طفيل مگسي
مارڪس جنهن انقلاب جي نظريي کي سائنس جي بنياد تي تيار ڪيو ۽ دنيا جي تاريخ جي تشريح هن ريت ڪئي ته ان کي مختلف دورن ۽ درجن ۾ ورهايو ۽ پوء هن ڳاله کي ثابت ڪيائين ته تاريخ ۾ عالمي قومون هڪ دور کان ٻيئي دور ۾ سماجي انقلاب جي وسيلي اينديون.جيڪو سماجي انقلاب تاريخ جي لاء هو.ڇاڪاڻ ته ان جي بنيادي تبديلين جي وسيلي انساني معاشري کي اڳتي ڏانهن وڏايو.
مارڪس جي خيالن جي مطابق هر دور جي سياسي و سماجي و معاشي تاريخ ادارا.روايتون ۽ عقيدا پيداواري طريقن جي اثر هيٺ جوڙندا آھن.. ۽ تاريخ جي هر دور ۾ طبقاتي جدوجهد جاري رهي آھي ۽ سماجي تاريخ انهيء طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آھي.انساني معاشري ۾ انقلاب اهو وسيلو آھي جيڪو زندگي جي هر شعبي ۾ تبديلي آڻي ٿو.ڇوته اهو سماجي انقلاب کي پيداواري وسيلن سان ڳنڍي ڇڏي ٿو.ان ڪري اهو سياسي انقلاب کان ان کي الڳ ڪري ڇڏي ٿو.ڇاڪاڻ ته سياسي انقلاب صرف سياسي حڪومت جي تبديلي جو نالو هوندو آھي.سياسي انقلاب سماجي انقلاب جو هر اول دستو هوندو آھي.ڇوته ان جي وسيلي حڪمران طبقن جو خاتمو ٿيندو آھي.مگر مڪمل انقلاب اهو آھي.. جيڪو پيداواري وسيلن ۾ تبديلي آڻي ۽ معاشري کي بنيادي طور تي تبديل ڪري سياسي ۽ سماجي انقلاب هڪ ٻيئي سان مليل به آھن ۽ الڳ پڻ.بقول مارڪس جي ته“هر انقلاب قديم حڪومت کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان نقط نظر کان اهو سياسي انقلاب آھي“
سماجي انقلاب سدائين ترقي ڏانهن هوندو آھي ۽ ان جي وسيلي سان بيڪار ۽ پراڻيون روايتون ختم ٿي ڪري انهن جي جاء تي ترقي پذير ۽ روشن خيال قوتون جڳه وٺن ٿيون.ان ريت سماجي انقلاب ۾ رجعت پسند ۽ ترقي پسند ٻئي قوتون ٽڪرايل هونديون آھن ۽۽ بنا طبقاتي جدوجهد جي اهو انقلاب مڪمل نٿو ٿيئي.
انقلاب جو شرط اهو آھي ته طاقت و اقتدار هڪ طبقي کان نڪري ڪري ٻيئي طبقي جي هٿ ۾ اڇي.انقلاب ۽ ۾ اهوئي فرق آھي.ڇوته ۾ صرف شخصيتون ۽ پارٽيون بدلجن ٿيون.ان کي سازش جي وسيلي آندو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري ڪا بنيادي تبديلي نٿي ٿيئي.
انقلاب تاريخ ۾ ان ڪري اهم رهيا آھن ته اهي معاشي استحصال کي ختم ڪري معاشري کي آزادي ۽ تي منظم ڪن ٿا.اهي تاريخ جي سرحدن کي ٽوڙين ٿا ۽ جڏھن معاشرو هڪ دور کان ٻيئي دور ۾ اچي ٿو ته ان جي ترقي جي نشاني هوندو آھي.هر دور ۾ معاشي پيداوار اڳتي ڏانهن وڌي ٿي ۽ ان سان گڏ آزادي جون حدون پڻ ڪشاديون هونديون آھن .هر نئون دور ان ڪري وراڻي دور کان اڳتي هوندو آھي ته اهو ڪميونزم جي مرحلي کي ويجهو آڻي ٿو.
ان ڪري مارڪس جي مطابق سماجي انقلاب اهو آھي ته جنهن جي وسيلي نظام.۾ بنيادي تبديلي آندي وڃي ۽ اها تبديلي عوام جي اڪثريت جي خواهش مطابق هجي.۽ ان کي تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي شرڪت هجي.ان لحاظ کان اهو سياسي انقلاب کان مختلف هوندو آھي ته جيڪو عوام جي شرڪت کان بنا مٿان کي آندو ويندو آھي.
سماجي انقلاب ان وقت ايندو آھي جڏھن ته سڌارن جا سمورا دروازا بند ڪيا ويندا آھن.هن جون پهريون ڪم رياست تي قبضو ڪري ان جي سمورن ادارن کي ختم ڪرڻ ھوندو آھي ته جيئن پرولتاري طبقي جي آمريت کي قائم ڪيو وڌي.سماجي انقلاب جهموري قدرن جي حق ۾ هوندو آھي.ڇوته ان جي وسيلي عوام جي اڪثريت کي عمل وارو بڻايو پيندو آھي.
1850ع ۾ مارڪس دائمي انقلاب جي لفظ کي استعمال ڪيو.جنهن جو مطلب هو ته هڪ ڀيرو جڏھن سماجي انقلاب جڏھن هڪ معاشري ۾ اچي ويندو ته ان جي اثر هيٺ ٻين معاشرن ۾ انقلابي تبديليون جاري رهنديون.ايستائين ته طبقاتي ٽڪراء ختم ٿي ويندا.ٽراٽسڪيء روس ۾ انقلاب کانپوء ھن ڳاله جو پڪو په ڪيو ته اهو انقلاب يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ايندو ۽ جڏھن اهو عمل شروع ٿيندو ته بيهندو نه ۽ دائمي شڪل اختيار ڪندو .ايستائين ته سوشلزم.دنيا تد فتح حاصل ڪندي.جيتوڻيڪ لينن جي وفات کانپوء اسٽالن ان نعري کان فري ويو ۽ ھن ڊڪٽيٽر جي صورت اختيار ڪئي.جنهن جي ڪري روس ۾ سوشلزم پنهنجي اصل صورت ۾ قائم نه رهي سگهيو.
مارڪس سرمائيداري جي خلاف پرولتاري انقلاب جون راهون مقرر ڪيون.هن جي نظريي جي مطابق جهڙي ريت هينئر تائين تاريخ انقلابن جي وسيلي بدلبي رهي ٿي.انهيء ريت سرمائيدار نظام به سڌارن جي وسيلي نه بدلايو ويندو بلڪ ان نظام جا ٽڪراء انقلاب لازمي بڻائي ڇڏيندا ۽ اهو انقلاب ان نظام جا پرولتاري وٺي ايندا.سرمائيداري نظام پرولتاري طبقي جي استحصال تي قائم آھي.انهن کي معاشي طور تي محروم رکي ڪري ۽ انهن جي محنت جي نفعي تي سرمائيداري جو بنياد آھي.ان ڪري پرولتاري طبقو پنهنجي محنت جي ميووي کان محروم .انقلاب جي کاء ذھني طور تي تيار رهي ٿو.هاڻي اهو انقلابي پارٽي جو فرضآھي ته اهو انهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪن ته جيئن اهي پنهنجي تاريخي ڪردار کان واقف ٿي سگهن ۽ جدوجهد جي لاء تيار ٿين .
مارڪس جي مطابق“تاريخ جون فئگذريل سموريون تحريڪون اقليتن جون هيون.جڏھن ته پرولتاري پاڻ سجاڳي سان ٽمٽار اڪثريت جي خودمختيار تحريڪ هوندي ۽ اها تحريڪ اڪثريت جي مفاد ۾ هوندي.ان ڪري اهي جيڪي نئون معاشرو جوڙيندا ۽ جنهن کي اڪثريت جي حمايت هوندي اهي انهن طبقن کي به پورا پورا حق ڏيندا جيڪي استحصالي نظام جو حصو هئا مارڪس ان جي وضاحت ڪندي چئي ٿو ته .
“ورڪنگ ڪلاس جي آزادي طبقاتي سهوليتن جي لاء نه هوندي بلڪ حقن وفرضن جي لاء ھوندي.۽ ان جي وسيلي کان سمورن طبقاتي سهوليتن جو خاتمو ٿيندو“
مارڪس بلانڪي.مازني ۽ باڪونن جي ان خيال کي رد ڪيو ته انقلابين جي هڪ هڪ محدود پارٽي سازش ۽ تشدد جي وسيلي انقلاب آڻي سگهي ٿي.۽ ان جي لاء صنعتي مزدورن جي تربيت ۽ انهن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت ناهي بلڪ صرف سياسي ومعاشي ڇڙواڳي ۽ بحران جيڪو حڪومتن جي پاليسين جي سبب کان پيدا ٿين ٿا.انهن کان فائدو وٺي ڪري ٿوام کي پاڻ سان گڏ شريڪ ڪيو وڃي.
مارڪس جي نظريي جي مطابق ان ريت سان سوشلسٽ انقلاب نٿو اچي سگهي.هڪ مضبوطانقلاب جي لاء اڪثريت ۾ شعور جو هئڻ لازمي آھي.اقليت جيڪڏھن محض حالتن کي استعمال ڪري انقلاب کڻي به آئي ته اهو پائيدار نه هوندو يا ٿيندو.ان جي لاء پرولتاري طبقي جو باشعور هئڻ لازمي آھي.۽ ان جو انقلابي جدوجهد سان واقف هئڻ ضروري آھي.هو هن تي زور ڏيئي ٿو ته“سياسي انقلاب آڻڻ وارا ۽ ويڳاڻپ ڏور ڪرڻ وارا پرولتاري آھن ۽ اهي انقلاب جي وسيلي مثالي معاشرو قائم ڪندا جيڪو استحصال کان واڪ هوندو“
پرولتاري طبقي جو ان ڪري به منظم ٿيڻ ضروري آھي ته جڏھن اهو سرمائيداري جي نظام کي ختم ڪري سهوليت يافته طبقن کي اقتدار کان محروم ڪندا ته ان وقت حڪومر جي انتظام جي لاء هزار ڀيرا تربيت يافته فردن جي ضرورت هوندي يا ٿيندي.ان ضرورت کي هڪ ننڍڙي پارٽي ياڪجه فرد پورو نٿا ڪري سگهن.ان ڪري ڊرامائي يا تشدد سان ڀريلواقعا پائيدار انقلاب نتا آڻي سگهن.
مارڪس کانوء بورزوا طبقن ۾َانقلاب جي باري ۾ تبديلي آئي ۽ اهي ان لي روڪڻ جون رٿون رٿڻ لڳا.جڏھن ته مارڪس ۽ سندس پيروڪار انقلابي جدوجهد جي وسيلي تبديلي جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.جڏھن يورپ ۾ 1848ع جي انقلاب ۽ 1871ع ۾ پيرس جميون کي ناڪامي ٿي ته ان جي نتيجي ۾َهي خيال پيدا تيو ته هٿياربند جدوجهد جي وسيلي حڪومتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.ان ڪري جهموري طريقن سان ارتقائي ۽ پرامن جدوجهد ڪئي وڃي.
لينن ان خيال جي ڀرپور مخالفت ڪندي “رياست ۽انقلاب“۾ لکيو ته “رياست حڪمران طبقن جو اوزار آھي.جيستائين رياست موجود آھي مظلوم طبقن جي ڪاميابي ممڪن ناهي.ان ڪري انقلاب جي لاء عوام جي جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي بلڪ انقلاب جي لاء هڪ چونڊيل تربيت يافته ۽ شعور سان ٽمٽار پارٽي تيار ڪرنڻ گهرجي“
لينن انقلاب جو جيڪو نظريو پيش ڪيوان جي پسمنظر ۾ روس ۾ زار روس جي خلاف ناڪام.بغاوتون ۽ يورپ ۾ وڌندڙ سرمائيدار طاقتون هيون.۽ اھي طاقتون بيٺڪيتي نظام جي ڪري وڌيڪ مضبوط ٿي رهيون هيون.لينن هن تي زور ڏنو ته قلم ۽ تلوار ٻنهيء کي استعمال ڪري معاشري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪجي.پرولتاري طبقن جي لاء وڌيڪ طاقت دٻاء سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.اقتدار حاصل ڪرڻ جو وسيلو صرف جنگ آھي.ان ڪري انقلاب ٻن ڳالهين تي دارومدار رکي ٿو.
1-هڪ انقلابي پارٽي جيڪا منظم هجي ۽ حڪومت تي قبضي جي لاء تيار هجي.
2-سماجي ۽ سياسي بحران جيڪو حڪمران طبقن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا ۽ جنهن جي سبب کان انقلابي پارٽي کي عوام جي حمايت حاصل ٿي ويندي.جيستائين هيٺيان طبقا حڪمران طبقن کان بيزار نه ٿي وڃن ۽ جيستائين حڪمران طبقا بحرانن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نه ٿي وڃن ان وقت تائين انقلابي صورتحال پيدا نه ٿيندي.
لينن جي ويجهو اها انقلابي پارٽي جيڪا اقتدار تي قبضي ڪرڻ جي لاء تيار هجي.اها مارڪسسٽ پارٽي هوندي.هن پنهنجن مشاهدن جي وسيلي هن ڳاله جو اندازو هڻي ورتو هو ته جيڪڏھن صنعتي مزدورن کي انهن جي حال تي ڇڏيو وڃي ته اهي ٽريڊ يونين جي سياست ۾ منجهي ڪري رهجي ويندا.اڳتي نه وڌي سگهندا۽ پنهنجي حالت سڌارڻ جي لاء انقلاب کان وڌيڪ سڌارن تي زور ڏيندا.
صنعتي مزدورن ۽ پرولتاري طبقي ۾ انقلابي شعور پيدا ڪرڻ جو ڪم دانشورن جو آھي.جيڪي ان ڪم کي ڪرڻ جي لاء اڳتي اچن.
1902ع تائين لينن هن ڳاله جو هو ته سوشلسٽ انقلاب جي لاء ضروري ناهي ته اهڙي پارٽي ٺاهي وڃي ته جنهن ۾ عوام جو وڏو حصو شامل هجي.بلڪ انقلابين جو هڪ تربيت يافته گروه جن ۾ دانشور يا سياستدان هجن اهي انقلاب جو راهو کولي ڪري انقلاب آڻي سگهن ٿا.
مگر ان کانپوء هن جي خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ ان هن ڳاله تي زور ڏنو ته پارٽي ۾ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪيو وڃي.مگر اختيار ڪجه ماڻھن وٽ ئي هجن.ان ڪري انقلابي قوتون جن ۾ يورپ ۽ امريڪا جا صنعتي مزدور ۽ ھاري آھن ۽ ايشيا.افريقا ۽ لاطيني امريڪا جي بورزوازي قومي تحريڪون گڏجي ڪري ڪم ڪن.۽ ان کي ڪمزور ڪري انقلاب جي رڪاوٽن کي ڏور ڪن.سمائيداري نظام جيڪو وڏين وڏين ڪمپنين ۽ فرمن تي قائم آھي اهي پنهنجي ملڪ جي مزدورن کي به رعايت ڏيئي ڪري انهن جي انقلابي ڪردار کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.روس ۾ جڏھن پرولتاري انقلاب ڪامياب ٿيو ته لينن پهريون ڪم هي ڪيو ته روس کي امپيرل ازم جي عالمي دائري کان ڪڍيو ته جيئن عالمي سرمائيداري ۽ امپيرل ازم جو زور ٽٽي وڃي ۽ عالمي انقلاب جون راهون کلي وڃن.
وقت جي تبديلي سان گڏ انقلاب جي نظرين ۾ به تبديلي ايندي وئي.هير ملڪ جي حالت جي مطابق انقلابي جدوجهد جو منصوبو بڻايو ويو.هر سوشلسٽ انقلاب پنهنجي ذات ۾ الڳ هوندو آھي.ان جو ڪو ھڪ نمونو ناهي هوندو.ان ڪري ٻين انقلابن کان تجربو ته حاصل ڪري سگهجي ٿو.ليڪن هر انقلاب پنهنجي خاص ماحول ۽ حالتن ۾ اڀري ٿو.۽ اڳتي ڏانهن وڌي ٿو.هينئر تائين سوشلسٽ انقلاب جن جن ملڪن ۾ آيو آھي اهو اتي الڳ خاصيتن جو لائق رهيو آھي.لينن ان سلسلي ۾ چٽي طور تي چيو ته هر ملڪ ۾ جدوجهد کي ان جي حالتن جي مطابق تبديل ڪرڻ گهرجي.مگر هر انقلاب جي بنيادي خاصيت هي هئڻ گهرجي ته اهو سرمائيداري نظام کي بدلائي ۽ پرولتاري طبقي کي اقتدار ۾ آڻي.ان مقصد جي حاصلات جي لاء هر ملڪ کي الڳ طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.
ٻي جنگ عظيم کانپوء بيٺڪيتن ۾ ٻن قسمن جون قومي آزادي جون جنگيون وڙھيون ويون.پهرين اهي جنگيون جيڪي قومي بورزوا طبقيء قوميت جي نالي تي وڙھيون اهي جنگيون دستوري و قانوني بنيادبئن تي وڙھيون ويون ۽بيٺڪيتي حڪمرانن ٺاه جي وسيلي انهن ملڪن کي آزاد ڪيو ته جيئن انهن جي وڃڻ کانپوء به انهن جي مفادن جو تحفظ ٿي سگهي.آزاديء کانپوء اهي ان جا ايجنٽ بڻجي ويا ۽ هنن بيٺڪيتي نظام کي برقرار رکي ڪري عوام جو استحصال جاري رکيو.
ٻيو قسم انهن ملڪن جو هو ته جتي جاگيرداري ۽ امپيرل ازم جي خلاف جدوجهد ڪئي وئي.اها جدوجهد رتو ڇاڻ ۽ سخت مقابلي واري هئي.ان جو مثال چين .ويٽنام.موزمبيق.گني ڀسائو.۽ انگولا آھن ته جتي عوامي جهنوريتون قائم ٿيون ۽ طبقاتي فرق کي ختم ڪيو ويو.
هن وقت اڪثر انهن ملڪن ۾ جيڪي بيٺڪيتن کان آزاد ٿيا آھن .اتي غير جهموري حڪومتون قائم آھن.۽ انهن جي خلاف انقلابي قوتون سرگرم آھن.ان جدوجهد جي نتيجي ۾ انقلاب جي نظرين ۾ نه صرف تبديلي آمي بلڪ ان ۾ ڪشادگي پيدا ٿي.انن منجهان اڪثر ملڪ صنعتي طور تي پٺتي پيل آھن ۽ انهن جي عوام جي اڪثريت مفلسي.جهالت ۽ تهمتن جي سبب کان تمام پٺتي آھي.انهن حالتن ۾ انقلابي جدوجهد ڪنهن انداز ۾ شروع ڪئي وڦي.؟.
اان سوال جوجواب ڏيندي چي گويرا هن ڳاله تي زرور ڏنو ته مقبول قوتون ۽ طاقتون فوج جي خلاف جدوجهد ۾َڪامياب ٿي سگهن ٿيون.ان ڪري انقلاب جي لاء هن ڳاله جو انتظار نه ڪرڻ کپي ته انقلابي صورتحال پورائي کي پهچي بلڪ اهڙي صروتحال کي جدوجهد جي وسيلي پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ حملن جي وسيلي حڪومتن کي ڪمزور ڪرڻ جو منصوبو بنائڻ گهرجي.ان جو ڪامياب مثال چين ۽ ڪيوبا جا انقلاب آھن ته جن هن پنهنجي پٺتي پيل زندگي جي باوجود انقلابي صورتحال کي پيدا ڪيو.۽ حڪومتن جو تختو اونڌو ڪري عوامي اقتدار کي قائم ڪيو.ساڳئي منصوبي جي تحت نگاراگوا ۾ انقلاب آيو.
فينن جو چوڻ آھي ته ڀيٺڪي دور ۾ شھرن جا پرولتاري هارين .پوکي راهي ڪندڙن جي مقابلي ۾ سهوليت يافته ٿي ويا آھن۽ ھن ان جو انقلابي ڪردار جتم ڪري ڇڏيو آھي.ان ڪري انقلابي محاذجي جوڙجڪ ۾ خاص خاص بورزوا طبقن ۽ لمپن پرولتاري طبقي کي ملائي ڪري محاذ ٺاهين ۽ پوء ان جي وسيلي انقلاب آڻڻ جي جدوجهد ڪن.افريقا جو پرولتاري طبقو نهايت ڪمزور آھي۽ انقلاب آڻڻ جو اهل ناهي.فين هن ڳاله کي تسليم.ڪري ٿو ته افريقي سردارن.جاگيردارن ۽ مذھبي اڳواڻن جياثر هيٺَ آھي ۽ صدين جي غلامي .تهمتون .جهالت ۽ مفلسيء ان کي سست بڻائي ڇڏيو آھي.انهن کي ان حالت کان ڪڍڻ جي لاء هڪ منظم پارٽي جي ضرورت آھي.چوته هاري شھري زندگي جي آلودگين کان پاڪ آھن ان ڪري جڏھن اهي شعور سان ٽمٽار ٿي ويندا ته انقلاب جي لاء جوش ۾ اچي جدوجهد ڪندا.
ڏيبريء جيڪو بوليويا ۾ چي گويرا سان گڏ هو.هن لاطيني امريڪا جي خاص حالتن ۾ انقلاب جو جيڪو نظريو پيش ڪيو .هن جي مطابق لاطيني امريڪا جا هاري خاموش ۽ بي عمل آھن.۽ اهي انقلاب جي لاء طاقت نٿا رکن.قومي بورزوا طبقي جي لاء ظاقت نٿا بڻجي سگهن .قومي بورزوا طبقو به پنهنجي سهوليتي ڪردار جي ڪري ڪو حصو نٿو وٺي سگهي.پرولتاري ۽ مزدور شھري زندگي جي بدعنوانين ۾ ملوث ٿي ويا آھن.ان ڪري صرف شاگرد ۽ دانشور انقلاب آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ اهي ئي هارين کي انهن جي ڀيوسي کان ڪڍي ڪري انهن کي عمل ۾ آڻي سگهن ٿا.لاطيني آمريڪا ۾ ھر قسم جي ڪدوجهد ٺيڪ ناهي.بلڪ صرف صرف گوريلا جدوجهد ئي ان ماحول ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي ته جنهن ۾ سياسي و فوجي ڪمانڊ جو اتحاد هجي.اها محدود گوريلا جدوجهد اوچتو ٿيئي.ڇوته اوچتو حملن ۽ سرگرمين جي سبب کان عوام جي اڪٽريت جيڪا بيوس آھي.ان ۾ شعور ايندو ۽ ڪجه عمل وارن انقلابين جي چرپر انهن کي جهنجوڙي ڪري بيدار ڪري ڇڏيندي.
پروفيسر مارڪوزيء امريڪا ۽ يورپ جي پسمنظر ۾ ھن ڳاله تي زور ڏنو ته ترقي يافته صنعتي ملڪن ۾ مزدور طبقو سرمائيداراڻي نظام جو هڪ حصو بڻجي ويو آھي ۽ ان کانپوء ان جو انقلابي ڪردار ختم ٿي ويو آھي.هاڻي اهو ڪم پرولتاري ئي ڪري سگهن ٿا.مگر اهو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن ان جي تربيت جو ڪمدانشور ۽ شاگرد ڪن.مارڪوزي انهن خيالن 1960ع جي ڏُاڪي ۾ امريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن جي انقلابي تحريڪ جي شروعات ڪئي.جنهن جي سبب کان انهن ۾ ۽ يونيورسٽين ۾ نصاب جي سڃاڻپ ۽ انتظاميه جي ڍانچي ۾ تبديليون ڪيون.
انقلابي نظرين ڇٿيل مظلوم عوام ۾ چاهي اهي ايشيا ۾ ھجن چاهي افريقا ۾ مستقبل جي لاء ھڪ اميد پيدا ڪري ڇڏي ته اهي ظلم واستحصال سان ويڙھ ڪري معاشري کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ اها تبديلي انقلاب جي وسيلي ئي ممڪن آھي.
نئين ٽيڪنيڪي ۽ فني ايجادن به انقلاب دشمن طاقتن کي مضبوط ڪيو آھي.انهن جو استعمال امريڪا ويٽنام ۾ گوريلن جي خلاف ڪيو.انهن ۾ اننهن احساسن ڪر کنيو ته جن جي وسيلي انهن جي ڳجهين رهائشن جو پتو هنيو ويو ۽ پوء انهن تي حملو ڪيو ويو.ان کانسواء انقلاب کي روڪڻ جي لاء پوليس.فوج.جاسوسي۽ مخبري جا ادارا هوندا آھن.تحرير و تقرير تي پابندي۽ سنسرشپ اهي هٿيار هوندا آھن ته جن جي وسيلي ماڻھن تائين نون خيالن کي پهچڻ کان روڪيو ويندو آھي.ان کانپوء اذيتون.تشدد ۽ دهشتگردي ٿيندي آھي.جنهن جي وسيلي انقلاب جي ڪارڪنن جي جسماني ۽ روحاني قوت کي ٽوڙيو ويندو آھي.ليڪن ڇا اهي سڀ شيون گڏجي ڪري انقلاب جي رستي کي روڪي دگهن ٿيون؟تاريخ جو جواب آھي بلڪل نه؛؛؛
هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿيئي ٿو ته انقلاب ڇو اچي ٿو؟ڇو اهڙا طبقا اڀرن ٿا جيڪي انقلاب جي لاء جدوجهد ڪن ٿا؟نيٺ ڇو ماڻھو اصولن جي خاطر پنهنجي جان ۽ مال کي قربان ڪري ڇڏين ٿا.؟جڏھن معاشرو ۾ سماجي ٽڪراء وڌي وڃن ٿا.عوام ۽ هيٺين طبقن جي حالت خراب ٿي وڃي ٿي.معاشي بحران.قومي و لساني جهڳڙا معاشري کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين ٿا.لاقانونيت وبدامني وڌي وڃي ٿي.حڪومتي ادارا بحرانن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ معاشرو عدم تحفظ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.ته ان صورت ۾ حڪمران طبقن جو پهريون ردعمل اهو هوندو آھي ته سڌارن جي وسيلي ان ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڇڙواڳي کي روڪي سگهجي.ليڪن انهن سڌارن ۾ اقتدار پراڻن طبقن وٽ ئي رهي ٿو ۽ اهي معاشري جي سڃاڻپ ۾ ڪا تبديلي اچڻ نٿا ڏين.ان لاء سڌارن جا ڪي مثبت نتيجا نٿا نڪرن.ڪو وقت حڪمران طبقاتي نظام ۾ ڪنهن به قسم جي سڌاري ڪرڻ جي لاء تيار ناهن هوندا يا اهي ذھني طور تي ان قدر پٺتي ٿي ويندا آھن ته انهن ۾ سڌاري ڪرڻ جي ڪا اهليت ئي باقي نٿي رهي ۽ نظام ان قدر بگڙي وڃي ٿو ته ان ۾ سڌاري جي ڪا گنجائش ناهي هوندي.ان صورتحال ۾ سواء ان جي ٻيو ڪو رستو نٿو بچي ته انقلاب جي وسيلي نظام کي تبديل ڪيو وڃي.اها صروتحال هن وقت ڏکڻ افريقا ۽ اسرائيل ۾ آھي ته جتي افريقين ۽ فلسطينين جي حقن جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آھن ۽ ان لاء انهن جي خلاف جدوجهد سخت ۽ تشدد واري آھي.ماضي ۾ ساڳئي صورتحال کان روس گذريو هو ته جتي زار سڌارن کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.۽ چين جا جاگيردار به پنهنجي نظام.کي تبديل ڪرڻ تي تيار نه هئا.انهيء صورتحال افريقا ۾ پرتگالي بيٺڪيتن ۾ انقلاب کي برپا ڪيو.ڇوته پرتگال پنهنجيون سهوليتون ڇڏڻ تي تيار نه هئا.
جڏھن حقن ۽ معاش کان محروم ماڻھو گڏ ٿي ڪري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ انهن جي پرامن جدوجهد جا ڪي نتيجا نٿا نڪرن ۽ انهن جي مطالبن جو ڪو اثر نٿو ٿيئي ته ان صورت ۾ اهي پنهنجن حقن جي لاء هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪن ٿا.جڏھن انهن ۾ ۽ حڪمران طبقن ۾ ٽڪراء ٿيندو آھي ته منطقي طور تي حڪوران طبقا تشدد جي وسيلي انهن جي هر تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.مگر جنهن قدر تشدد ٿيندو آھي.انهيء قدر مزاحمت وڌندي ويندي آھي۽ انهيء ريت تحريڪ ۾ عوام جي اڪثريت شامل ٿيندي ويندي آھي.ايستائين ته حڪمران طبقا اڪيلا رهجي وڃن ٿا.۽ انهن جي تشدد جا ادارا فوج و پوليس و انتظاميه ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ اهوئي اهڙو مرحلو هوندو آھي ته جڏھن انقلابي پارٽي هن تي حملو ڪري هن جو خاتمو ڪري ڇڏي ٿي.
ان سبب کان وڏا انقلاب انهن ملڪن ۾ آيا جيڪي سماجي طور تي پٺتي پيل هئا.۽ جتي طبقاتي فرق تمام گهڻو هو.جيئن روس.چين.ڪوريا.ڪيوباويٽنام .نڪاراگوا.۽ افريقا ۾ پرتگالي بيٺڪيتون.انهن ملڪن ۾ دولت ۽ سهوليتون ڪجه طبقن ۾ محدود ٿي ڪري رهجي ويون هيون ۽ ٻين طبقن ۾ صلاحيت وارن فردن جي ترقي جا سمورا رستا بند ٿي چڪا هئا.دولت ته ححڪمران طبقن وٽ ھئي.مگر حڪومت جو خزانو خالي هو.ان ڪري خرچن جي لاء عوام تي ٽيڪسن ۾ واڌارو ٿيو.۽ جڏھن ان جي نتيجي ۾ عوام ۾ بي آرامي پيدا ٿي ته ان کي روڪني جي لاء سخت قانونن جو نفاذ ڪيو ويو.تحرير و تقرير تي پابنديون مڙھيون ويون.مخالفت کي دٻائڻ جي لاء قيد جون تڪليفون ڏنيون ويون.مگر جڏھن ملڪ ۾ هڪ ڀيرو بدامني ٿي وڃي ۽ حڪومتي ادارا انهن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ته ان سان ان جو وقار عوام جي نظرن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو.۽ انهن ۾ مخالفت جا جذبا وڌيڪ زور وٺي ڇڏين ٿا.اهوئي ڪجه انهن ملڪن ۾ ٿيو.انقلابي قوتن جي خلاف حڪومتن طاقت جو استعمال ڪيو ۽ جڏھن ان ۾ کين کي ناڪامي ٿي ره ان سان انقلابي تحريڪ ۾ مقبوليت ۾ واڌارو ٿيو ۽ عوام جون همدرديون ان سان گڏ ٿينديون ويون.
هڪ ڀيرو جڏھن انقلاب ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ان جو پهريون قدم اهو هوندو آھي ته پراڻي نظام جي هر شيء کي مٽائي ڇڏي ۽ روايتن کي ختم ڪيو ويندو آھي ۽ نئين نظام جو بنياد نئين انداز ۾ ڪيو ويندو آھي ۽ زندگي جي هر پاسي ۾ نئين شروعات ۾ ڪم ڪيو ويندو آھي.حڪمران ۽ سهوليت يافته طبقي جو زوال ٿيندو آھي ۽سياسي و معاشي ۽ معاشرتي سڌارن جي وسيلي ب يادي تبديليون آنديون وينديون آھن ۽ نئين نظام جي جوڙجڪ ۾ عوام جي اڪثريت شريڪ هوندي يا ٿيندي آھي.ڇاڪاڻ ته اهي انقلابي عمل کان گذري چڪا هوندا آھن .ان ڪري انهن جو شعور ۽ جذبو نئين نظام کي سگه ڏيئي ٿو.
انقلاب سان فقط هڪ ئي سرزمين ۽ ملڪ متاثر ناهي ٿيندو بلڪ ان کي هن جا پاڙيسري ۽ ٻيا ملڪ به متاثر ٿين ٿا ۽ انقلاب جي خوف کان يا ته حڪمران طبقا سڌارن جو سهارو وٺندا آھن يا تشدد جي وسيلي پنهنجي اقتدار جو تحفظ ڪن ٿا.ليڪن انهن ٻنهي صورتن ۾ معاشرن ۾ تبديلي ٿيندي آھي










