امن جي نالي ۾ جنگين جو اتحاد ۽ آمريڪي مفادن جي ڊگهي ڪهاڻي.؟

امن جي نالي ۾ جنگين جو اتحاد ۽ آمريڪي مفادن جي ڊگهي ڪهاڻي.؟

غلام مصطفيٰ جمالي
نيٽو، جنهن کي دنيا امن، گڏيل تحفظ ۽ اجتماعي سلامتي جو نشان سمجهي ٿي، حقيقت ۾ جديد عالمي سياست جي سڀ کان وڌيڪ متنازع اتحادن مان هڪ رهيو آهي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جڏهن يورپ کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو هو، لکين ماڻهو بي گهر، بيمار ۽ بک ۾ مبتلا هئا، تڏهن عالمي طاقتور رياستن کي هڪ اهڙي اتحاد جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو هڪ پاسي نئين جنگ کي روڪي سگهي ۽ ٻي پاسي طاقت جي توازن کي پنهنجي حق ۾ رکي. 1949ع ۾ نيٽو جو بنياد وڌو ويو، ظاهري طور مقصد اهو هو ته سوويت يونين جي وڌندڙ اثر کي روڪيو وڃي ۽ يورپ کي اجتماعي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو اتحاد آهستي آهستي هڪ دفاعي معاهدي کان هٽي، عالمي مداخلتن ۽ طاقت جي سياست جو اهم اوزار بڻجي ويو.
نيٽو جي قيام وقت شامل ملڪن جو خيال هو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيندو ته سڀ گڏجي ان جو مقابلو ڪندا. هي اصول ٻڌڻ ۾ ته پرڪشش هو، پر عملي طور تي ان جي تشريح ۽ استعمال هميشه طاقتور ملڪن، خاص طور آمريڪا، جي مفادن مطابق ٿيو. سرد جنگ جي دور ۾ نيٽو سوويت يونين خلاف هڪ مضبوط ديوار بڻيو. يورپ ۾ آمريڪي فوجي اڏا، ايٽمي هٿيار، ميزائل نظام ۽ وسيع دفاعي ڍانچا قائم ڪيا ويا. ان سموري عمل ۾ يورپ جي ڪيترن ملڪن پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو هڪ حصو عملي طور آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته تحفظ جي نالي ۾ فيصلا واشنگٽن ۾ ٿيندا رهيا.
جڏهن سرد جنگ ختم ٿي ۽ سوويت يونين ٽٽي پيو، تڏهن دنيا ۾ هڪ اميد پيدا ٿي ته شايد هاڻي نيٽو جي ضرورت نه رهندي. ڪيترن دانشورن ۽ سياستدانن سوال ڪيو ته جڏهن اهو خطرو ئي ختم ٿي چڪو آهي، جنهن جي نالي تي هي اتحاد قائم ٿيو هو، ته پوءِ ان کي برقرار رکڻ جو جواز ڇا آهي؟ پر ان جي ابتڙ، نيٽو نه رڳو زندهه رهيو، پر وڌيڪ وسيع ٿي ويو. اوڀر يورپ جا اهي ملڪ، جيڪي ڪڏهن سوويت بلاڪ جو حصو هئا، هڪ هڪ ڪري نيٽو ۾ شامل ڪيا ويا. هن واڌ روس ۾ خدشن کي جنم ڏنو ۽ عالمي سياست ۾ نئين ڇڪتاڻ پيدا ٿي.
نيٽو جي تاريخ تي نظر وجهجي ته اهو اتحاد ڪيترن اهڙن فوجي عملن ۾ شامل رهيو آهي، جن کي اڄ به اخلاقي، قانوني ۽ انساني بنيادن تي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. يوگوسلاويا خلاف بمباري هجي يا افغانستان ۾ ڊگهي فوجي مداخلت، هر هنڌ نيٽو جو ڪردار دفاع کان وڌيڪ جارحانه نظر اچي ٿو. افغانستان ۾ ويهه سالن تائين هلندڙ جنگ، جنهن ۾ هزارين بيگناهه شهري مارجي ويا، ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو ويو، ۽ آخرڪار جڏهن نيٽو فوجون واپس ويون ته ساڳيو نظام ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو، جنهن کي هٽائڻ لاءِ اها جنگ شروع ڪئي وئي هئي. هي حقيقت نيٽو جي حڪمت عملي تي وڏو سواليا نشان آهي.
نيٽو هميشه پاڻ کي جمهوريت، انساني حقن ۽ آزادي جو محافظ ظاهر ڪندو رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته ڪيترن موقعن تي هن اتحاد انهن ملڪن سان به لاڳاپا رکيا، جتي جمهوريت نالي ماتر هئي. جتي به آمريڪي مفاد شامل رهيا، اتي اصولن کي پوئتي رکيو ويو. وچ اوڀر ۾ جنگيون، هٿيارن جي واپار، ۽ سياسي عدم استحڪام، ان پاليسي جا واضح مثال آهن، جنهن ۾ امن کان وڌيڪ طاقت کي ترجيح ڏني وئي.
هاڻي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آيو آهي، نيٽو بابت آمريڪي پاليسي وڌيڪ کلي سامهون اچي وئي آهي. ٽرمپ شروعات کان ئي نيٽو کي آمريڪا لاءِ مالي بار قرار ڏيندو رهيو آهي. هن جو موقف رهيو آهي ته آمريڪا نيٽو جي خرچن جو وڏو حصو ادا ڪري ٿو، جڏهن ته يورپي ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ مناسب وسيلا خرچ نٿا ڪن. هن سوچ تحت ٽرمپ بار بار نيٽو اتحادي ملڪن تي زور وڌو ته هو پنهنجو دفاعي بجيٽ وڌائين.
تازو فيصلو، جنهن تحت آمريڪا نيٽو جي ڪجهه اهم فوجي ڪمانڊ عهدن تان هٿ کڻي انهن کي يورپي ملڪن حوالي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان ئي پاليسي جو تسلسل آهي. ظاهري طور چيو وڃي ٿو ته هي قدم يورپي ملڪن کي وڌيڪ ذميواريون ڏيڻ لاءِ کنيو پيو وڃي، پر حقيقت ۾ ان جي پويان آمريڪا جي پنهنجي حڪمت عملي صاف نظر اچي ٿي. آمريڪا هاڻي يورپ کان وڌيڪ ايشيا، خاص طور چين، ڏانهن ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو، جتي عالمي طاقت جو مستقبل ڏٺو پيو وڃي.
تنقيدي نظر سان ڏٺو وڃي ته آمريڪا جو هي رويو ڪيترو نه متضاد آهي. ڏهاڪن تائين آمريڪا نيٽو ذريعي يورپ ۾ پنهنجو اثر قائم رکيو، سياسي فيصلا متاثر ڪيا، فوجي موجودگي ذريعي پنهنجي بالادستي مضبوط ڪئي، ۽ هاڻي جڏهن عالمي حالتون بدلجي رهيون آهن، ته آمريڪا آهستي آهستي پوئتي هٽڻ لڳو آهي. هي عمل انهن ملڪن لاءِ خدشن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪي سالن کان آمريڪي تحفظ تي ڀاڙيندا رهيا آهن.
روس ۽ يوڪريني جنگ کان پوءِ يورپ اڳ ئي هڪ غير يقيني دور مان گذري رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ نيٽو جي اندر اهڙيون تبديليون اتحاد جي مستقبل بابت سنگين سوال پيدا ڪن ٿيون. جيڪڏهن سڀاڻي ڪو وڏو بحران پيدا ٿئي ٿو، ته ڇا نيٽو ساڳي اتحاد ۽ طاقت سان ردعمل ڏيئي سگهندو، يا هر ملڪ پنهنجي قومي مفاد کي اوليت ڏيندو؟
نيٽو جو مستقبل هاڻي صرف فوجي اتحاد تائين محدود ناهي رهيو، پر اهو عالمي سياست جي تبديل ٿيندڙ رخن جو عڪس بڻجي چڪو آهي. هڪ پاسي چين جو وڌندڙ معاشي ۽ فوجي اثر، ٻي پاسي روس سان ڇڪتاڻ، ۽ ٽئين پاسي آمريڪا جي اندروني سياسي ۽ معاشي ترجيحن ۾ تبديلي، اهي سڀ عنصر نيٽو کي نون امتحانن سان روبرو ڪري رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا نيٽو پاڻ کي انهن حالتن مطابق تبديل ڪري سگهندو، يا هو ماضي جي پاليسين ۾ ڦاٿل رهندو؟
آمريڪا تي تنقيد ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته هي ملڪ پاڻ کي آزادي ۽ جمهوريت جو علمبردار سڏيندي به ڪيترن ملڪن ۾ جنگين، بغاوتن ۽ سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻيو آهي. نيٽو ان پاليسي جو هڪ اهم اوزار رهيو آهي. امن جي نالي ۾ جنگيون، تحفظ جي نالي ۾ تباهي، ۽ جمهوريت جي نالي ۾ طاقت جي سياست، اهي سڀ حقيقتون آهن جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
آخرڪار، اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته نيٽو جي ڪهاڻي رڳو گڏيل تحفظ جي ڪهاڻي ناهي، پر اها آمريڪي مفادن، عالمي طاقت جي سياست، ۽ بدلجندڙ ترجيحن جي ڊگهي ڪهاڻي آهي. صدر ٽرمپ جو تازو فيصلو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي اتحاد به مستقل ناهن، اهي به وقت ۽ مفادن سان گڏ بدلجندا رهن ٿا. سوال اهو ناهي ته نيٽو رهندو يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي اتحاد مستقبل ۾ واقعي عالمي امن لاءِ ڪم ڪندو، يا رڳو طاقتور ملڪن جي مفادن جو اوزار بڻيل رهندو؟
دنيا کي هاڻي اهڙن اتحادن جي ضرورت آهي، جيڪي جنگ بدران امن، مقابلي بدران تعاون، ۽ طاقت بدران انسانيت کي ترجيح ڏين. جيڪڏهن نيٽو واقعي پنهنجي وجود کي جائز ثابت ڪرڻ چاهي ٿو، ته ان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو پوندو. ٻي صورت ۾، تاريخ شايد هن اتحاد کي به انهن ادارن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏي، جيڪي وڏي دعويٰ سان شروع ٿيا، پر آخرڪار پنهنجي اصل مقصد کان پري ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو