برسات بعد  ملير ۾ آيل تباهي ۽ لاپرواهه بڻيل اختياريونٰ

برسات بعد ملير ۾ آيل تباهي ۽ لاپرواهه بڻيل اختياريونٰ

سامي ميمڻ
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جو ضلعو ملير هر سال برساتي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ رهيو آهي. هن سال به شديد برساتن ضلعي ملير ۾ وڏي پيماني تي تباهي آندي آهي جنهن سان نه رڳو روزمره جي زندگي مفلوج ٿي وئي پر ماڻهو مالي ۽ جاني نقصان به برداشت ڪرڻ تي مجبورٿيا.رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ برسات جي نتيجي ۾ ملير ندي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين وهڪرن سڪڻ،ٿڌو،جرندو،لنگهيجي ،گهگهر،وٽيجي.کار،موئيدان .ڪنڊ ۾ اوچتو تيز پاڻي اچڻ سبب ڳوٺن ۽ شهرن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي برساتي ٻوڏ سبب ڪونڪر ندي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي، زال، مڙس، پٽ ۽ پوٽي سميت ڪل 8 ڄڻا ٻڏي ويا. حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ٻڏندڙن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل آهن. مقامي ماڻهن جي مدد سان هيستائين جاويد ۽ گلاب ڀيل جي گهر واري جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته باقي 6 ڄڻن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثي وقت انتظاميا نه ڪو بروقت اطلاع ڏنو ۽ نه ئي ڪو فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو، جنهن سبب قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون. ڳوٺاڻن ۽ متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ريسڪيو ٽيم پهچي وڃي ها ته ڪيترن ئي جاني نقصانن کان بچي سگهجي پيو.وارثن دانهون ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي غفلت سبب هنن پنهنجا پيارا وڃايا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي باقي لاشن جي ڳولا لاءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو وڃي، متاثر خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري رهواسي بي گهر ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو گهڻا اهم رستا ۽ پل پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته 44 ارب روپين ي ڳري قم سان تازو جڙيل ملير ايڪسپريس وري ميمڻ ڳوٺ وٽان ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ، جنهن سان ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. گڏاپ، ملير ڪئنٽ، سعدي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ عام ماڻهون ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهيا. هاءِ وي ۽ لنڪ روڊن تي به ڪيتريون ئي ٽرڪون ۽ گاڏيون ڦاٿل رهيون.زراعت ۽ مال مويشي جو نقصان ملير ضلعي جي معيشت جو وڏو حصو زراعت ۽ مالوند تي ٻڌل آهي. هن برسات سبب ڪيترائي کيت پاڻي ۾ ٻڏي ويا، فصل تباهه ٿي ويا ۽ ڳوٺاڻن جا مال مويشي به لڙهي ويا، جنهن سان هزارين خاندانن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو.پاڻي جي بيهڻ سان گڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ گندگي ۽ ناليون ڀرجي وڃڻ ڪري بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊائيريا، ڊينگي ۽ چمڙي جون بيماريون وڌڻ لڳيون آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾ مريضن جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي.متاثرن جو چوڻ آهي ته وقت سر امداد نه ملي سگهي. بچاءَ ۽ رليف جو ڪم محدود رهيو، جنهن سبب ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پئي. ڪيترن ئي علائقن ۾ رهواسين پنهنجن وسيلن سان پاڻي ڪڍڻ ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو. هن سال جي برساتن ٻيهر اهو ثابت ڪيو آهي ته ضلعي ملير ۾ پاڻي جي نيڪال جو نظام انتهائي ڪمزور آهي. جيڪڏهن بروقت منصوبابندي ۽ ڊرينيج سسٽم کي بهتر نه ڪيو ويو ته هر سال اهڙي ئي صورتحال رهواسين لاءِ تباهي کڻي اينديحيدرآباد(رپورٽ اسلم گوپانگ) قاسم آباد ۾ نشي ۾ ڌت تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ بعد ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ڪار سوار پڻ زخمي, خبرموجب حيدرآباد جي قاسم واري علائقي ۾ نشي ۾ ڌت ڪار سوار نالي علي جان شيخ تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل تي سوار پوليس اهلڪار نالي مرتضي پٽ رسول بخش ساکن جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ بعد ڪار کي وڻ سان ٽڪرائي ڇڏيو جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو ۽ ڪار سوار کي پڻ معمولي زخم آيا, زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو, Ps Gor پوليس ڪار سوار خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي,

پهنجو تبصرو موڪليو