حڪومتي “بل” پارليامينٽ ۽ عدليه کي آمهون سامهون آڻي ڇڏيندو؟

حڪومتي “بل” پارليامينٽ ۽ عدليه کي آمهون سامهون آڻي ڇڏيندو؟

ايم بي سومرو
بلوچستان صوبي جي گوادر ۾ “بلوچ راج مجي” يعني بلوچ قومي ميڙ جي عنوان سان جبري گمشدگين خلاف احتجاج کي ڀلي قومي ميڊيا ۾ ڪوريج نه ملي رهي هجي پر سوشل ميڊيا کي بلوچ مظاهرين هٿيار وانگر استعمال ڪري ماڻهن تائين پنهنجي احتجاج ۽ عوام شرڪت کي پهچائي ڇڏيو آھي. اهو ئي سبب آھي ته گوادر ۾ ٿيندڙ احتجاج بابت پاڪستان سوڌو پرڏيهه ۾ رهندڙ باخبر آھن. مهيني ڏيڍ کان اهي خبرون اچي رهيون آھن ته سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ فائر وال سسٽم پاڪستان ۾ لڳي رهيو آھي. خبرون ته اهي به آيون آھن ته اهو فائر وال سسٽم چين کان ورتو ويو آھي، جنهن جو تجرباتي بنيادن تي استعمال ٿي رهيو آھي، جنهن سان ضرورت پوڻ تي ڪنهن علائقي ۾ لنڪ ڊائون يا سوشل ميڊيا پليٽ فارم سست يا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آھي ته ادارن خلاف سخت تنقيدي مهم مسلسل هلڻ سبب فائر وال سسٽم آيو آھي. ٽوئيٽر به انهيءَ ڪري مسلسل وي پي اين لڳائي هلائڻو پوي ٿو. ان ڪري ان پليٽ فارم تي پاڪستان اندر ساڳي سرگرمي نه رهي آھي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گذريل اڱاري ڏينهن صحافين سان ڪيل غيررسمي ڳالھ ٻولھ کي مختلف سياسي زاوين کان ڏنو پيو وڃي. هڪ ان زوايي کي به محسوس ڪيو پيو وڃي ته سوشل ميڊيا کي هٿيار بنائي اڳتي وڌندڙ پي ٽي آءِ فائر وال لڳڻ ۽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا کي هينڊل ڪندڙ مک ماڻهن جي گرفتاري بعد عمران خان کي آخر ڪار “انهن سان ئي ڳالهين ڪرڻ لاءِ تيار آھيون” جهڙو بيان ڏيڻو پيو آھي، جن تي عمران خان مسلسل نه رڳو تنقيد ڪندو رهيو آھي پر اشعارن اشعارن ۾ مير جعفر ,مير صادق به قرار ڏيندو رهيو آھي. عمران خان صحافين سان ڪهڙي ڳالھ ٻول ڪئي آھي، اها اوهان اڳيان رکڻ ڪري ضروري آھي.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اڱاري ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، “هو فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري اسان ڳالهيون ڪنداسين. محمود خان اچڪزئي کي اسان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو هو، پر ٻئي طرف کان ڪوبه نالو سامهون اچي ته اسان ڳالهيون ڪريون. محمود خان اچڪزئي تي اسان جو پورو ڀروسو آهي”.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو اهو به چوڻ هو ته “فوج تي ڪڏهن به الزام ناهن لڳايا، رڳو تنقيد ڪئي هئي، جسٽس عامر فاروق منهنجي ڪيسن کان الڳ ٿي وڃي. حڪومت پي ٽي آءِ ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهي ٿي، ٻئي سمنڊ ۾ ٻڏي رهيون آهن، بوُٽ جي سهاري لٽڪن پيون، جنهن کي 9 مئي جو ٽيگ لڳل آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا پٺيان جنرل ضياءَ الحق هو ۽ ڍاڪا سانحي پٺيان جنرل يحييٰ خان جو هٿ هو. جيڪڏهن اوهان ظلم ڪندئو ته ڇا فوج تي تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي انهن جو ئي ته نمائندو آهي. هو انهن جي ذريعي ئي آيو آهي. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نڪرندڙ بلوچ عوام جي به حمايت ڪريان ٿو، بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ ظلم آهي، حڪومت هوش ڪري ۽ بلوچ عوام ۾ تمام گهڻي نفرت پکڙي رهي، اسان جا 25 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ احمد جنجوعا کي گهر مان گرفتار ڪري دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي”. عمران خان فوج کي بگڙيل ٻار سان تشبيهه ڏيندي چيو ته، “گهر ۾ ڪوبه بگڙيل ٻار هجي ته انهي تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ۽ فوج تي تنقيد انهي سبب ڪئي هئي ڇو ته تنقيد جمهوريت جو حسن آهي. مريم نواز فاشسٽ آهي. اها پنهنجي پيءُ جي چوري جي پئسن سان پلي آهي جيئن شهزادي هجي. مريم نواز آءِ جي پنجاب کي انهي لاءِ رکيو آهي ته اهو پي ٽي آءِ تي ظلم ڪري”.
