برسات سبب اسلام آباد ۽ پشاور جو ميچ رد، هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو

برسات سبب اسلام آباد ۽ پشاور جو ميچ رد، هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ اڄ جو ميچ برسات سبب رد ٿي ويو. لاهور ۾ هوائون ۽ تيز مينهن سبب ميدان پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن ڪري ميچ جو ٽاس ناممڪن ٿي ويو.ڪيترن ئي جائزي کان پوءِ ميچ آفيسرن ميچ کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو، جنهن سان پشاور زلمي گروپ ۾ ڪل 3 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي رهي. ٻئي طرف، فتح جي خواهشمند اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽيم ٻن ميچن کان پوءِ هڪ پوائنٽ سان ڇهين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو