غلام مصطفيٰ جمالي
پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديليءَ جي شديد اثرن جي ور چڙهيل آهي. ڪڏهن سخت گرمي، ڪڏهن غير معمولي برساتون، ڪڏهن ٻوڏ ته ڪڏهن ڏڪار جهڙيون حالتون ملڪ جي مختلف علائقن ۾ معمول بڻجي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾ رياستي ادارن ۽ مقامي حڪومتن جي ذميواري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته اهي موسم جي شدت ۽ امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ مؤثر رٿابندي ڪن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هر سال مون سون جي آمد سان ساڳيو منظر ٻيهر ورجائجي ٿو. صرف ڪجهه ڪلاڪن جي برسات سڄي نظام جي ڪمزورين، ناقص رٿابندي ۽ انتظامي غفلت کي وائکو ڪري ڇڏي ٿي.
تازين برساتن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ترقي، جديد شهري منصوبابندي ۽ بهتر بنيادي ڍانچي بابت ڪيل دعوائون زميني حقيقتن سان هم آهنگ ناهن. وڏن شهرن کان وٺي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن تائين رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، بازار بند ٿي ويا، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ٽرئفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تڪليفن ۾ ڦاٿل رهيا. ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي، هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي.
هي صورتحال رڳو قدرتي آفت جو نتيجو نه پر سالن کان جاري ناقص رٿابندي، غير معياري تعمير، نيڪال جي ناڪاره نظام ۽ ادارياتي غفلت جو واضح ثبوت آهي. هر سال مون سون کان اڳ اجلاس ٿين ٿا، ايمرجنسي منصوبن جا اعلان ڪيا وڃن ٿا، نالن جي صفائي جا دعويٰ ڪيا وڃن ٿا ۽ عوام کي خاطري ڪرائي وڃي ٿي ته هن ڀيري بهتر انتظام هوندو، پر جيئن ئي پهرين تيز برسات پوي ٿي، سڀئي دعوائون پاڻيءَ ۾ وهي وڃن ٿيون.
حقيقت اها آهي ته اسان جي اڪثر شهرن جو نيڪال جو نظام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پراڻو ٿي چڪو آهي. آباديءَ ۾ واڌ، بي ترتيب شهري ڦهلاءُ، قبضا ۽ غيرقانوني اڏاوتن قدرتي پاڻيءَ جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران گهٽين، رستن ۽ رهائشي علائقن ۾ بيهي رهي ٿو، جنهن ڪري ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٻئي طرف لاڳاپيل ادارا پنهنجي ناڪامين جي ذميواري هڪ ٻئي تي وجهي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جڏهن ته عام ماڻهو بي وس بڻيل نظر اچن ٿا.
سنڌ جي اڪثر ضلعن، خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ هر مون سون دوران ساڳي صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٿوري گهڻي وڌيڪ برسات ٿيندي ئي رستا دريائن جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿا، هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي وڃن ٿا ۽ شهري زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ فصل تباهه ٿين ٿا، مال مويشي مري وڃن ٿا، رابطا رستا ٽٽي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ڳوٺ دنيا کان ڪٽجي وڃن ٿا.
ضلعو بدين، جيڪو سامونڊي پٽيءَ جي ويجهو واقع آهي، برساتن دوران خاص ڌيان جو طلبگار هوندو آهي. هتي ڪيترن ئي علائقن ۾ نيڪال جو مناسب نظام موجود ناهي، جنهن ڪري برسات جو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيٺو رهي ٿو. ان سان رڳو گهر متاثر نٿا ٿين، پر بيٺل فصلون، باغ ۽ زرعي زمينون به سخت نقصان کڻن ٿيون. هاري، جيڪي اڳ ئي مهانگائي، ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي خرچن جي بوجهه هيٺ آهن، وڌيڪ معاشي بحران جو شڪار ٿين ٿا.
موسمياتي تبديلي برساتن جي انداز کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ جيڪا برسات ڪيترن ڏينهن ۾ ٿيندي هئي، هاڻي اها ڪجهه ڪلاڪن ۾ وسي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ پراڻي نيڪال واري نظام مان بهتر نتيجن جي اميد رکڻ حقيقت پسندانه ڳالهه ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهرن ۽ ٻهراڙين جي منصوبابندي نون موسمي حالتن کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي ته جيئن هر سال ساڳيا مسئلا ٻيهر پيدا نه ٿين.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڪثر ترقياتي منصوبن ۾ نيڪال واري نظام کي اها اهميت نٿي ڏني وڃي، جنهن جو اهو حقدار آهي. نوان رستا ته ٺهي وڃن ٿا، پر پاڻيءَ جي نيڪال جو مؤثر بندوبست نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ پهرين ئي برسات سان رستا ٽٽڻ لڳن ٿا، قومي خزاني تي وڌيڪ بار پوي ٿو ۽ عوام جو سرڪاري ادارن تان اعتماد گهٽجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي ته عارضي قدمن بدران مستقل سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو. جديد نيڪال جو نظام، برساتي پاڻي محفوظ ڪرڻ جا منصوبا، نالن تان قبضا ختم ڪرڻ، شفاف ترقياتي منصوبابندي ۽ ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطي کان سواءِ هن مسئلي جو مستقل حل ممڪن ناهي.
هي حقيقت ڪنهن کان لڪل ناهي ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت، بلدياتي ادارا، لاڳاپيل کاتا ۽ عوام سڀني کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون. صرف برسات کان پوءِ امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ يا متاثر علائقن جا دورا ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، پر اصل ڪاميابي اها هوندي جڏهن برسات کان اڳ اهڙا انتظام ڪيا وڃن جو ماڻهن کي تڪليف ئي پيش نه اچي.
ترقي يافته ملڪن ۾ برساتي پاڻي ضايع ٿيڻ بدران محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ زرعي ۽ شهري ضرورتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان به برساتي پاڻي محفوظ ڪرڻ، مصنوعي آبي ذخيرن جي تعمير ۽ جديد نيڪال واري نظام تي سنجيدگي سان ڪم ڪريون ته نه رڳو شهري ٻوڏ جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا، پر پاڻيءَ جي کوٽ جهڙن مسئلن تي به ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
ان سان گڏ بلدياتي نظام کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. جيستائين مقامي ادارن کي وسيلا، اختيار ۽ جوابدهي جو مؤثر نظام فراهم نه ڪيو ويندو، تيستائين هر مون سون ۾ ساڳيا مسئلا سامهون ايندا رهندا. ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت، معيار ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي کي ترجيح ڏيڻي پوندي.
عوام جي ذميواري به گهٽ ناهي. نالن ۽ ڊرينن ۾ ڪچرو اڇلائڻ، قبضا قائم ڪرڻ ۽ صفائيءَ جي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ سان نيڪال جو نظام وڌيڪ خراب ٿئي ٿو. جيڪڏهن شهري به پنهنجو فرض نڀائين ۽ ادارا به ايمانداري سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ته ڪيترن ئي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر برسات کان پوءِ روايتي بيانن ۽ عارضي قدمن بدران مستقل سڌارا ڪيا وڃن. موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو نه پر اڄ جو مسئلو بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري ترقياتي منصوبن، شهري ڍانچي ۽ آفتن سان منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي کي نون حالتن مطابق ترتيب ڏيڻ ضروري آهي.
برسات الله پاڪ جي رحمت آهي، پر جڏهن ناقص رٿابندي، بدانتظامي ۽ غفلت ان رحمت کي زحمت ۾ تبديل ڪري ڇڏين ته پوءِ سوال برسات تي نه، پر نظام تي اٿن ٿا. حڪمرانن کي گهرجي ته هو دعوائن ۽ اعلانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻن، ڇو ته عوام کي تقريرن نه، پر محفوظ رستن، مؤثر نيڪال، مضبوط بنيادي ڍانچي ۽ بروقت سهولتن جي ضرورت آهي. جيستائين منصوبابندي حقيقت پسندانه، شفاف ۽ عوامي ضرورتن مطابق نه ٿيندي، تيستائين هر مون سون اهو ئي پيغام ڏيندو رهندو ته برسات انتظامي نااهلي ۽ ناقص رٿابندي کي وائکو ڪري ڇڏيو.










