ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي هيٺ پنج رڪني لارجر بئنچ ٻارنهن جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس اعاز الحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل بئنچ ۾ شامل هوندا جڏهن ته جسٽس امين الدين خان به لارجر بئنچ جو حصو هوندا.اٽارني جنرل، واپدا چيئرمين، ايف بي آر چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انکانسواءِ اين ايڇ اي ۽ نيشنل بئنڪ جي چيئرمينز سميت ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو