غلام مصطفيٰ جمالي
اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش حملو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو المناڪ باب آهي، جيڪو رڳو انساني جانين جي وڃايل هئڻ تائين محدود ناهي، پر اهو رياست، سماج ۽ قوم جي اجتماعي ضمير تي لڳل هڪ گهرو زخم آهي. عبادت لاءِ گڏ ٿيل ماڻهو، جن جا هٿ دعا لاءِ مٿي کنيل هئا، جن جون زبانون الله جي ذڪر ۾ مشغول هيون، سي هڪ پل ۾ رت ۾ لت پت زمين تي ڪري پيا. ڌماڪي جي گونج سان گڏ امن جي خاموشي ٽٽي پئي، ۽ هر طرف دونهون، چيخون ۽ بي يقيني پکڙجي وئي. اها جاءِ، جتي دلين کي سڪون ملڻ گهرجي ها، اتي لاشن جي قطار لڳي وئي.
ي منظر نئون ناهي. پاڪستان جي تاريخ اهڙن خوني واقعن سان ڀريل آهي، جتي عبادت گاهون دهشتگردي جو نشانو بڻيون آهن. وقت بدلجي ٿو، شهر بدلجن ٿا، پر ماتم ساڳيو رهي ٿو. اسلام آباد جهڙي محفوظ سمجهي ويندڙ گادي واري شهر ۾ اهڙو حملو ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگردي اڃا ختم ناهي ٿي، ۽ سيڪيورٽي بابت ڪيل دعوا گهڻو ڪري ڪاغذن تائين محدود آهن. جڏهن عبادت ڪندڙ ماڻهو به محفوظ نه رهن، تڏهن سماج جي اخلاقي بنيادن تي وڏو سوال اڀري ٿو.
دهشتگردن لاءِ نه عبادت جي حرمت آهي، نه انساني جان جي ڪا اهميت. مسجد هجي يا امام بارگاهه، درگاهه هجي يا مندر، انهن لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن، ڇو ته سندن اصل دشمن انسانيت آهي. اسلام آباد جي سانحي کان پوءِ به ساڳيو منظرنامو ڏسڻ ۾ آيو؛ ايمبولينسون، اسپتالن ۾ ايمرجنسي، رت ڏيڻ جون اپيلون، ۽ پوءِ حڪمرانن جا بيان. وزيراعظم ۽ وفاقي اختيارين پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي، سيڪيورٽي ادارن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون، ۽ اسپتالن کي حڪم مليو ته زخمين کي هر صورت ۾ بهترين علاج فراهم ڪيو وڃي.
واقعي کان فوراً پوءِ سرڪاري سطح تي اعلان ڪيو ويو ته سڀني وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي، ڊاڪٽرن ۽ نرسن جون موڪلون منسوخ ڪيون وڃن، بلڊ بئنڪن کي فعال ڪيو وڃي، ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي وڃي. اهي هدايتون ٻڌڻ ۾ ته انتهائي اثرائتيون لڳنديون آهن، پر اصل امتحان عملي ميدان ۾ ٿيندو آهي. اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ان وقت جيڪو منظر هو، اهو انسانيت جي زنده هجڻ جو ثبوت هو. زخمين کي بنا ڪنهن فرق جي ايمرجنسي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو، آپريشن ٿئيٽر رات ڀر روشن رهيا، ۽ طبي عملي بنا ٿڪ جي پنهنجو فرض نڀايو.
ڊاڪٽر، نرسون ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف هن قوم جا اهي خاموش هيرو آهن، جيڪي هر دهشتگردي کان پوءِ اڳيان اچي بيهندا آهن. انهن نه مذهب پڇيو، نه فرقو، نه سڃاڻپ؛ رڳو زخم ڏٺا ۽ جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. نرسون زخمين جا هٿ پڪڙي کين دلاسا ڏئي رهيون هيون، ڊاڪٽر مسلسل آپريشن ڪري رهيا هئا، ۽ ايمبولينس اسٽاف نوان زخمي کڻي اچي رهيو هو. ڪيترن طبي عملدارن پنهنجي ذاتي زندگيون وساري، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسپتالن ۾ گذاريا، ڇو ته هر زخمي سندن ضمير کي آواز ڏئي رهيو هو.
