سيڊون پارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنر امام الحق اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٽن ميچز جي ون ڊي سيريز جا رهيل ٻئي ميچ پاڪستان کٽيندو ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪندو. پهرين ميچ ۾ پير ۾ تڪليف سبب امام کيڏي نه سگهيو هو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشنز مختلف آهن ۽ هاڻي اسين ايڊجسٽ ڪري ويا آهيون. هن چيو ته 15 کان 20 بال کيڏڻ بعد رنز اچڻ شروع ٿينديون. پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي نيوزيلينڊ 73 رنز تان شڪست ڏني هئي. ٻئي ميچ سيڊون پارڪ ۾ اربع تي 3 وڳي کيڏي ويندي ۽ سيريز جو آخري ميچ 5 اپريل تي کيڏي ويندي.










