برسات ۾ لاڙڪاڻي شهر جي اندر نالن ۽ نالين جي کوٽائيءَ ڪئي وڃي

برسات ۾ لاڙڪاڻي شهر جي اندر نالن ۽ نالين جي کوٽائيءَ ڪئي وڃي

عبدالوحيد عباسي
گذريل هڪ مهيني کان موسمياتي کاتي پاران سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ برساتين جي اڳ ڪٿين بعد مسلسل برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن لاءِ حڪومتي حلقن ڪيترو ڪم ڪيو آهي يا نه اهو ٻيو سوال آهي؟، هاڻي هڪ ننڍڙو مثال وٺو پنهنجي سنڌ جي چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻي جو جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه سمجهو ويندو آهي انهيءَ شهر لاڙڪاڻي جي اندر به برسات بدستور جاري آهي، لاڙڪاڻي شهر جي هڪ وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي جيڪو به ميونسپل ڪارپوريشن + ڪاميٽيءَ جو وڏو آفيسر اچي ٿو اهو وڏي سفارش کانسواءِ نٿو اچي ۽ انهيءَ کي لاڙڪاڻي شهر جي صفائي ڪرڻ بجاءِ اهو فڪر رهي ٿو ته حڪومتي ڌر وارا مون کان خوش ۽ راضي رهن باقي مڙيئي خير آهي پوءِ لاڙڪاڻي شهر جي اندر گندگيءَ جا ڍير لڳل هجن يا موجودهه برساتن جي حالتن ۾ به شهر جي اندر گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارا نالا ۽ ناليون وڏي گند سان ڀريل آهن پر انهن نالن توڙي نالين جي کوٽائي ڪرڻ بجاءِ لاڙڪاڻو شهر جو عملو پنهنجي وڏن آفيسرن جي حڪم تي جي حضوري ڪرڻ لاءِ صرف ۽ صرف پنهنجي من پسند، جي حضوري ڪرڻ وارن جي علائقن ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي باقي ٻئي خلق خدا جي نالن ۽ نالين جي کوٽائي نه ٿيڻ ڪري وڏو ڀوڳي رهي آهي، انهيءَ ڪري شهر جا نالا ۽ ناليون سالن جي گند سان ڀريل پيا آهن پر انهن جي واهر ڪرڻ ته ٺهيو پر بار بار لاڙڪاڻو ميونسپل انتظاميه ڏانهن درخواستون کڻي وڃون ٿا پر ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي، هاڻي لاڙڪاڻي شهر جي شهرين کي ٻڌايو ته ڇا انهيءَ نالن ۽ نالين جي مسئلي جي حل لاءِ به تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ اڳيان آهه زاري ڪرڻي پوندي ڇا ؟، افسوس آهي لاڙڪاڻي شهر جي انتظاميه تان جيڪي شهر جي ڳتيل آبادين ڪوثر مل محلي، حيدري محلي، حسيني محلي، شاهه لطيف محلي، عطار آباد محلي، مرشد ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ صفائي جي عمل کي بهتر بنائڻ سميت ٻيو ته ٺهيو پر گهٽ ۾ گهٽ برساتن جي موسم ۾ ته نالن ۽ نالين جي صفائيءَ ۽ کوٽائيءَ ڪري شهرين کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. نالن ۽ نالين جي کوٽائي نه ٿيڻ ڪري جيڪو برسات جو پاڻي اچي ٿو اهو پاڙن محلن جي گهٽين ۾ جمع ٿيڻ لڳي ٿو جيڪو پاڻي مسلسل جمع هجڻ ڪري اتي جراثيم جيت پيدا ٿيڻ لڳن ٿا، انهيءَ لاءِ حڪومت سنڌ، ضلع انتظاميه لاڙڪاڻو، ميونسپل عملو لاڙڪاڻو شهر جي نالن ۽ نالين جي فوري طور تي کوٽائي ڪرائي شهر جي صفائيءَ کي عملي طور تي يقيني بڻايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو