ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو آهي ته بلوچستان جي عوام لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.ان موقعي تي احمد شهزاد چيو ته ڪوئيٽا جي عوام مان کيس جيڪا محبت ملي آهي اها ڪٿي به نه ملي، اها محبت ساڻس گڏ رهندي، هو ڪرڪيٽ اڪيڊمي آڻڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ بلوچستان حڪومت جي مدد جي ضرورت پوندي.احمد شهزاد چيو ته بلوچستان جي نوجوانن وٽ تمام گهڻي صلاحيت آهي، اتي موقعن جي کوٽ آهي، انشاءَ الله مان ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي اڪيڊمي آڻڻ چاهيان ٿو، مون کي پنهنجي اڪيڊمي لاءِ زمين ۽ انفراسٽرڪچر جي ضرورت پوندي.هن چيو ته ڪوشش هوندي ته هتان کان وڌيڪ رانديگر پي ايس ايل ۾ کيڏن، اسان کي هتي مان ڪرڪيٽ جي سپر اسٽارز کي ڪڍڻو آهي، ڪوئيٽا ۾ ڪرڪيٽ لاءِ جيڪو به ٿي سگهيو اهو ڪندس.ان موقعي تي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو ته احمد شهزاد جي بلوچستان آمد تي ڀليڪار ڪيون ٿا.










