خيبر پختونخوا، اميد جو رستو ڏيکاريو آهي!

خيبر پختونخوا، اميد جو رستو ڏيکاريو آهي!

ليکڪ : اشرف جهانگير قاضي
پاڪستان جي اڪثر تاريخ دوران، ملڪ جي اشرافيا ۽ انهن جا حاوي ادارا عوام تي حڪومت ڪندا، ڪنٽرول ڪندا، دوکو ڏيندا، لوٽ ڪندا ۽ دٻاءُ وجهندا رهيا آهن، ۽ اڄ به ائين ئي ڪري رهيا آهن.هو عوام جا خادم ٿيڻ بدران، مالڪ بڻجي ويا آهن. نتيجي طور، اهي ملڪ جي ترقي، ۽ انهن حقن ۽ آزادين جي واٽ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي چڪا آهن، جيڪي پاڪستان جي آئين ۾ عوام کي ضمانت طور ڏنا ويا آهن.
بدقسمتيءَ سان، آئين کي لفظن ۽ روح ٻنهي لحاظن سان منظم نموني لتاڙي، بي اثر بڻايو ويو آهي. انهن غير ذميوار حڪمران طبقن ۽ سندن ساٿين پنهنجي ملڪ سان جيڪا دشمني ڏيکاري آهي، اها شايد ئي ڪنهن ٻاهرين دشمن ڏيکاري هجي. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ملڪ لاءِ جيڪي تقريباً موتمار حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي انهن لاءِ فڪر جو سبب ئي ناهن.
تنهن هوندي به، ملڪ تي پکڙيل هن اونداهي آسمان ۾ هڪ ننڍڙو شعاع اُڀريو آهي. هڪ بهادر، ايماندار ۽ سادي زندگي گذاريندڙ نوجوان جي صورت ۾، جيڪو خيبر پختونخوا جو وڏو وزير بڻيو آهي. هن نوجوان ۾ ملڪ جي نوجوانن ۽ غريبن جون اميدون سمايل آهن. هن کي اُن قومي اڳواڻ جو اعتماد حاصل آهي، جيڪو اڄ قيد ۾ آهي، پر جنهن تي ملڪ جي اڪثريت پنهنجون اميدون رکي ٿي. هاڻي به، اهڙيون سياسي سازشون هلي رهيون آهن، جن جو مقصد پاڪستان جي آزادي، خوشحالي ۽ بقا جون اهي اميدون ناڪام ڪرڻ آهي، جيڪو انتهائي ڏک ۽ افسوس جوڳو عمل آهي.
پاڪستان جي وچولي طبقي جي علمي ۽ ذهين طبقن (intelligentsia) به، وڏي حصي ۾، پنهنجي ذميوارين بدران ذاتي آسائش ۽ سلامتي کي ترجيح ڏني آهي. اهي ڄاڻي ٻجهي اهڙا دليل ڏين ٿا، جيڪي ملڪ لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيل status quo کي قائم رکڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. انهن جي ضمير کي ڪو به عار نٿو اچي، چاھي اهي ڄاڻائي يا اڻڄاڻيءَ ۾ پنهنجي مٿاهين آقائن ۽ فائدي وٺندڙن جي خدمت ڪندا رهن.
تنهن هوندي به، ڪجهه اميد ڀريا سوال اڀرن ٿا: ڇا هڪ سادو، نوجوان اڳواڻ تجربيڪار مفاد پرستن ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿو؟ ڇا اميد جي طاقت سياسي حساب ڪتاب کي هٽائي سگهي ٿي؟ ڇا هڪ ٽٽل رياست پاڻ کي ٻيهر اتحاد، قرباني ۽ ڪاميابيءَ جي جذبي سان جوڙي سگهي ٿي؟ جيتوڻيڪ حالتون مايوس ڪندڙ آهن، پر اهڙن سوالن جا نا اميد جواب قبول نٿا ڪري سگهجن،۽ نه ڪرڻ گهرجن.
اسان “هئڻ يا نه هئڻ” جي لمحي تي بيٺا آهيون، جتي اخلاقي سمجه کي غالب اچڻ گهرجي.
بين الاقوامي سطح تي، شرم الشيخ ۾ ٿيل شو، جنهن ۾ ٽرمپ جي تعريفون ڪندي چاپلوسي ڪئي وئي، اسان لاءِ شرم جو باعث هئڻ گهرجي ها. فلسطين جي ماڻهن جي جبري بي دخليءَ جي پهرين رت آلود مرحلي کي “امن” طور پيش ڪرڻ، اسلامي دنيا لاءِ هڪ نئون اخلاقي زوال آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جو صرف سرحدي ڇڪتاڻ تي ختم ٿي وڃڻ به ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جا خليجي حليف پنهنجن “پاڪستاني ڀائرن” کي حقارت سان “مسڪين”، “رفيق” ۽ “صديق” جهڙا لقب ڏين ٿا.
ٽرمپ جي اعلاميي ۾ فلسطين جي رياست جي قيام جو ذڪر نه هجڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته صهيونيت جي حامين لاءِ “امن” جو مطلب رڳو قبرستان جهڙي خاموشي آهي. اهو اقوام متحده جي قرارداد 242 ۽ 338 کي بي اثر بڻائي ٿو، ۽ نتيجي ۾ يورپي ۽ عرب اڳواڻن طرفان ٻه رياستي حل جي ڳالهه به مذاق بڻجي وڃي ٿي.
پاڪستان جي اهڙي “تماشي” ۾ شرڪت جو سڌو اثر ڪشمير تي اقوام متحده جي قراردادن تي پوي ٿو، جيڪي راءِ شماري ذريعي ماڻهن جي مرضي معلوم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. ٽرمپ جي بي معنيٰ تعريفن جي باوجود، ڇا هو ڪڏهن ڪشمير ۾ راءِ شماريءَ جي حمايت ڪندو؟ بلڪل نه! ڇو ته ڀارت آمريڪا لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.
مودي واضح ڪري چڪو آهي ته هو ٽرمپ جي دٻاءَ هيٺ نه ايندو، ۽ ٽرمپ هاڻي هن کي خوش ڪرڻ ۾ لڳل آهي. بهرحال، ٽرمپ پاڪستان تي زور ڏيندو ته هو پنهنجي قومي مفادن بدران آمريڪا جي مفادن کي ترجيح ڏي، خاص طور تي بگرام، سي پيڪ، جمهوريت جي دٻاءَ، ۽ ملڪ جي وسيلن کي ٿورڙي رقم ۾ وڪڻڻ بابت۔ ڪيسنجر گهڻو اڳ چيو هو ته “آمريڪا جي دوستي مهانگي پوي ٿي!”
اميد آهي ته جڏهن پاڪستاني عوام جي حاڪميت بحال ٿيندي، ته اهڙا تماشا به ختم ٿيندا. جڏهن حڪمران اشرافيا ۽ سندن فڪري مشينري پنهنجي پاڻ سان ايماندار ٿي ويندي، ته نون امڪانن جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. ملڪ جا مسئلا ته رهندا، پر انهن جو نوعيت موتمار بدران قابلِ حل بڻجي ويندو. تڏهن ئي پاڪستان ۾ اعتماد، توانائي ۽ جدت جو دور شروع ٿيندو، ۽ نوجوان ملڪ ڇڏڻ بدران، ان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وٺندا.
شايد اڄ اهو سڀ خواب لڳي، پر جيڪڏهن اختيار وارا ماڻهو پنهنجو احتساب ڪن، ته شايد پنهنجي ضمير جي آوازن کي ٻڌي سگهن. جيڪڏهن اهي شر بدران خير جي راهه اختيار ڪن، ته شخصي ۽ قومي نجات ممڪن آهي.
انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته 8 فيبروري 2024ع جو عوامي مينڊيٽ بحال ڪيو وڃي. صرف تڏهن ئي قائداعظم جو پاڪستان، بنگلاديش سان دوستي ۽ ڀارت سان اصولي مصالحت ذريعي، پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ٿي سگهي ٿو — جيڪو دنيا جي ٻن اربن کان وڌيڪ مظلوم ماڻهن لاءِ نعمت بڻجي سگهي ٿو.
اهڙي ئي حال ۾، افغانستان ۽ وچ ايشيا سان اسان جا لاڳاپا به تاريخي، ثقافتي ۽ قدرن تي ٻڌل انداز ۾ مضبوط ٿي سگهن ٿا. چين سان لاڳاپن ۾ پڻ، جنهن تي سڄي دنيا جي مظلوم قومن جون اميدون آهن، نوان در کوليا ويندا.
ڇا اهو مستقبل دلڪش نه آهي؟ پوءِ ڪو به سٺو انسان ان کي ڇو تباهه ڪرڻ چاهيندو؟ جيڪڏهن اسان پاڻ کي هڪ قوم سمجهون ٿا ۽ پنهنجي سياسي حاڪميت تي يقين رکون ٿا، ته اسان سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهون ٿا ۽ پنهنجا امڪان حقيقت ۾ بدلائي سگهون ٿا.
(نوٽ :ليکڪ اڳوڻو سفير آهي، جنهن آمريڪا، ڀارت، ۽ چين ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ گڏيل قومن جي مشنن جي سربراهي به ڪئي آهي. هي مضمون هن ڊان ۾ لکيو جيڪو اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا.)

پهنجو تبصرو موڪليو