رياض ابڙو
پاڪستان ۾ گذريل اونهاري جي ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏياريندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي جنهن ۾ اسان جهڙي جيتامڙي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي، جنهن نتيجي ۾ گليشيئرز پگهرجي سگهن ٿا، سامونڊي پاڻيءَ ۾ اوڌ ٿي سگهي ٿي، ٻوڏن وڌيڪ اچي سگهن ٿيون، جنهن ۾ موجود نظام درهم برهم ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ به خبردار ڪيو ويو هيو ته نظام بهتر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻايو، جو عام ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو نقصان بارشن ۽ قدرتي آفتن جي ڪري ٿئي ٿو. 2023 ۾ بارشن جي گهڻائي جي ڪري ڪجھ علائقا پاڻي هيٺ رهيا ۽ ڪجھ علائقا وري وڏي ٻوڏ واري صورتحال سبب تباهي جو شڪار ٿيا. آگسٽ 2023 ۾ قومي ايمرجنسي جو اعلان به ڪيو ويو هيو، وڏي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مون سون برساتن جي ڪري ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ رهيو هيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هيا، اقوام متحده 9 جنوري 2024 تي جنيوا ۾ موسمياتي ڏمرن تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي، جنهن ۾ دنيا اندر تبديل ٿيندڙ موسميات جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف شين تي غور ڪيو ويو هيو. ان دوران گڏيل قومن جي معاونت سان ڪيل مختلف مطالعاتي ۽ تحقيقي ڪمن جو حوالو ڏيندي ڪجھ شيون عام ماڻهن تائين پهچايون ويون هيون ته هيل ۽ ايندڙ بارشون ملڪ ۾ ڪيتري تباهي مچائي سگهن ٿيون. رپورٽ مطابق موسمياتي تبديليون ۽ مسلسل گرمي جي پد کي هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو هيو. تحقيقي رپورٽن ۽ موسمياتي تبديلين جي وقتي انتباھ جي باوجود به رياستن ڪي خاطرخواه قدم نه کنئيا، جنهن سبب وڏيون تباهيون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي اڃان به وڌيڪ ٿيڻ جو انديشو ۽ امڪان آهي ته غريب ملڪ اڃان به ويڌم متاثر ٿيندا. گڏيل قومن جي رپورٽ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) جي هڪ تازي مطالعي جو حوالو پڻ ڏئي ٿي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته گرمي جي لهر 2060 جي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ گهڻي ٿي ويندي. (ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن هڪ گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي آهي) ان جي مطابق موسمن جي تبديلي سخت سردي ۽ سخت گرمي هوندي، جنهن جا سبب ترقي يافتا ملڪن جي ترقي به آهي، جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ آباديءَ جي پيِھَ کي گهٽائڻو پوندو. بدلجندڙ آبهوا سرد ۽ گرم موسمن جي لاءِ سنگين خدشا وڌائي ٿي، جنهن جي لاءِ رپورٽ ۾ وڌيڪ خبردار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ گرين هائوس گيسن جو به حوالو ڏئي ٿي، جنهن ۾ ٽن خاص گيسز ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين جي رڪارڊ سطحن جو تفصيل ڏنل آهن، جنهن ۾ 40 سالن اندر هر سال انهن گيسن جي وڌاءَ ۾ وڏو اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو انساني زندگي سان گڏ پاڻي ۽ خشڪي جي جيوت لاءِ به وڏيون هاڃيڪار آهن. توڻي جو موسمي تبديلين جا اڻ ڳڻيا سبب آهن، جيڪي انساني روزمره جي زندگي، معاشي، معاشرتي سرگرمين ۽ تبديلين جا بنيادي عنصر مڃيا وڃن ٿا. ان ڪري انهن سڀني ثبوتن ۽ نتيجن کي ڏسي گهٽ ڪاربن واري معيشت ڏانهن هڪ شفٽ جي فوري ضرورت آهي. دنيا جي وڏين معيشتن يوڪرين ۾ جنگ جي نتيجي ۾ توانائي جي بحرانن جو واضع ثبوت ڏنو آهي، جنهن ۾ رياستن جي لاءِ پراڻن پاور پلانٽس کي ٻيهر کولڻ ۽ نون تيل ۽ گئس فراهم ڪندڙن زخيرن جي ڳولا ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ امير قومن کي ياد ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي ماضيءَ ۾ توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪن هان ته اهي تيل جي مارڪيٽ جي قيمت جي عدم استحڪام کان بچي سگهن هان، گهريلو مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آبهوا جي عمل کي هڪ طرف رکڻ جو دليل به ڳرو آهي، ڇو ته صاف ۽ صحتمند ماحول تائين پهچ هڪ عالمي انساني حقن ۾ به شامل آهي. عام طور تي ماحولياتي ناانصافين کي گهٽائڻ، ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ماڻهن کي ماحولياتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ به سرڪاري فرضن ۾ شامل آهي. نومبر 2023 ۾ مصر ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ هڪ فنڊنگ ميڪينزم قائم ڪيو ويو هيو ته جيئن ڪمزور قومن کي موسمياتي آفتن جي ڪري نقصان ۽ ان جي معاوضي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ معاشي طور ڪمزور قومون ڏهاڪن کان اهڙي تحفظ جي لاءِ بحث ڪنديون رهيون آهن. اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٻين اهم مسئلن سان گڏ دونهين کي ختم ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينٽي گريڊ تائين گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻو پوندو. ماضيءَ ۾ ملڪ جي وڏن حصن ۾ ٿيل برساتن ۽ نتيجي ۾ آيل ٻوڏن جي تباهي هڪ اهڙي ايمرجنسي جو اعليٰ مثال آهي، جنهن کي ڪو هڪ ادارو به منهن نه ٿو ڏئي سگهيو، ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سڄي قوم گڏ ٿئي، پر اسان جي اڳواڻن کي مختلف طرفن ڏانهن ڇڪجندي ڏسي افسوس ٿو ٿئي. مثال 2022 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلي ڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائيندي ڏٺو ويو. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهبازشريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هيا. سچ پڇو ته انهن ليڊرن ڪم ۾ دير ڪئي ڇاڪاڻ ته ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي. انهن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن کانپوءِ فوج کي مدد لاءِ ڇو گهرايو ويو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو. ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جا ڪجھ سياسي اڳواڻ ڪيترا امير آهن، اهي پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو به خرچ ڪرڻ کانسواء چندي جي اپيل ڪري رهيا هيا، جيتوڻيڪ اهي خاموشي سان فنڊ ڏئي پئي سگهيا، جيڪڏهن اهي محسوس ڪن ٿا ته ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا پارسل موڪلڻ سٺو ڪم آهي ته هو پنهنجي کيسي مان عطيو به ڪري سگهن پيا ته جيئن سماج جا ٻيا امير ماڻهو به ان جو مثال ڏئي سگهن. مير منور ٽالپر جنهن کي پيسا ورهائيندي ڏيکاريو ويو هيو ته هو بي گهر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو هيو، ۽ 50 روپين جا نوٽ ورهائي رهيو هيو، هن کي شايد اهو محسوس ٿيو هجي ته هي وڏي پيسي وارو آهي. پئسي ذريعي ڪجھ ماڻهن جي فوري ضرورتن جو خيال رکي سگهجي ٿو، پر وڊيو سوشل ميڊيا تي هڪ ناپسنديده عمل ۽ تماشو هيو. ساڳي جاءِ تي سنڌ جي وڏي حصي وانگر، ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي ضلعا ٻڏي رهيا هيا، اتي ماڻهن کي شڪايت هئي ته اتي امدادي ڪم نه ٿي سگهيا. پنجاب اسيمبليءَ جي ضمني چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ملڻ کانپوءِ اميد هئي ته مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ اتي سرگرم هوندا. پر مون مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن به سينيئر اڳواڻ کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو ڪو ثبوت نه ڏٺو. يا اهي کٽيل اميدوار حڪومت ۾ نه هيا. پر انهن بي يارومددگار ماڻهن سان همدردي ڪرڻ ۾ گهڻو ڪجھ نه پئي کتو، جن جا گهر ڊهي پيا هيا ۽ جن پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيو هيو. خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان جي تباهيءَ جي ڪهاڻي به هڪجهڙي هئي، اتي جي حڪومتن ان سنگين بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ سستي ڏيکاري هئي. منصوبابندي واري وزارت ان وقت چيو هيو ته 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي ڪنهن حد تائين حيران ڪندڙ انگ اکر هيا. ان جو مطلب اهو هيو ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن فطرت طرفان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪجھ سُڪون حاصل ٿئي. هڪ اڌ ارب ڊالر جي مدد ان وقت بين الاقوامي تنظيمن پاران ڪيل مدد جي صورت ۾ ڪافي نه هيا. اهو صرف بچاءُ واري مرحلي ۾ خرچ ٿي پئي سگهيا. حڪومت جي ڪاٿي ۾ اهو به هيو ته رڳو هڪ ڀيرو پاڻي گهٽجي ته بنيادي ڍانچي، فصلن ۽ جانورن جي نقصان جو صحيح اندازو واضح ٿي ويندو. پر اسان مان هر هڪ تي فرض هيو ته اسين اڳتي وڌون هان، ۽ ادارن جي بي حسي سبب انهن متاثرن جي مدد ڪيون هان. مثال جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان گذرسفر جو سامان ٻوڏن کسي ورتو هيو ته پوءِ انهن وٽ ڪم جي تلاش ۾ شهري مرڪزن ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هيو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهن. لڏپلاڻ جي ان سطح جي ڪري هڪ وڏي خساري حڪومت جو ڌيان ڇڪايو، جو سماجي بدامني، ۽ وبائن منهن ڪڍيو هيو. ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ ڪامياب فنڊ گڏ ڪندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران مهم شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي پيو ته فنڊ گڏ ڪرڻ هڪ وڏي ذميواري آهي، جنهن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ته گڏ ڪيل هڪ هڪ پئسو جو حساب ڪتاب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪم ڪير به نه ٿو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ خان بعد ۾ هڪ بين الاقوامي اداري کي درخواست ڪئي هئي ته اهي بارشن جي متاثرين جي لاءِ امداد جو اعلان ڪن، ان وقت جي سرڪار بعد ۾ ايم ايف کي خط لکيو هيو ته اهي ڪهڙي صورت امداد ڪن يا آءِ ايم ايف جي رهيل قسط جي ادائگيءَ ۾ رعايت ڪن، ان ڪري ته ان وقت جي حڪومت بارشن ۽ ٻوڏون جي ڪري ادا نه ڪري سگهي.










