سيد غلام مصطفي شاھ
امريڪي چونڊون ويجهو ايندي ئي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ هڪٻئي مٿان الزام ۽ لفظي گولاباري شروع ڪري ڏني آهي. 5 نومبر 2024ع تي ٿيندڙ فيصلا ڪن اليڪشن ايندڙ 4 سالن ٿي رهي آهي هاڻي عوام ڏسجي ڪنهن کي قبول ڪري ٿو، ڪنهن تي قسمت جي ديوي مهربان ٿئي ٿي، فيصلو ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اچي ويندو. اڳواڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو بيان ڏنو تہ آمريڪا جي اندر ان جا ڪجھ دشمن موجود آهن، انهي بيان کانپوءِ مخالف ڌر جي طرفان اڳوڻي صدر تي ڪافي تنقيد ٿي رهي آهي. آمريڪي اليڪشن تي نظر رکندڙ ماهر ٻڌائن ٿا تہ اگر ائين ئي الزامن جو سلسلو جاري رهيو تہ اهو ٻنهي لاءِ سٺو سنئوڻ نہ آهي، پر شڪست برداشت ڪرڻ بہ ڏاڍي مشڪل آهي سو هر اميدوار ڪنهن بہ حد تائين وڃي سگهي ٿو.
ڪجھ ڏينھن پهريان ريپبلڪن پارٽئَ جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي نائب صدر ڪملا هيرس جي وچ ۾ پھريون بحث مباحثو فلا ڊيلفيا ۾ ڪرايو ويو جيڪو 90 منٽ هليو.جنهن ۾ ٻنهي هڪٻئي تي الزام تراشيون شروع ڪري ڏنيون. ان بحث ۾ ڪملا هيرس پهريان ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن هٿ وڌايو ۽ هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ بحث مباحثي جي شروعات ٿي.
59 سالن جي ڪملا هيرس ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام لڳائڻ شروع ڪيا جنهن دوران ڊونلڊ ٽرمپ ڪافي پريشان نظر آيو. ڪملا هيرس، ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام لڳايو تہ جيڪي اليڪشن جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون ان ۾ ماڻهن جو خاص تعداد شريڪ ناهي، جنهن تي ڊونلڊ ٽرمپ جواب ڏيندي چيو تہ آمريڪا جي تاريخ جون وڏي ۾ وڏيون ريليون منهنجي حامين جون ئي آهن. ڪملا هيرس، ڊونلڊ ٽرمپ تي هڪ پورن اسٽار کي پئسا ڏيڻ ۽ ان سان رنگ رليون ملهائڻ جو الزام لڳايو،ڊونلڊ ٽرمپ جواب ڏنو تہ اهو ڪوڙو الزام آهي اگر ڪو ثبوت وغيره آهي تہ پيش ڪيو وڃي باقي الزام تراشي نہ ڪئي وڃي. ڪملا هيرس الزام لڳائيندي چيو تہ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسن ۽ سندس صدارتي دور جي دوران ٽيڪس وڌيا جنهن ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو، جنهن تي ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستاني سياستدانن وارو جواب ڏيندي سڄو ملبو اڳين حڪومتن تي لڳايو. اميگريشن جي حوالي سان سندن جو چوڻ هو تہ ٽرمپ جي حڪومت ۾ سخت پابنديون لڳايون ويون جنهن ڪري عام ماڻهو انهن پابندين کان لنوائي ٿو، جنهنڪري آمريڪا ۾ غير قانوني طور ماڻهن جي اچڻ ۾ اضافو ٿيو. ڊونلڊ ٽرمپ جو وري اهو الزام هو تہ ڪملا هيرس اسرائیل کان نفرت ڪري ٿي ۽ مستقبل ۾ ان بابت سخت موقف اٿس پر ڪملا هيرس ان ڳالھ کان انڪار ڪيو،ٻنهي اڳواڻن فلسطين، اسرائيل، يوڪرين ۽ روس جنگ بابت پڻ ڳالهايو پر جنگبنديءَ يا مسئلي جو پر امن حل ڪئين ڪڍجي، سندن جو ان بابت ڪو واضع موقوف نہ آيو. ڪملا هيرس چيو تہ روس جو يوڪرين تي حملو ۽ انهن جي ڀرپور حمايت جو الزام بہ ڊونلڊ ٽرمپ جي حصي ۾ آيو پر ڊونلڊ ٽرمپ جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو. آخر ۾ ڪملا هيرس چيو تہ عوام پنهنجي ووٽ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪري ڇو تہ ڊونلڊ ٽرمپ جون پاليسيون هميشہ آمريڪن عوام جي لاءِ نقصانڪار رهيون آهن،سندس وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان جي پارٽي وٽ معيشت جي ترقي بابت زبردست پاليسيون موجود آهن. جڏهن تہ اسانجي مخالف پارٽيءَ جون پاليسيون عوام جي حق ۾ ناهن. ڊونلڊ ٽرمپ جو الزام هو تہ ڪملا هيرس، بل گيٽس کان اليڪشن مهم لاءِ 50 ملين ڊالر ۽ پنهنجي حق ۾ بيان ڏيارڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. جنهن تي ڪملا هيرس جو جواب هو تہ حد ٿي وئي بس. اهي تہ ٻنهي هڪٻئي تي الزام لڳايا پر ثبوت ٻنهي جي طرف کان نہ آيا، جنهنڪري عوام انهن ڳالهين تي گهٽ يقين رکي ٿو ۽ پنهنجي پنهنجي اڳواڻ کي ڀرپور سپورٽ ڪري ٿو










