح نئين تڪليف سان جاڳن ٿا، ڪڏهن پاڻي ناهي، ڪڏهن گيس غائب، ڪڏهن بجلي بند، ڪڏهن گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل، ڪڏهن ٽٽل روڊن تي حادثا، ۽ ڪڏهن ڏينهين ڏٺي جو سرعام چوريون ۽ ڦرون. سوال اهو آهي ته ڇا هي سڀ ڪجهه اتفاق آهي يا منظم نااهلي، غلط پاليسين ۽ بي حسيءَ جو نتيجو؟
خبر ئي نٿي پئي ميڊيا اڳيان وزير مشير جنھن ڪراچي کي پيرس جا مثال ڏيندي ٿڪجن نه پيا انھن انھن کي ڪيئن ٻڌايان تہ
پاڻي زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آهي، پر ڪراچي ۾ اهو خواب بڻجي چڪو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ هفتن ۽ مهينن تائين نلڪا سڪا پيا هوندا آهن. ماڻهو ٽينڪرن کان مهانگو پاڻي وٺڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته شهر جو پنهنجو پاڻي غيرقانوني هائيڊرنٽن وسيلي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پاڻي مافيا، سياسي سرپرستي ۽ انتظامي نااهليءَ سبب شهر کي ڄاڻي واڻي پياسو رکيو وڃي ٿو. غريب ماڻهو روز سوچين ٿا ته پاڻي وٺن يا ٻارن لاءِ کاڌو خريد ڪن. ڪيترن ئي گهرن ۾ هڪ بالٽي پاڻي لاءِ جهڳڙا ٿين ٿا. اها ڪهڙي رياست آهي، جتي شهري بنيادي حق لاءِ به در بدر ٿين؟
ساڳي حالت گيس ۽ بجليءَ جي آهي. سياري ۾ گيس غائب، اونهاري ۾ بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، ڪاروبار تباهه، شاگردن جو مستقبل خطري ۾، مريض اذيت ۾. گهرن ۾ عورتون پريشان، پوڙها بي حال، ٻار مايوس نظر اچن ٿا. بجليءَ جا ٽرانسفارمر سڙن ٿا، وولٽيج گهٽ ٿئي ٿو، ۽ شڪايتن جو ڪو ازالو نٿو ٿئي. ننڍا ڪاروباري، دڪاندار ۽ مزدور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. وري
برسات پوڻ سان ئي شهر جو حقيقي چهرو سامهون اچي وڃي ٿو. گهٽيون، بازارون، اسڪول، اسپتالون ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا. گٽرن جو گندو پاڻي ماڻهن جي ڪمرن، رانڌڻن، مسجدن ۽ عبادت گاهون آلوده ڪري ڇڏي ٿو. بيماريون پکڙجن ٿيون، مڇر وڌن ٿا، ٻار ۽ پوڙها سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. هر سال ساڳيا منظر، ساڳيون تقريرون، ساڳيا واعدا، پر عملي قدم ڪڏهن به نظر نٿا اچن. نيڪاليءَ جي نظام لاءِ ڪروڙين رپيا مختص ٿين ٿا، پر اهي ڪاغذن ۾ ئي ورهائجي وڃن ٿا.
وري جي ڳالھ ڪجي ڪراچي جي روڊ ن رستن جي هاڻي روڊ ناهن رهيا، پر موت جا ڄار بڻجي چڪا آهن. کڏون، کوهه، ٽٽل پُل، اڌورا منصوبا، ناقص ڪم، ۽ ڪرپشن سبب هر روز ماڻهو حادثن جو شڪار ٿين ٿا. موٽرسائيڪل سوار، پيادل، ۽ ڊرائيور ڪنهن به وقت جان وڃائي سگهن ٿا. ڪيترائي نوجوان معذور ٿي وڃن ٿا، ڪيترائي پنهنجو مستقبل وڃائين ٿا، ڪيترائي گهر اجڙي وڃن ٿا، پر انتظاميه لاءِ اهي صرف انگ اکر آهن، جن جو ڪوبه احساس ناهي. انهن سڀني مسئلن سان گڏ بدامني ڪراچي جو سڀ کان وڏو زخم بڻجي چڪي آهي. موبائل ڦر، موٽرسائيڪل چوري، گهرن ۾ ڌاڙا، بازارن ۾ ڦرون هاڻي روز مرهه جو معمول بڻجي ويا آهن. ماڻهو ڏينهن جو به پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا. آفيس ويندي خوف، بازار ۾ خريداري ڪندي ڊپ، ٻارن کي اسڪول موڪلڻ وقت پريشاني. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هاڻي نه رڳو عام ماڻهو، پر علم، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل شخصيتون به محفوظ ناهن. تازو نامياري شاعر ۽ اديب پي تي وي پروڊيوسر گلوڪار فنڪار سائين بيدل مسرور جي گھر مان چوري ۽ وري پوئين ھفتي پراڻي شاعر فنڪار ممتاز مولائي جي گهر مان ٿيل چوري مان اهو واضح پيغام ملي ٿو ته ڪراچي ۾ ڪو به محفوظ ناهي. جڏهن سماج جا فڪري رهبر به چورن کان محفوظ نه هجن، ته عام ماڻهوءَ جي حالت جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.
