حضرت سيدنا امام حسن ﷺ جي پاڪيزه سيرت مبارڪه

حضرت سيدنا امام حسن ﷺ جي پاڪيزه سيرت مبارڪه

ليکڪ عبدالفتاح عباسي
حضرت ابو محمد سيدنا امام حسن بن علي الرتضيٰ رضي الله عنه جي ولادت با سعادت 15 رمضان المبارڪ ٽين هجري مدينه طيبه ۾ ٿي، سائين ڪريمن ﷺ انهيءَ شهزادي جي سڄي ڪن ۾ آذان ۽ کٻي ڪن ۾ تڪبير ڏنائون. حضور عليه الصلوات والسلام پنهنجي پياري ڏوهٽي جو اسم مبارڪ ” حسن” رکيو ۽ ستين ڏينهن تي سندن جو طوهر ڪرايو ويو ۽ عقيقو ڪيو ويو ۽ مٿي جا وار جدا ڪيا ويا ۽ حڪم ڪيو ويو ته وارن جي برابر وزن مطابق چاندي صدقو ڪئي وڃي، مٺڙي پياري حضرت سيدنا امام حسن مجتبي بن علي الرتضيٰ رضي الله عنه جا لقب السيد سردار، المحبب پيارو، الحڪيم حڪمت وارو، المقرب رب پاڪ جي درٻار جي ويجهو، السبط، حضور عليہ الصلوات والسلام جن جو ڏهٽو، فلذت سيده خاتون جنت رضي الله تعالي عنها جي جگر جو ٽڪرو، ريحانه نازبوء وانگر خوشبودار گل، ابو محمد ڪنيت سان سڏيا ويندا هئا بخاري جي روايت ۾ آهي ته آقا ڪريم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم سان ڪنهن جي به مشابهت صورت نه هئي جڏهن ته حضرت سيدنا امام حسن عليه السلام وانگر هوندا هياج، سبحان الله، انهيءَ کان پهريان ڪنهن جو به حسن نالو نه رکيو ويو هيو، ھي جنتي نالو پهريان سندن کي عطا ڪيو ويو آهي، مولا علي عليه السلام جي گل شهزاده امام حسن عليه السلام جي ولادت ٿيندي ئي سرڪار مدينه ﷺ جي بارگاہ اقدس ۾ کڻي آيا. جنهن تي سائين ڪريمن ﷺ، حضرت علي عليه السلام کي فرمايو اي علي هن ننڍڙي گل جو نالو ڇا رکيو اٿو؟ جنهن تي عرض ڪيو ويو ته يارسول الله ﷺ اسان جي ڪهڙي مجال آهي جو نالو رکون، جيڪڏهن توهان جي اجازت سان حرب نالو رکجي، تنهن تي سرڪار مدينه ﷺ فرمايو ته هن جو نالو ” حسن” رکيو آهي، آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي جمال جو مظهر حضرت سيدنا امام حسن عليه السلام جن هئا، جنهن لاءِ حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته حضرت حسن سيني کان مٿي مبارڪ تائين رسول اللہ ﷺ سان مشابهت رکندڙ هئا، جنهن لاءِ حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمت الله عليه جن لکيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو خواب ۾ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ديدار ڪرڻ جي ڳالھ ڪندو هو ته اصحابي سڳورا ان کان پڇندا هئا ته ٻڌاء سندن هم شڪل هينئر ڪير آهي؟، جيڪڏهن حضرت حسن سائين جي لاءِ چوندو هو ته اصحابي ان خواب کي سچو سمجهندا هئا حليو مبارڪ محدثن ۽ سيرت نگارن لکيو آهي ته سندن جسم مبارڪ نهايت نازڪ، رنگ ڀورو، اکيون مبارڪ وڏيون، انهن ۾ ماڻڪيون نهايت ڪاريون، ڳل نهايٿ نرم، ڏاڙهي مبارڪ نهايت گهاٽي رکيل هوندي هئي، مٿي جا وار گهنڊيدار جيڪي گهڻو ڪري ڪنڌ تائين سنت مطابق رکيل هئا، ڳچي ڊگهي چاندي وانگر سفيد ۽ چمڪدار، ساري جسم جا عضوا مضبوط، وڏا ۽ نازڪ، ڇاتي ڪشادي، قد وچولو، منهن مبارڪ دلڪش ۽ ملاحت ڏانهن مائل هو جو جيئن گهڻو ڏسجي تيئن محبت وڌي سندن منڊيء مبارڪ جو نقش هي اکر هئا، حقيقي عزت الله وحده جي لاءِ آهي. پاڻ نهايت وڏي علم وارا ۽ چوٽيء جا ذهين هيا علمي ڪمال جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پاڻ الله رب العالمين جي عبادت نماز ۾ جڏهن بيهندا هيا تڏهن ڄڻ پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملاقات ڪندا هئا، پاڻ اعلي درجي جا سخي ابن سخي هئا، سندن دروازي تان ڪو به سائل واپس خالي نه ورندو رهيو، انتهائي مهمان نواز هيا، سندن جي دل ۾ هميشه خوف خدا رهندو هو، حضرت امام حسن مجتبي رضي الله عنه سائين جن جڏهن وضو ڪري اٿندا هئا ته سندن منهن مبارڪ مان خوف خدا جا آثار نظر ايندا هئا. سائينءَ جن کان جڏهن پڇيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته جيڪو عرش جي مالڪ جي درٻار ۾ حاضري ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي ان تي حق آهي ته اهڙو خائف رهي جو سندس منهن مان خوف خدا جا آثار نظر اچن. سرڪار مدينه ﷺ جن فرمايو ته ” حسن ۽ حسين دنيا ۾ منهنجا ٻه گل آهن. وڌيڪ فرمايائون ته حسن ۽ حسين جنتي جوانن جا سردار آهن. هڪ روايت ۾ آهي ته حضور عليہ الصلوات والسلام جي اهلبيت پاڪ ۾ سندن سان مشابهت ۽ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم کي سڀ کان وڌيڪ پيارا مولا حضرت امام حسن عليه السلام هوندا هئا، سرڪار ﷺ نماز ۾ سجدي جي حالت ۾ به انهيءَ گل جي ڪري طويل سجدو به ڪندا رهيا ۽ ڪلهن مبارڪ تي سواري ڪرڻ، سندن جي سموري زندگي پنهنجي نانا جان رحمت عالميان صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل اسلام جي پرچار عشق رسول الله کي عام ڪندي گذري، اهڙي طرح 5 ربيع الاول سن 50 هه ۾ رحلت فرمائي ويا، مزار مبارڪ مديني پاڪ جي جنت البقيع ۾ آهي. سنڌي ادب جي ماهر علامه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته معتبر روايتن موجب حضرت علي عليه السلام جي فرزند محمد ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي فرزند حضرت امام زين العابدين عليه السلام ۽ حضرت امام حسن عليه السلام جي فرزند زيد ٽنهي جون مائرون (امڙيون) سنڌياڻيون هيون.اها ڳالهه ياد ڪرڻ گهرجي ته جڏهن به حضرت سيدنا امام حسن رضي الله عنه نماز جي اٿندا هئا ته پنهنجو بهترين لباس زيب تن ڪري اٿندا هيا جڏهن هڪ ماڻهو انهي باري ۾ عرض ڪيو ته سائين جن جواب ڏنو ته هر ماڻهو پنهنجي محبوب جي سامهون بهتر حالت ۾ وڃڻ پسند ڪندو آهي انهي لاءِ مان نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو بهترين لباس زيب تن ڪندو آهيان. سبحان الله حق جي امام جي نماز سان محبت ۽ الله جي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ ويندي وڏي خوشيءَ ذوق شوق سان ۽ اهتمام سان اها آهي اصل ڳالهه جيڪا مومن مسلمان کي قبر حشر ۾ ڪم اچڻي آهي. تيري نسل پاڪ مين هي بچه بچه نور ڪا، تو هي عين نور تيرا سب گهرانه نور ڪا.

پهنجو تبصرو موڪليو