عمران خان اگر احتجاج ڪندڙ بلوچ عوام ۽ جماعت اسلامي جي احتجاج جي حمايت نه ڪري ها ته پوء ان جي سموري ڳالھ ٻولھ پنهنجي ذات کان شروع ٿي پنهنجي ذات تي ختم ٿئي ها. عمران خان فوج سان ڇو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ان جو هن پاڻ اظهار ڪيو آھي ۽ ڳالهين لاء هن محمود اچڪزئي جو نالو ورتو آھي. هي اهو محمود اچڪزئي آھي، جنهن تي عمران خان جي حڪومت ۾ چٿرون ڪيون وينديون هيون. خود عمران ان کي تنقيد جو نشانو بنائيندو هو پر هاڻي حالتن هڪ سئو اسي ڊگري جو ٽرن ڏنو آھي. جيڪو مولانا فضل الرحمان عمران خان کي يهودين جو ايجنٽ قرار ڏيندو هو، اهو مولانا فضل الرحمان عمران خان جي پارٽي سان ويجهڙائپ وڌائي رهيو آھي. مولانا فضل الرحمان اهو ئي آھي جنهن بابت عمران خان ڊيزل ڊيزل جا جلسن ۾ نعرا هڻائيندو هو. مولانا فضل الرحمان عمران خان وانگر مخالف ڌر ۾ آھي. اهو مامرو ۽ حالتون کين هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي رهيون آھن. اگر مولانا حڪومت ۾ هجي ها ته عمران خان انهي کي به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي قطار ۾ بيهاري ها ۽ انهن وچ ۾ تعلقات ائين بهتر ٿيڻ جو ماحول نه جڙي سگهي ها
پاڪستان ۾ عدم برداشت ۽ ڇڪتاڻ جي صورتحال وڌندي نظر اچي رهي آھي. هڪ طرف هڪ فيصلي جنهن بابت سپريم ڪورٽ پاران وضاحتون به جاري ڪيون ويون پر پوءِ به چيف جسٽس پاڪستان کي انهي فيصلي جي بنياد تي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي ۽ انهي فيصلي جو مامرو قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ به اڱاري ڏينهن پهچي ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبرن به ججن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پوءِ اسپيڪر انهي مامري کي ڪاميٽي کي موڪلي رپورٽ طلب ڪئي آھي. مسئلو اهو آھي ته انهيءَ حساس مامري تي اگر ڪو ميمبر ڪو اهڙو موقف اختيار ڪري، جيڪو ملڪ اندر انتها پسندن کي پسند نه اچي ته پوءِ انهي جي تحفظ جي ذميواري ڇا اسپيڪر کڻي سگهي ٿو؟
ڳالھ اڱاري ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته قومي اسيمبلي ۾ اڱاري ڏينهن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ٿيو، جنهن کي ڪالھ يعني اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي “جهٽ مڱڻي، پٽ وهان” وانگر اڪثريت راءِ سان منظور به ڪري ورتو آھي. هاڻي امڪان آھي ته جمعي ڏينهن ان بل کي منظور به ڪرايو ويندو.
اصل ۾ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آھي ته پي ٽي آء کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. اهو فيصلو حڪومت جي منشا ۽ اميدن خلاف آيو ان ڪري حڪومت ان فيصلي تي تنقيد ڪري رهي آھي پر اڱاري ڏينهن چالاڪي کان ڪم وٺندي حڪومٿ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر کان قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل 2024 پيش ڪرايو آهي. جنهن جي قانون واري وزير پاران مخالفت نه ڪرڻ سبب اليڪشن ايڪٽ 2017 ترميمي بل 2024 وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو. ڪاميٽي ڄڻ انتظار ۾ هئي جنهن به ان بل کي منظور ڪر ورتو آھي. ترميمي بل تحت اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 66 ۾ شامل ڪيل ترميم ۾ چيو ويو آهي ته مقرر ٿيل نشانن جي الاٽمينٽ کان اڳ جيڪڏهن ڪو اميدوار ريٽرننگ آفيسر آڏو سياسي پارٽيءَ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندو ته هو ڪنهن خاص سياسي پارٽي سان تعلق جي تصديق نه ڪندو ان پارٽي جي اميدوار کي آزاد اميدوار طور سمجهيو ويندو ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جو اميدوار نه هوندو. آزاد اميدوار کي سياسي پارٽيءَ جو اميدوار نه سمجهيو ويندو، جيڪڏهن بعد جي مرحلي ۾ هو باقاعده صحي ٿيل گوشوارا جمع ڪرائي ٿو ۽ حلفيه بيان ڏئي ٿو ته هن سياسي جماعت جي اميدوار طور عام چونڊن ۾ حصو ورتو هو. ترميمي بل تحت اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 104 ۾ شامل ڪيل ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت مٿي ڄاڻايل مدي اندر مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع نه ڪرائي ته اها مخصوص سيٽن جي ڪوٽا لاءِ اهل نه هوندي. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 104 ۾ شامل ڪيل شق 104 اي ۾ چيو ويو آهي ته هي ايڪٽ في الوقت نافذ العمل ڪنهن ٻئي قانون يا ڪنهن عدالت بشمول اعليٰ عدالت پاڪستان جي ڪنهن فيصلي، فرمان يا حڪمنامي ۾ مذڪورا ڪنهن امر جي باوجود ڪامياب آزاد اميدوار جي آرٽيڪل 51 جي شق 6 يا آرٽيڪل 106 جي شق 3 جي اغراض جي لاءِ ڪنهن سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ڏني وئي رضامندي ناقابل تنسيخ هوندي.
انهي بل جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري بعد اليڪشن ڪميشن وٽ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد کي روڪڻ لاء هڪ وڌيڪ سبب ملي ويندو پر ان عمل سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون اچي سگهن ٿا، جنهن جو فائدو نظر نه ايندڙ قوتن کي ٿيندو.

آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو