انصاف جي انتظار ۾ زخمي نياڻيون

انصاف جي انتظار ۾ زخمي نياڻيون

شاھ محمدلغاري
سنڌ جي ڌرتي، جيڪا صوفيت، محبت ۽ غيرت جي سڃاڻپ هئي، اڄ عورتن جي رت سان رنگجي رهي آهي. هر آءِ ڏينهن بعد ڪو نه ڪو اهڙو واقعو سامهون اچي ٿو، جيڪو صرف انسانيت کي نه، پر رياست، قانون ۽ ادارن جي وجود کي به شرمنده ڪري ڇڏي ٿو. سوال اهو ناهي ته زيادتي ٿي ڇو سوال اهو آهي ته اهڙا درندا اڃا تائين بي خوف ڇو آهن تازو سانگهڙ ضلعي جي چوٽياريون ۾ سامهون آيل واقعو، جنهن ۾ ملاح برادري جي معصوم نياڻي حسنا ملاح سان جنسي زيادتي کان پوءِ بليڊن سان زبان ۽ سڄي جسم کي جهير ڏئي ڪٽيو ويو، نياڻي کي ڪُتن وانگر بُري طرح پٽيو ويو، سڄي جسم تي زخمن جا نشان موجود آهن هي رڳو هڪ فرد جو جرم ناهي اهو سماج جي گڏيل ناڪامي آهي. نياڻي جي جسم جو زخم زخم، هر ڪٽ هڪ سوال ڪري ٿو تہ هي ڪهڙي رياست آهي، جتي عورت جي عزت کان وڌيڪ ڏوهاري جو اثر رسوخ طاقتور آهي هي ڪهڙو سماج آهي، جتي ظلم ڪندڙ بي خوف ۽ مظلوم انصاف لاءِ در در ڀٽڪندو آهي هي زخم صرف حسنا ملاح جي جسم تي ناهن، اهي سنڌ جي ضمير تي لڳل نشان آهن. جيڪڏهن اڄ به اهڙن درندن کي مثال بڻائي سزا نه ڏني وئي، جيڪڏهن قانون رڳو ڪمزور لاءِ ئي سخت رهيو، ته سڀاڻي هر نياڻي اهڙي وحشت جو امڪاني شڪار بڻجندي. خاموشي هاڻي ڏوهه آهي، ڇو ته خاموش رهڻ سان ظلم کي جواز ملي ٿو، ۽ جتي جواز ملي وڃي، اتي انسانيت دفن ٿي وڃي ٿي هي پهريون واقعو ناهي، ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته آخري به ناهي جنسي زيادتي جا اهڙا گهڻا واقعا آهن جيڪي سماجي دٻاءُ، شرم يا انتظامي ناڪامي جي ڪري پوليس تائين نٿا پهچن جي پوليس تائين پهچن ٿا ته اتي انصاف نٿو ملي جئين جيڪب آباد جي آسيا کوسو جو ڪيس اڃا تائين سنڌ جي ضمير تي داغ بڻيل آهي، جتي نياڻي پوليس حراست ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي. الزام هي آهي ته نياڻي کي تحفظ ڏيڻ بدران، انهن هٿن ئي نوچيو، جيڪي قانون جي پاسداري جو قسم کڻي وردي پائين ٿا. ڪيترن ئي ڏينهن تائين نياڻي کي ذهني ۽ جسماني تشدد سان گڏ زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪيس کي دٻائڻ، شاهديون لڪائڻ ۽ جوابدارن کي بچائڻ جون ڪوششون به سامهون آيون عدالت جڏهن معاملي جو نوٽيس ورتو، تڏهن ڪجھ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ٿيو، پر سوال اڃا به زنده آهي ڇا صرف معطليون ۽ گرفتاريون انصاف آهن؟ يا انصاف تڏهن ٿيندو، جڏهن وردي جي آڙ ۾ لڪيل درندن کي عبرتناڪ سزا ملندي آسيا کوسو جو ڪيس رڳو هڪ نياڻي جي تباھي نه، پر سڄي پوليس نظام جي ساک تي سوال آهي جيڪڏهن پوليس جهڙو ادارو، جيڪو تحفظ جي علامت هئڻ گهرجي، پاڻ درندو بڻجي وڃي، ته پوءِ عورت ڪيڏانهن وڃي عدالتن ڏانهن، جتي سالن تائين تاريخون ملن ٿيون سماج ڏانهن، جتي متاثره عورت کي ئي ڪردارڪشي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو يا ميڊيا ڏانهن، جتي خبر ڪجهه ڏينهن ۾ وسري وڃي ٿي آسيا کوسو اڄ به انصاف جي منتظر آهي، ۽ سنڌ جون سوين نياڻيون هن سوال سان جيئري آهن ته ڇا هن ملڪ ۾ عورت هجڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي هي ملڪ ته عورت لاءِ ڄڻ قبرستان بڻيل آهي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن کان شهرن تائين عورتن سان ڄڻ هڪ اڻ اعلانيل جنگ هلي رهي آهي هي جنگ هٿيارن سان ناهي هي جنگ عورت جي عزت خلاف آهي وڏيرا هجن، بااثر ماڻهو هجن، يا وردي وارا، هڪ ڳالهه واضح آهي ڏوهاري کي طاقت حاصل آهي، ڇو ته قانون ڪمزور بڻايو ويو آهي اسان وٽ عورت لاءِ قانون ته آهن، پر عمل صفر آهي. عدالتن ۾ تاريخون ملن ٿيون، پوليس ۾ ايف آءِ آر روڪيون وڃن ٿيون، ۽ سماج ۾ متاثره عورت کي ئي ڪردارڪشي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته درندا وڌيڪ بي رحم ٿين ٿا حسنا ملاح جي جسم تي لڳل بليڊ جا نشان رڳو زخم ناهن، اهي سوال آهن ايس ايس پي، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او هي زخم اوهان کان به سوال ڪن ٿا هي نشان حڪومت کان به سوال ڪن ٿا.
هي زخم اسان سڀني جي خاموشي تي چماٽون آهن سنڌ ۾ عورت اڄ به ٻٽي سزا ڀوڳي ٿي ــ
پهريان زيادتي ۽ پوءِ انصاف لاءِ ذلت جيستائين زيادتي ڪندڙن کي سرعام مثال بڻائي سزا نه ملندي جيستائين اثر رسوخ کي قانون کان مٿي رکيو ويندو جيستائين عورت کي انسان نه پر ملڪيت سمجهيو ويندو تيستائين حسنا، آسيا ۽ انهن جهڙيون نياڻيون قرباني بڻجنديون رهنديون هاڻي سوال اهو ناهي ته ڪيس ٿيندو يا نه سوال اهو آهي ته ڇا رياست عورت سان گڏ بيهڻ جي همت رکي ٿي يا نه اڄ جيڪڏهن ادارا خاموش رهيا ته سڀاڻي هر ڌيءَ غير محفوظ هوندي ۽ تاريخ لکي ويندي ته سنڌ ۾ عورت ماري وئي ۽ رياست تماشو ڏسندي رهي

پهنجو تبصرو موڪليو