پر ان سڄي انساني ڪوشش جي باوجود، هڪ تلخ حقيقت سامهون اچي ٿي ته اسان جو طبي نظام اڳ ئي وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهي. هر وڏي سانحي کان پوءِ اهو نظام حد کان وڌيڪ دٻاءُ هيٺ اچي وڃي ٿو. حڪمرانن کي رڳو حملي کان پوءِ هدايتون ڏيڻ بدران، اڳواٽ اهڙو مضبوط نظام ٺاهڻ گهرجي، جيڪو ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهي. طبي عملي کي تحفظ، سهولتون ۽ نفسياتي مدد ڏيڻ به رياست جي ذميواري آهي، ڇو ته اهي به آخرڪار انسان آهن، مشينون نه.
ماضي ڏانهن نظر وجهجي ته اهڙن واقعن جي فهرست انتهائي ڊگهي آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا برادريءَ تي حملا، امام بارگاهن جي سامهون بم ڌماڪا، پاراچنار ۾ جنازن تي خودڪش حملا، ڪراچي ۾ عاشورا جلوسن تي دهشتگردي، پشاور جي مسجدن ۾ جمعي دوران رت وهائڻ، سيهوان شريف ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي خوني حملو، شاه نوراني جهڙن روحاني مرڪزن تي دهشتگردي، اهي سڀ واقعا هڪ ئي سوال کي جنم ڏين ٿا ته آخر عبادت ڪندڙ ماڻهو ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيا وڃن ٿا؟
افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان هر ڀيري اهڙي سانحي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ جاڳون ٿا، سوشل ميڊيا تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪريون ٿا، ۽ پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪجهه وساري ويهون ٿا. شهيدن جا وارث پنهنجي ڏک سان اڪيلائي ۾ رهجي وڃن ٿا. ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا، مائرون پنهنجا جوان پٽ وڃائي زندگي ڀر لاءِ ماٺ ٿي وڃن ٿيون، ۽ سماج وري روزمره جي زندگي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
دهشتگردي صرف هٿيار سان نه وڙهي سگهجي ٿي. اها سوچ، نفرت، فرقيواريت ۽ خاموش سهولتڪاري سان جنم وٺي ٿي. جڏهن نفرت پکيڙيندڙ تقريرون نظرانداز ڪيون وڃن، جڏهن قاتلن جي ذهني تربيت ڪندڙ هٿ اڻ ڏٺا رهن، جڏهن ڪجهه ماڻهن کي “اسان جا” ۽ ڪجهه کي “ٻيا” سمجهيو وڃي، تڏهن اهڙا سانحا ورجائجن ٿا. اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ وهندڙ رت اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اڄ به اسان گڏجي نه بيٺاسين، ته سڀاڻي هي باهه هر گهر تائين پهچي سگهي ٿي.
اهڙي موقعي تي ميڊيا ۽ مذهبي اڳواڻن جو ڪردار به انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏهن منبر ۽ اسڪرين تان نفرت بدران برداشت جو پيغام ملي، جيڪڏهن سنسني بدران شعور پيدا ڪيو وڃي، ته سماج ۾ تبديلي ممڪن آهي. خاموش رهڻ به هاڻي هڪ ڏوهه بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن هر شهري پنهنجي حصي جو آواز نه اٿاريندو، جيڪڏهن هر ادارو پنهنجي ذميواري نه نڀائيندو، ته ايندڙ نسل به ساڳين لاشن، ساڳي ماتم ۽ ساڳي خاموشي جو ورثو کڻي هلندو.
اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ شهيد ٿيل اهي بيگناهه ماڻهو اسان کان رڳو هڪ سوال پڇي رهيا آهن: ڇا اسان جو ضمير هاڻي به خاموش رهندو؟ يا اسان واقعي به انهن جي رت جي لاج رکنداسين؟ تاريخ هر لاش کي ڳڻيندي، پر اسان جي خاموشي کي به ياد رکندي. هاڻي وقت آهي ته رڳو سوڳ نه، پر سنجيده فيصلو ڪيو وڃي، ڇو ته قومن جي تقدير تقريرن سان نه، پر عمل سان بدلبي آهي.