پوليس ۽ انتظاميه جو ڪردار به انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. واقعي کان پوءِ دير سان پهچڻ، رپورٽ لکڻ ۾ ٽال مٽول، جواب دهيءَ جي کوٽ، ۽ ڪرپشن جون شڪايتون عام آهن. سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا وڏا دعوٰي ڪيا وڃن ٿا، پر گهڻا خراب پيل آهن. گشت جا اعلان ٿين ٿا، پر عملي طور گهٽ نظر اچن ٿا. جنھن ڪري عوام عوام رستن تي تڙپندو پريشان حال رهي ٿو.
صفائي، صحت ۽ تعليم جا شعبا به زوال پذير آهن. گندگيءَ جا ڍير، نالين ۾ بيٺل پاڻي، مڇر ۽ بيماريون عام آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي گهٽتائي، ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي. ڪيترائي مريض خانگي اسپتالن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، جتي غريبن لاءِ علاج ممڪن ناهي. اسڪولن جون عمارتون خراب، استاد گهٽ، ۽ شاگرد مايوس آهن. هي سڀ ڪجهه مستقبل جي تباهيءَ جو اعلان آهي.
سياسي جماعتون ۽ حڪمران هر اليڪشن کان اڳ وڏا واعدا ڪن ٿا. ڪراچي کي جديد شهر بڻائڻ، مسئلا حل ڪرڻ، روزگار ڏيڻ جا نعرا هڻن ٿا، پر چونڊن کان پوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا. عوام کي صرف ووٽ بئنڪ سمجهيو وڃي ٿو، شهرين جي حيثيت سان نه. هر حڪومت ايندي آهي، الزام اڳين تي وجهي هلي ويندي آهي، ۽ مسئلا جيئن جا تيئن رهجي ويندا آهن.
حقيقت اها آهي ته ڪراچي اڄ قربانيءَ جو بڪرو بڻجي چڪو آهي. صوبائي حڪومت، مڪاني ادارا، وفاق، پوليس، سڀ ذميوار آهن، پر ڪو به ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سڀئي هڪ ٻئي تي الزام هڻن ٿا، جڏهن ته نقصان صرف عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هي شهر، جيڪو ملڪ جي معيشت جو ڍانچو آهي، اڄ خود بيوس بڻجي ويو آهي.
ان باوجود، اڃا به اميد جي ڪرڻي موجود آهي. ھاڻوڪي حڪومت بئريسٽر مرتضي وھاب ميئر ڪراچي سٺا ڪم پڻ ڪري رھيو آھي پر ھن جي ھر سٺي ڪم کي نظرانداز پڻ ڪيو پيو وڃي حقيقت تہ ھي پھريون دفعو ڪراچي پيپلز پارٽيءَ وٽ ۽ باقي پوئين سالن جي نوبت ڪيل ڪچري ٻاھر کان ويندي شھر کي گلو گلزار ڪرڻ جو ڪم ھو شخص ڀرپور نموني ڪري رھيو آھي ھن مان اميدون ھن تہ پوئين سالن کان ڪجھ نه ڪجھ بھتر نتيجا ڇڏي ويندو پنھنجي سياسي پيرڊ ۾ ان اميد سان موڪلاڻي .

پهنجو تبصرو موڪليو