دنيا ۾ پريشان ٿيندڙ ارب پتي ۽ بک مرندڙ ماڻهو

دنيا ۾ پريشان ٿيندڙ ارب پتي ۽ بک مرندڙ ماڻهو

سڪندر چنو
الله پاڪ جو عجيب نظام آهي الله پاڪ جو فرمان آهي آسودو ڪري آزمائيندو آهيان ۽ غريب کي به آزمائش ۾ آزمايان ٿو. سو بحرالحال هن وقت دنيا جي آبادي تقريبًا 8 ارب ٿي چڪي آهي. هن وقت به هڪ ارب ماڻهو اهڙا آهن جن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻن وقتن جي ماني به نصيب ڪونه ٿئي ٿي. پر وري ٻئي طرف اهڙا به آسودا ماڻهو آهن جن وٽ دولت جا انبار ته آهن پر اها دولت سندن کان سڪون کسي ورتو آهي. ۽ اهي ماڻهو سڪون جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيا آهن. ائين به ناهي ته دولت هجڻ سان خوشي ملي ٿي. بلڪل نه، دولت وقت سر ڪم ضرور اچي ٿي پر سڪون ۽ صحت ان سان جڙيل ناهي. دولت جي ڍير ۾ ٻڏل انهن ارب پتين ماڻهن دنيا جي اڳواڻن کي هڪ خط لکيو آهي ته سندن دولت ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي سبب هو ڏاڍا پريشان آهن. ان لاءِ سندن دولت تي سپر ٽيڪس لڳايو وڃي ته جيئن اهي سڪون سان ننڊ ۽ آرام سان زندگي گذاري سگهن. پر آءُ سمجهان ٿو ته سندن جي اهيا سوچ ۽ خيال غلط ناهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ پنهنجي استعمال کان وڌيڪ دولت آهي ته هو پنهنجي ارد گرد رهندڙ غريب ماڻهن ۾ دولت ورهائي. بکئي پيٽ سمهندڙن کي کاڌو کارائي يا انهن جي اگهاڙن لڱن کي ڍڪي پرسڪون ۽ آرام واري زندگي به گذاري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته دم نڪرڻ کان پوءِ اڪيلي سر قبر ۾ منهن ڏيندو ۽ سندس جسم تي 2 ميٽر ڪپڙو پهريل هوندو. ان کان بهتر آهي ته هو پنهنجي دولت غريبن ۾ تقسيم ڪري ان سان سندن کي روحاني سڪون ملي سگهي ٿو. بحرالحال دنيا جي انهن ارب پتي ماڻهن جو خيال آهي ته غير ورهاست سبب بني نوع انسان لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي ۽ امير ۽ غريب جي وڌندڙ فرق سبب دنيا ۾ وڏا خطرا وڌي رهيا آهن ۽ ان معاملي تي سنجيدگي سان ڪوششون ورتيون وڃن. دنيا جي امير طبقي تي نظر رکندڙن انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي 2 سيڪڙو اميرن ماڻهن وٽ عالمي آبادي جي گڏيل طور سرمايو کان وڌيڪ دولت موجود آهي. ٻئي طرف بدگماني يا آفسردگي اهيا آهي ته هر ٻئي ڏينهن تي هڪ ماڻهو بک ۽ بدحالي جي فاڪاڪشي ۾ مبتلا ٿيندي زندگيءَ جي جنگ هارائي رهيو آهي. هوڏانهن بک بدحالي سبب ماڻهو مري رهيا آهن ته وري ٻئي طرف 2025 ۾ ارب پتي ماڻهن جي دولت ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان لاءِ 2025 گذريل سال کي ارب پتي ماڻهن جو سال چيو وڃي ٿو. ايلن مسڪ جي دولت ۾ کربن ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ 8 ارب ڊالر آهن جيڪو هڪ ڪاروباري شخص آهي سندس دولت ۾ پڻ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي شيطاني طبيعت ۽ تڪبرن سان ڀرپور طبيعت سبب آسودا آمريڪي ماڻهو پريشان آهن جيڪي ملڪ ڇڏي يورپ طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. جائز طريقي سان پيئسو ڪمائڻ هر ماڻهو جو حق آهي. پر حد کان وڌيڪ دولت جمع ٿيڻ سان معاشري ۾ انيڪ خرابيون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي ماڻهو غير قانوني طريقي سان ارب يا کرپ پتي بڻجي وڃن ٿا اهي اليڪشون خريد ڪندي سياسي طور طاقتور قوتون بڻجي ويندا آهن. اهي پئسي جي زور تي ملڪ جي هر اداري کي پنهنجي زير اثر آڻي ڇڏيندا آهن. ايتري قدر جو عدالتن ۽ ميڊيا کي به خريد ڪري ڇڏيندا آهن. دولت سبب سندن خاندان عياشي واري زندگي گذاريندا آهن. ڇاڪاڻ ته دولت ۾ شراب ڪباب کان وڌيڪ نشو موجود هوندو آهي. پر عام ۽ غريب ماڻهو پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني به نصيب ڪونه ٿيندي آهي. هڪ وڏو ماڻهو جڏهن ڪنهن رستي کان گذري رهيو هو ته زمين ۾ ڪم ڪندڙ غريب مزدور جيڪو سخت گرميءَ ۾ لڱن اگهاڙو ڪوڏر وسيلي ڪم ڪري رهيو هو اهو وڏو دولت مند ماڻهو جيڪو صحت ۾ ٺيڪ نه هو ٿڌا ساهه ڀريندي چيو ته اهڙي دولت کان بهتر هو ته آءُ هن هاريءَ جي جاءِ تي هجان ها صحت ته بهتر هجي ها. دولت کان وڌيڪ صحت آهي. اسان کي ياد آهي يعني اڳ هاري ناري واهه جي پاڻيءَ مان پيئڻ لاءِ پاڻي واپرائيندا هئا ۽ صحت ۾ بهتر هوندا هئا. پر افسوس جيڪي اڄ منرل پاڻي واپرائين ٿا انهن جا گڙدا فيل ۽ ٻيون انيڪ بيماريون. بحرالحال دولت جي اڻ برباري سبب اڪثر ماڻهن جي دولت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ امير توڙي غريب جي زندگيءَ ۾ وڏو فرق روز روز وڌي رهيو آهي. جنهن سان معاشري جي حالت بگڙجي رهي آهي ۽ ماڻهن جي احساس ڪمتري توڙي احساس محرومي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. غربت جا اثر آفريڪا، ايشيا جنهن ۾ ڀارت، بنگلاديش، پاڪستان، سري لنڪا، وغيره اچن ٿا ۽ خود سپر پاور آمريڪا ۾ صوتحال بگڙيل نظر اچي ٿي. دولت جي نشي ۾ ماڻهو غريب ماڻهن تي حاوي ٿي رهيا آهن. ۽ اهي ماڻهو معاشي انصاف کي ناممڪن بڻائي رهيا آهن. اهڙي طرح امير امير ۽ غريب غريب ته ٿيندو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا جي اڌ دولت هڪ سيڪڙو امير طبقي جي ڪنٽرول ۾ آهي. جڏهن ته 40 سيڪڙو ماڻهن جي حصي ۾ صرف روزانو 5 ڊالر اچن ٿا. ڊونلڊ ٽرمپ خود هڪ ارب پتي ماڻهو آهي. اهيو هڪ اتفاق ناهي بلڪه اهيو اسان جي معاشري جو نظام آهي. جيڪو اميرن کي اڳتي وڌڻ ۽ نادارن ۽ مسڪين کي پوئتي ڌڪڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ۽ اهيو نظام دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي. پاڪستان ۾ پڻ هن نظام جي شڪل کولي آهي. هن پاڪستان ۾ 15 سيڪڙوماڻهن وٽ ملڪ جي 50 سيڪڙو دولت آهي. جڏهن ته باقي ماڻهو بمشڪل گذارو ڪن ٿا. پاڪستان ۾ فرق تعليم جو، ٽيڪسن نظام جي ناڪامي، جاگيرداري ۽ اشرافيا طبقي جي مضبوط گرفت، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن اهم سبب آهي. آبادي جو واڌارو ۽ بيروزگاري پڻ اهم ڪارڻ آهي. هڪ فلاسافر ان سموري صورتحال جي تدارڪ لاءِ هڪ تجويز ڏيندي چيو آهي ته دولت جي هڪ قانوني حد مقرر ڪئي وڃي. ۽ ان کان وڌيڪ جنهن وٽ به دولت هجي اها دولت قومي خزاني ۾ جمع ڪئي وڃي. ان سان ٿي سگهي ٿو ته ٽيڪسن جو نظام متوازن ٿي وڃي. بحرالحال اسلام جيڪو دلت جي نظام جي ورهاست جو فارمولو طئه ڪيو آهي اهو بهتر ۽ مؤثر ثابت ٿيو آهي ان کي فالو ڪيو وڃي. ان نظام جو فالو صرف مسلمان ئي ڪري سگهن ٿا. غير مسلم نه. پر خود اسلامي ملڪن ۾ ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. پاڪستان تيزي سان پگهارن تي ڀاڙيندڙ ملڪ بڻجي رهيو آهي. ۽ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيئي ٿو. قومي افرادي قوت ۽ ملازمن جو تناسب وڌندي 60 سيڪڙو تائين رهجي ويو آهي. حڪومت خود معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. پاڪستان صف قرضن تي هلي رهيو آهي. ٽيڪنالوجي جو جيڪڏهن پاڪستان ۾ انقلاب اچي وڇي ته ڏاڍو ڪارآمد ٿي سگهي ٿو خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ آرٽيفيشل انٽيلجنسي ۾. پاڪستان کي زراعت جي ترقي، صفتن جي واڌاري تي خاص توجه ڏيڻ گهرجي. ملڪ جو معاشي نظام اهڙو هجڻ گهرجي. جنهن سان غريب جي حالت به بهتر ٿي سگهي. ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ معاشي طور ترقي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو