تيل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ،عوام جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو

گل سيوھاڻي
آچر موڪل جو ڏينھن ھيو نڊ مان ٿورو اوير سان اٿيم حسب معمول ٽي وي جو سوئچ آن ڪيم تہ اچانڪ ھڪڙي بريڪنگ نيوز تي نظر پئي پيٽرول ڊيزل ۾ 35 35 روپيا في ليٽر ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي جيڪو اڄ ئي 11 وڳي نافض العمل ھوندو ھڪدم ڏندين آڱريون اچي ويون اڙي ڀيڻان ھيء ڪھڙو ظلم ڪيو ويو آھي ھڪدم تيل جي ملھن ۾ ھيڏو سارو اضافو موجودہ سرڪار تہ عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا ڪالھ تازو پرڏيھ مان پاڻ کي قوم کي بيٽي سڏائڻ واري ڦلن ديوي مريم نواز صاحبہ جو ملڪ ۾ اچڻ ٿيو جنھن اچڻ سان ئي افتتاحي خطاب ۾ عوام کي ڪھڙا ڏٽا ڪھڙيون آٿتون ۽ خوشخبريون پي سڻايون ٺيڪ ٻئي ڏينھن سندس والد جي سمبدي ناڪام وزير خزانہ مسٽر اسحاق ڊار المعروف اسحاق ڊالر عوام جي مٿان پيٽرول جو ائٽم بم ڪيرائي ڪھڙو تاثر ڇڏيو آھي ھاڻي خبر پوندي سندن حمايتي ووٽرن جي جيڪي سندن موقوف جي حمايت ۾ ساڻن گڏ بيٺا ھيا اھي ساڳيا ووٽر جيڪي خان صاحب جي دور حڪومت ۾ تيل جي في ليٽر ٽن چئن روپين جي واڌ تي پنھنجي معاشي دھشتگرد ۽ عوام دشمن سياسي ليڊرن جي سڏ کي لبيڪ چئي احتجاج لاء روڊن تي نڪري مظاھرا ڪندا ھيا اڄ جڏھن رياست جي اڪثر پورھيت غريب عوام سان گڏ گڏ سندن پڇ تي لت آئي ھوندي تہ پوء کين خبر پئي ھوندي تہ گھڻين ويھين سئو آھي ڇو جو سندن ليڊر جن جو سڀ ڪجھ ٻاھر آھي صرف قبرستان پنھنجي ملڪ ۾ اٿن جڏھن مرن ٿا تہ دفن ٿيئڻ لاء ھتي کڄي اچن ٿا باقي پاڪستان انھن لاء ڏوڪڙن جي مشين آھي ڏوڪڙن خاطر گڏھ کي گابو چوڻ لاء بہ ھيء ڪيٻائيندا ناھن پرڏيھي طاقتن جي اشارن تي نچڻ وارا سندن اڳواڻ جيڪي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري چوندا ھيا عمران نيازي نا تجربيڪار آھي ھن ملڪ و قوم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي،ھنن کي جيڪڏھن اقتدار مليو تہ ھو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪندا،ڪيو نہ ھاڻي مھانگائي تي ڪنٽرول پيٽرول کي وڃي 250 روپيا في ليٽر تي پھچايو اٿو ۽ ڊالرن کي خير سان پوڻان 3 سئو روپين تي پڄايو اٿو پوء بہ اوھان جي گنج تي جونء بہ نٿي سري،پر ھاڻي نڪرو ٻاھر ۽ ھاڻي ڏسجو روڊن تي عوام ڪئين پيو دانھون ڪوڪون ڪري ظلم ٿي ويو غضب ٿي ويو پيٽرول ڊيزل ھڪدم 35 رپيا في ليٽر مھانگو ٿيو ويو ھاڻي غريب پورھيت جيڪو پھرين ئي خدڪشيون ڪندو ھيو اھو ھاڻي ڪاڏي ويندو جيڪو تيل ھڪدم 35 روپيا ليٽر وڌي وڃي ٻڌايو ان جي وڌڻ سان جيڪا ملڪ اندر مھانگائيء جي سونامي ايندي ان کي ڪير منھن ڏيندو جيڪو ڀاڙو 3 سئو روپيا ھيو اھو چار سئو روپيا ٿي ويندو جيڪو اٽو پھرين ئي 150 روپيا ڪلو وڪرو پي ٿيو اھو اٽو ھاڻي 200 روپيا ڪلو وڪرو ٿيندو گيھ داليون سبزيون مڇي گوشت تہ عوام جي خريدڻ کان ڪوھين ڏور ھوندو ٻڌايو تہ ھاڻي عوام ڪاڏي ويندو بس ھاڻي ظلم ٿي ويو غضب ٿي ويو جي دانھن سان گڏ پنھنجي ڀلائيء لاء بہ ڪو ڪڙو ۽ کرو فيصلو ضرور ڪندو جھڙي طرح ھن وقت بکن جو ماريل عوام سياستدانن جو گھيرو تنگ ڪري پڇاڻون پيو ڪري سياستدان جا ڪپڙا پيو ليڙون ليڙون ڪري سياستدانن تي سروٽا ۽ پٿر پيو وسائي لڳي ٿو اھيو عوامي غصو ۽ ڪاوڙ ھاڻي گھٽ نہ پر وڌندي مھانگائي ۽ بکن جو ماريل عوام ھاڻي خاموش ڪون ويھندو ڇو جو عوام جو چوڻ آھي تہ بک وگھئي مرڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي جائز حقن جي حاصلات لاء جھاد ڪري مرجي تہ وڌيڪ بھتر آھي انلاء ھاڻي عوام جو صبر جواب ڏيندو پيو وڃي تازي تيل جي ملھن ۾ واڌ کان پوء ھر گھر ۾ قھرام ۽ ماتم متل آھي مونکي تہ سنڌ سرڪار جي حمايت ۾ خاموش رھڻ واري عوام تي بہ حيرت آھي جيڪو اڃان بہ خاموش آھي ان اڃان بہ اھو سگھارو احتجاج ناھي ڪيو جو ڪا اميد پيدا ٿئي تہ سنڌ جو بکن ماريل عوام سنڌ جو مھانگائي ۽ بيروزگاريء جو ستايل عوام سنڌ جو ڪوڙن ڏٽن واعدن ۽ برياني جي پليٽ ۽ انڪم سپورٽ جي ڏوڪڙن عيوض ووٽ ڏيئڻ وارو عوام ڪڏھين ٿو سگھارو احتجاج ڪري سنڌ سرڪار جي وزيرن مشيرن چونڊيل نمائندن جو گھيراء ڪري جن پنھنجا گھر ڀري سنڌ جي عوام کي مھانگائيء وسيلي خدڪشين تي مجبور ڪيو آھي اھيوئي سبب آھي تہ موجودہ حڪومت ۾ ويٺل 13 سياسي جماعتن جو ھڪ ٽولو اليڪشن کان پري پيو ڀڄي بس ھاڻي اھيو ٽولو پنھنجي ساک بچائڻ لاء ڪنھن اھڙي فارمولي جي تلاش ۾ آھي تہ ڪئين بہ ڪري اليڪشن مان جند ڇڏائجي جنھن ۾ قومي حڪومت ۽ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪرڻ جي چڪر ۾ مصروف آھن مونکي رياستي ان سگھارن ادارن جي ھن ساري سونھريو ۾ خاموشيء تي بہ حيرت ۽ ڳڻتي آھي تہ آخر اھي سگھارا ادارا رياست ۽ عوام جي حق ۾ ڪڏھين سجاڳ ٿيندا جو ھن مھانگائي ھن لاقانونيت ھن خراب حڪمراني ھن عوامي خدڪشين جو نوٽس وٺندا ۽ آئين و قانون موجب انساني بنيادي حقن جي فراھمي لاء قدم کڻندا جيڪڏھن ھاڻي بہ اھي رياست جي سگھارن ادارن نوٽس نہ ورتو عام چونڊن طرف نہ وڌيا تہ پوء رياست ۽ رياست ۾ رھندڙن جو خدا حافظ ھوندو جھڙي طرح رياست اندر ھر طرف ظلم ٿي ظلم ٿي ويو جون دانھون پيون ٻڌڻ اچن پوء اھي دانھون ٻيڻيون ٽيڻيون چوڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون خدارا رياست ۽ عوام جا سڄڻ بڻجو ھن وقت رياست ۽ عوام ھڪ گروھ جي قبضي ۾ آھي جيڪو خبر ناھي رياست کي ڪھڙي طرف وٺي وڃي رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو