حسين آزاد ۔
تون ڪنهن مندر جي مورتي جهڙي حسين ڇوڪري هئي ۔ تنهنجي تراش خدا جي فن جو ڪمال هو , تون اشرف المخلوقات جي هو به هو تصوير هئئ تنهنجي اندر ۾ باغ عدن جون واديون هيون تنهنجو جسم چنڊ جي چانڊاڻ جهڙو روشن هو تنهنجو من کير جهڙو اڇو اجرو صاف شفاف هو , تنهنجي من موهيندڙ چھري مان معصوميت جا ٻھڪندڙ خوشين جا خواب موت جي وادي تي به رڪس ڪري رهيا هئا , تنهنجي همٿن جو ڳاٽ جبلن جي چوٽي کان اوچو هو ۽ جهالت جي جي جهوريندڙ رسمن رواجن خلاف تنهنجو اٽل ايرادو هڪ انقلاب جو پڙاڏو هو ۔ تنهنجي صورت جو ذڪر تنهنجي سونهن جي ڀيٽا رابيل جي گلن سان ڏجي ته به من مطمعن نه ٿيندو ڇاڪاڻ تون گلن کان ڪئين پتيون اندر وڌيڪ خوشبوء رکي ٿي تنهنجي روح کي تازگي بخشيدڙ تنهنجو حضرت عشق هو ۔ تنهنجي حوصلن اڳيان پهاڙ جهڪي پيا هئا تنهنجي قد آور غيرت جو ڪنهن قدر نه ڪيو هو پر تنهنجي تکيون ۽ عشق جي شعلن سان ڀريل اکين مان نڪرندڙ محبت جون شوعائون وادي مهراڻ تائين رونق بخشي ويون آھن ۔ هو جو تنهنجي چوڌاري بارود سان ڀريل بندوقن سان بيٺل هئا جن جي وات مان بي غيرتي جون گفون پي وهيون انهن ڪڏهن به تنهنجي پويتر خيالن جي وادي ۾ جهاتي نه پاتي هئي ۔ ها اها وادي جنهن ۾ زندگي جا گلاب جوڀن جي خوشبوء سان واسجي رهيا هئا جنهن وادي ۾ حضرت عشق جي احساسن جون نهرون نڪري پيار جي پويتر کيتي کي آبياري بخشي رهيون هيون۔ تنهنجي من موهندڙ چھري جي رونق خدا جي جنت جي حور کان گهٽ نه هئي ۔ اي بانو تنهنجي دل جي دنيا انمول هئي تهنجي اندر جي بي خوفي سچ پچ ڪيترين بانونن کي اتساھ بخشي ويئي ۔ ان بي خوفي جي جوهر کان اڻواقفن کي ڪهڙي خبر ته جي گوليون محبتن جي پهاڙ اڳيان خصيص شي آھي هنن کي ڪهڙي خبر ته جي ٻن دلين مان هڪ بنجڻ لاء توهان جون بي حسي واريون رسمون بيڪار ۽ بدبودار آھن اي بانو ! تون ته هنن جي خوداري کي مٽي ۾ ملائي پنهنجو سينو پيار خاطر پروڻ ڪرڻ لاء حاضر ڪري جان ته قربان ڪئي پر پرين سان پيچ وارو دامن نه ڇڏيو اي بانو ! تنهنجي امڙ جو اڄ بيان رواجن جي دٻاء ۾ دٻيل محسوس ٿو ٿئي جنهن سردار شيريار سانڪزي جي ڪرتوتن کي بي گناھي خاطر تنهنجي موت کي بلوچي رواجن جو حصو ڄاڻايو آھي پر مونکي پڪ آھي امڙ جو سينو تنهنجي مٿان ٿيل ستم تي نه صرف تنهنجي بي گناھ موت تي تڙپي رهيو هوندو پر کيس دنيا جنت جهڙي دنيا جهنم محسوس ٿيندي هوندي ۽ پنھنجون پاڻ کي ڪوٺي جي ڪونڊ ۾ ڀاڪرن ۾ ڀري اڇگارون به ڏيندي هوندي ۔ اي بانو ! عشق جي آسمان تي پهتلن دلين جي رشتي کي ڪو به لفظن سان تشريح ناهي ڪري سگهندو هي , رشتو رت جيي سڀني رشتن کان اتم آھي , هن رشتي کي اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا , جن عشق جي درياء جو سير ڪيو هوندو ۔ هو ڇاڄاڻن عشق جي سچائي کي جن وٽ جسماني لذت ۽ لمس ئي زندگي جي مزو هجي , جن وٽ پئيسن عيوض حوس جو نشانو بنجندر ڇوڪريون سرداري جي شان جون علامتون هجن , جن جا بنگلا شراب خانن جو ڏيک ڏيندڙ ھجن جن وٽ فيصلا پنهنجي اندر جي شيطان جي خواهش تي هجن , جن جي محفلن ۾ انسانيت جي پيروڪار نه پر ابليس جا پالتو پگهاردار هجن ۔ جن وٽ ننگن جون نالو صرف نيگرين جو قيد خاني ۾ پيڙھجندڙ زندگيون هجن, جن وٽ عام انسان جو آزاد زندگي جي پرواز تي هلڻ ڏوھ آھي ۽ خوشين سان کلڻ به ھضم نٿو ٿئي ۔ هو وحشيت کي پنهنجو ڄمندي جو حق ٿا سمجهن ۔ هنن جي مرداڻي ويس ۾ لڪليل ڀاڙياپي جو روپ بگهڙن جهڙو آھي جيڪي ڪمزور ٻڪري تي حملي آور ٿين ٿا ۔ پر تنهنجي پويتر پيار کين پڪ ڏياري ڇڏي هئي ته هي پهاڙن جي چوٽين ۽ خوف ناڪ وادين ۾ اڪيلائي جي بي سهاري آسمان هيٺ ڪنڌار مڙسن اڳيان جڏهن سينو تاڙي گولين جي گهر ڪئي , تڏهن مردن جي هٿن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي هئي ته مار هيڏي همٿ ! هيڏي دليري ! هيڏي ازم ! جو چوي ٿي صرف “گولي ڏجو باقي جسم کي هٿ نه لاهجو ” ۔ ڪاش ! انهن ڪڏهن تنهنجي دل جي حسين وادي ۾ رهندڙ حضرت عشق جي غار جو سير ڪيو هجي ها ڪاش ! انهن ان عشق جي احساسن جو نغمون ڪنهن سريولي آواز ۾ ٻڌو هجي ها ! ڪاش! انهن ڪڏهن جسماني لذتن جي جهنم مان نڪري محبت جي جنت جي باغن جو سير ڪيو هجي ها ۔ هو ته پيار جي پيچرن جي تاريخ کان به اڻ واقف آھن , هنن جبلن ۾ رهڻ وارن ته لطيف جو سسئي وارو سر به ڪين پڙھيو آھي
, هنن کي ڪيچ مڪران جي پنهون جو به پتو نه آھي , هو ته سسئي جي پنڌن کان بي خبر آھن , هو ته سهڻي جي لهرن ۾ لڙھندڙ روح کان بي نياز آھن , هنن کي سهڻي جي ڪچي گهڻي جي فلسي جي به ڪا خبر نه آھي ۔ هنن ته عمر مارئي جي غيرت مند قصو به نه ڄاتو آھي ۔هنن کي ته مارئي جي اڻڀن وارن جي ملھ جي خبر نه آھي۔ هو ڇاڄاڻن ته دنيا ۾ قلوپطرا به ٿي گذري آھي جنهن جي عشق جو صدين تائين صدائون گوجندو رهيو آھن ۔ ۔هنن ته ڪاڪ محل جو قصو به ڪين پڙھيو آھي ۔ هو تنهنجي اڳيان بي روح بتن جيان بنيل پٿر جو مجسما هئا هنن جا ضمير موئل هئا ۽ هنن جون ٽوپيون پٽڪا تنهنجي چادر جي اڳيان شرمسار هيا۔ تنهنجي نقاب جي عظمت جو مينار هنن جي بي سود مڇين ۽ ڏاڙهي کان ڪئي دفعا اوچو هو ۔ هو غلامي جي دلدل جا باندي هيا تون آزاد پکي جيان آزاد خيالن جي آڪاش جي مسافر هئي تو ڄاتو ٿي اڄ جي وهشيت وٽ عشق بي معنا آھي , محبت گناھ آھي ۔ اي بانو تون هميشه زنده آھين زنده رهندين ۔










