استعيفيٰ جو اشارو عوام جون بد دعائون يا سرڪار وڏي جو اشارو

استعيفيٰ جو اشارو عوام جون بد دعائون يا سرڪار وڏي جو اشارو

تحرير سيد رضا علي شاه

ملڪ جي وزيراعظم عمران خان نيٺ مخالف ڌر جي سياستدانن جي احتجاجن، لانگ مارچن کان پوءِ هڪ وک اڳتي ايندي چيو آهي ته مان استعيفا تڏهن ڏيندس جڏهن اپوزيشن وارا ڦريل رقم پنهنجي جمع ڪرائين ته مان ضرور غير مشروط استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم اها ڳالهه به ڪئي ته اپوزيشن وارن نه لانگ مارچ ڪيو نه ئي اهي عوام کي گڏ ڪري سگهيا، 31 ڊسمبر کانپوءِ 31 جنوري جي ڊيڊ لائين به گذري وئي، استعيفا ڏيڻ بدران سينيٽ چونڊ وڙهي رهيا آهن، استعيفا لاءِ جرئت ۽ ڪردار گهرجي ، مخالفن ۾ استعيفا ڏيڻ جي جرئت هجي ها ته اين آر او ڪري ملڪ مان نه ڀڄن ها ، نواز شريف، آصف زرداري ۽ فضل الرحمان ملڪ جو ڦٻايل پئسو واپس ڪن، پاڪستان جي سياست ۾ وڏا جمهوري ۽ غير جمهوري ماڻهو ايندا رهيا آهن پر موجودهه وزيراعظم عمران خان جي باري ۾ اڪثر سياستدانن جو چوڻ آهي ته  هيءُ سياستدان ئي ناهي بلڪ هن کي حادثاتي طور تي ڪجهه ڌرين هروڀرو اايڏي وڏي وزيراعظم جي عهدي ٺاهي ويهاريو آهي، هيءُ ننڍي ۾ ننڍي سرڪاري پوسٽ ڪلارڪ جو به لائق ناهي ته هن کي ڏاڍمڙسيءَ سان وزيراعظم ڪري ويهاريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن کي اهو احساس ناهي ته مان ڇا ڳالهائي رهيو ۽ انهيءَ جو ڪيترو تعصب پسند پهلو ساڙ ۽ بغض جو سامهون اچڻ لڳندو، جيئن تازو هن چيو ته سنڌ اسان جي ناهي ، انهيءَ کان اڳ به اهڙي طرح جي ٻولي هڪ نه بلڪ ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪو آهي، هيءُ وزيراعظم  ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عهدي تي فائز رهندڙ جي زبان آهي ته سنڌ اسان جي ناهي، سنڌ ملڪ جو خوشحال ترين صوبي کان پاڻ لاتعلقي انهي جي زبان تي ڪڏهن به سونهي نٿي، سنڌ پاڪستان جو صوبو هوندي انهيءَ لاءِ چئي رهيو آهي هيءُ سنڌ اسانجي ناهي،  انهي لفظن تي پوري قوم کلڻ لڳي ته هيءُ وزيراعظم ڪهڙا غير سنجيده بيان ڏيئي رهيو آهي، هاڻي جڏهن هيءُ پنهنجي استعيفا غير مشروط طور ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر هن جي ڳالهه ۾ ڪو وزن ڪونهي ، انهي ڳالهه جو ڪو اعتبار نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هن جيڪي به اقتدار کان اڳ عوام جي بهتري ترقي ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪيون هيون انهن مان هڪ به ڳالهه سچ ثابت ناهي ٿي سگهي جڏهن ته هن جي پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت کي اڍائي سال جو ايڏو وڏو عرصو ٿي ويو آهي پر ڪا به عوام جي مجموعي بهتري لاءِ ڪيل ڳالهه انهي جو اعلان ڪيل سچ ثابت نه ٿي  سگهيو آهي، هن جي سموري دور ۾ پاڪستان جي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ ملڪي عوام جيڪو پيڙاهه ، اذيت ۽ مشڪلاتن ۾ گذاريو آهي انهيءَ جو سياهه باب تاريخ ۾ ڪنهن جو نه هوندو، وڏا سياهه آمريتي دور ايوب خان ، يحيٰ خان، ضياءَ الحق ، آمر مشرف جهڙا ڊڪٽيٽر آيا هيا پر انهن جي دورن ۾ اهڙي مهانگائي نه هئي جهڙي هن موجودهه وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ غربت شدت سان بلڪ تيزيءَ سان وڌندي رهي ٿي ۽ انهيءَ جي ايڏي رفتار آهي جو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٻن مهينن ۾ پنج ڀيرا پئٽرول جون قيمتون وڌايون ويون آهن، جڏهن پئٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته پوءِ هروڀرو ڪاروبار ، واپار، تجارت جي نالي ۾ ڪرپشن جي پيداوار نام نهاد مافيائون اهڙي مهانگائيءَ ۾ گوءِ کڻڻ جي پلاننگ ترتيب ڏيندا رهن ٿا، جنهن جو غريب ماڻهو تصور به نٿا ڪري سگهن، روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون چانور، اٽو، گيهه، تيل، کنڊ، سبزيون ، دال ، دوائون، فروٽ ايترا مهانگا ڪيا ويا آهن جنهن کي وٺڻ مشڪل مرحلو بڻجي ويو آهي، مان جڏهن 8 ٻارن جي هڪ پورهيت مزدور پيءُ جيڪو ڇولن جو ٿالهه وڪرو ڪري پنهنجن 8 ٻارڙن جي ماني کاڌ خوراڪ لاءِ صبح کان شام تائين گهٽين روڊن رستن تي محنت ڪري گهر پهچندو هوندو ته انهيءَ مهل انهي جي گهر ۾ ڪيڏا نه مسئلا ڪر کنيو بيٺا هوندا، هو ٻه ويلا ماني گهر وارن کي کارائي ٿو ته ٻارڙن جي تعليم بوڪ، پينيون، انهن کي رسيس ۾ شيءِ کائڻ لاءِ پئسا هوندا نه هوندا، مٽن مائٽن جي شادي مراديءَ ۾ ، عيد برات ۾ نوان ڪپڙا انهن جي نصيب ۾ ڪيئن اهڙي مهانگائيءَ ۾ ٿي سگهن ٿا، هتي ته وزيرن ۽ انهن جي مشيرن صلاحڪارن جي اولاد جي شادين ۾ ڪروڙين رپين جا شاديءَ جا وڳا ، اسپيشل سينڊل ، ڊزائينگ دبئي کان ايندڙ ڊريسون، ميڪ اپ لاءِ آمريڪا، برطانيه مان اسپيشل انگلش ميڊمون اچن ٿيون پر  پنهنجي غريب عوام کي ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پورهيت، مزدور غريب ماڻهو شديد پريشانين کي منهن ڏيندا رهن ٿا، وزير اعظم عمران خان کان هيءَ حڪومت هلائڻ وس جي ڳالهه ناهي، هو جيترو جلد ٿي سگهي ته پنهنجي استعيفا جمع ڪرائي هن ملڪ کي اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري وڃي جيڪي ٽيڪنيڪلي اقتدار سنڀالڻ جا اهل هجن نه ڪي رڳو ڪرڪيٽ ۾ ٽپ ڏيارڻا ناهن، ملڪ جي ڪروڙين عوام جون آهون ۽ دانهون غربت جي ستايلن جون رڙيون نڪري ويون آهن هن وڌندڙ تيز رفتار مهانگائيءَ جي ڪري ۽ جڏهن اخبارون ڏسون ٿا ته لڳي ٿو ته پوري دنيا جو ڪرائيم هن ملڪ پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ ٿي رهيو آهي، هر طرف واپاري، ڪاروباري دڪاندار ماڻهو مهانگائيءَ جو بهانو بڻائي جيڪا غير اعلانيل لوٽمار ون وي سسٽم جيان رفتار جاري رکي آهي انهيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪا به پلاننگ ترتيب ڏنل ناهي، ڪو به پرائيس ڪنٽرول ريٽ لسٽ جو طريقڪار عملي طرح ناهي، جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو ائين پنهنجي منهن مٺو لڳو بيٺو آهي، جنهن ڪري اڪثر غريب عوام مڊل ڪلاس ماڻهو ڏاڍو پريشان حال بڻجي ويو آهي ته آخرڪار هن جنجال مان نجات ڪيئن ملندي ؟، تنهن ڪري وزيراعظم کي گهرجي ته هو غيرمشروط بنيادن تي فوري طور تي عوام جي حال تي رحم ڪندي نئين اليڪشن جو اعلان ڪري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ تشويشناڪ حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو عوام وڌيڪ مهانگائيءَ جي طوفان سان منهن نٿو ڏيئي سگهي ۽ ملڪ جي اڪثر غريب عوام جو موجودهه ملڪي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب رت ئي سڪي ويو آهي ۽ غريب ماڻهو هن موجودهه حالتن ۾ ٻه واٽي تي بيٺو آهي ته اسان کي ڪهڙي نانگ کاڌو جو اسان “ تبديلي” جي نعري ۾ هڪ نئين سيکڙاٽ ماڻهوءَ کي اقتدار جي مٿان ويهاري پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪري ويٺاسين، اسان کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي ڪنهن به سياسي رانديگر جي سياست نه گهرجي بس غريب عوام کي پنهنجون ضرورتون ۽ بنيادي سهولتون روزمرهه جي استعمال جون شيون سستيون سوليون گهرجن، مهانگائي جي بوتل مان نڪرندڙ “ جن ” کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو