محمد انور ميمڻ
دڙي شھر ۾ ايريگيشن کاتي، سال کَن اڳ دڙو پِڃاري پُل ڪروڙين رُپيا خرچ ڪري ٺھرائي، ھن پُل جي ھنَ ٻي مرمت کي تباھيءَ کان بچايو وڃي. شھر جي رونق ھن پُل تائين آھي، جي پُل نہ رھي تہ شھر جي رونق تباھ ٿي ويندي. خدارا پڃاري پُل کي ٻيھر تباھيءَ کان بچايو. جيڪڏھن نہ تہ ھن شھر جي سونھن تباھ ٿي ويندي.
دڙي شھر ۾ پِڃاري پُل کان بٺورو روڊ، پيٽرول پمپ تائين ۽ سزوڪي اسٽاپ کان ٻنون روڊ، واٽر سپلاءِ تائين ۽ پُل کان محمود واھ موريءَ تائين حد دخلين جو آزار حد کان وڌيڪ آھي. بسون، ڪارون ۽ ٻيا ڪاروباري ماڻھو پُل کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا. خدارا حد دخليون ھٽرايو ۽ موٽر سائيڪلن جي رش جو آزار پڻ آھي. عام ماڻھن جو شھر ۾ ھلڻ محال بڻجي چڪو آھي. خاص ڪري ننڍڙن ٻارن، شاگردن ۽ وڏيءَ عمر جي پوڙھن ۽ بيمار عورتن ۽ مردن جو ھلڻ محال ٿي چڪو آھي. روڊن جي ٻنھي طرفن کان ڪاروباري مرڪز کليل آھن، ان سبب ڪنھن بہ وقت حادثي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
دڙي شھر جي روڊن تي ناجائز قبضا ٿي رھيا آھن، جڏھن تہ شھر اندر ڪروڙين رُپين جي لاڳت سان ٻہ وڏيون عمارتون ٺھرايل آھن، جن ۾ ھڪ مڇي مارڪيٽ ۽ ٻي سبزي مارڪيٽ، جيڪي ھن وقت بي درديءَ سان پيل آھن! مڇي مارڪيٽ ۽ سبزي مارڪيٽ ۾ خانہ 40 کان وڌيڪ ٺھيل آھن. جيڪي ھن وقت ٻين ڪاروبارن ۾ ھلي رھيا آھن! ۽ انھن ۾ ٻيا مسواڙي فرضي نالن سان ويٺل آھن! مڇي، گوشت، سبزي جا گاڏا ۽ صَندل شھر جي روڊ تي نظر اچي رھيا آھن.
پڃاري پُل جي ھن وقت حالت تمام خراب آھي، جنھن لاءِ سياسي، سماجي، ادبي، صحافي ۽ شھري گهر ٿا ڪن تہ جاچ ڪري جائز مسئلو حل ڪيو وڃي. عوام جو ھلڻ بہ محال ٿي چڪو آھي! خاص ڪري جنازي وقت ۽ ايمرجنسي بيمارين وقت مريضن کي سخت پريشاني ٿئي ٿي.
بالا حڪام کي اپيل ٿا ڪريون تہ شھر ۾ رولو ڪُتن، گڏھن ۽ تيزيءَ سان موٽر سائيڪل ھلائڻ جو پڻ آزار آھي، ان لاءِ ڪو لائحہ عمل تيار ڪيو وڃي تہ جيئن ھتان جا شھري پُر امن رھي سگهن.
ھن شھر کي تفريح گاھ پڻ ناھي! ھڪ پبلڪ پارڪ آھي ان جي حالت بہ ڪنھن کان ڳجهي ناھي! چند ڀڳل ٽٽل ڪُرسيون لڳل آھن، ساوڪ لاءِ ٿوري وڻڪار آھي. پبلڪ پارڪ جي سار سنڀال گهٽ ھئڻ ڪري پارڪ جي سونھن نظر گهٽ اچي ٿي. صبح کان شام تائين لوفر، جواري، شرابي، ٺرائي ۽ ڏوھاري قسمن جي ماڻھن جي رسائي جهڙو پارڪ آھي. سائين منھنجا توھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ھن قديمي پبلڪ پارڪ ۾ ھن وقت شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جو مجسمو پڻ لڳل آھي، اسان بالا حڪام کي اپيل ٿا ڪريون تہ پبلڪ پارڪ ۽ مجسمي جي صفائي سٿرائيءَ جو خيال رکيو وڃي ۽ پبلڪ پارڪ اڳيان جيڪو روڊ ميران شاھ شيرازي درگاھ ڏانھن وڃي ٿو اھو تمام ھيٺ آھي، برساتي موسم ۾ گوڏي جيڏو پاڻي اتي بيھي ٿو. بيمار ۽ جنازا کڻي وڃڻ وارن کي سخت پريشاني درپيش اچي ٿي. ان لاءِ نگران وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون تہ خدارا اسان جا ھي جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.










