ايپل جو آءِ فون 17 پوئين ماڊل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڪرو

ايپل جو آءِ فون 17 پوئين ماڊل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڪرو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ايپل جي آءِ فون 17 سيريز چين ۽ آمريڪا ۾ شروعاتي وڪري دوران پنهنجي اڳوڻي ماڊل کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سومر تي تحقيقاتي اداري ڪائونٽر پوائنٽ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته رپورٽ موجب، نون ماڊلز جي وڪري ۾ آءِ فون 16 سيريز جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن کان اهي ٻنهي ملڪن ۾ مارڪيٽ ۾ آيا آهن ۽ پهرين 10 ڏينهن ۾ وڪرو لاءِ دستياب هئا. ڪائونٽر پوائنٽ موجب، چين ۾ آءِ فون 17 جي بنيادي ماڊل جو وڪرو آءِ فون 16 جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي وئي، جڏهن ته مجموعي طور تي ٻنهي مارڪيٽن ۾ ان جي وڪري ۾ 31 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. سينيئر اينالسٽ مينگ مينگ ژانگ رپورٽ ۾ چيو: “بنيادي ماڊل آءِ فون 17 صارفين لاءِ تمام پرڪشش آهي، ڇو ته اهو قيمت جي مقابلي ۾ شاندار قدر پيش ڪري ٿو.” هن وڌيڪ چيو: “بهتر چِپ، بهترين ڊسپلي، وڌيڪ بيس اسٽوريج، ۽ سيلفي ڪيمرا ۾ بهتري، اهو سڀ ڪجهه گذريل سال جي آءِ فون 16 جي ساڳي قيمت ۾آهي.” ياد رهي ته ايپل سيپٽمبر ۾ آءِ فون 17 سيريز عالمي طور تي، بشمول چين ۾، لانچ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو