2009ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاء تعليم کاتي ۾ ملازمتن لاء اشتھار جاري ڪيو. بي روزگار ۽ صلاحيت رکندڙ نوجوانن ڀرپور حصو ورتو.سنڌ يونيورسٽي ڏانهن ضروري ڪاغذ روانا ٿيا.نوجوانن کي ٽيسٽ ۾ ويھڻ لاء ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا.مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو, حيدرآباد ٽيسٽ مـنعقد ڪئي.ٽيسٽ جو نتيجو پڌرو ٿيو جيڪي اھل اميدوار ڪامياب ٿيا انهن کي ڪاغذن جي جانچ پڙتال لاء گھرايو ويو.ٽيسٽ پاس استادن وٽ ھڪ ھڪ ڪاغذ موجود آهي.ترت آفر آرڊر تقسيم ٿيا ۽ ھڪ ھفتي جي اندر مقرري جا آرڊر پڻ مليا.خيرن سان ھر ھڪ استاد پنهنجي پنهنجي اداري ۾ فرض کي نڀائڻ ۾ شروع ٿي ويو.3 سالن جو ڪانٽريڪٽ عرصو ھو.مدو پورو ٿيڻ کانپوء استادن کي پڪو ڪرڻ کپي ھا پر اڄ ڏھ سال گذري چڪا آهن.استاد پڪي ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن.ڪجهه استاد صاحبان لڳ ڀڳ 50 دوران سروس وفات ڪري چڪا آهن.انهن جا معصوم ٻچڙا بي يارو مددگار آهن.جڏهن ته اين ٽي ايس جا استاد بعد ۾ آيا ۽ پڪا به ٿي ويا آهن.سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد ائين ئي رھجي ويا.ھر ھڪ شيء جو ذڪر ڪيو اٿم ته مرحلن مان گذري خالص ميرٽ تي استاد ڀرتي ٿي آيا آهن.ڪابه سفارش وغيره شامل نه آهي.ھر ھڪ شيء ثبوت طور استادن وٽ موجود آهي. آخر سبب ڇا آهي جو سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد پڪا نٿا ڪيا وڃن.قصور اھو آهي ته ميرٽ تي ڀرتي ٿي آيا آهن. جيڪي به ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿي آيا آھن انهن جي ڪري اسڪولن ۾ نئون جذبو ۽ نئين اميد جي ڪرن ظاھر ٿي آهي.استادن پاڻ پتوڙيو آھي, خوب محنت ڪئي آهي.سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس تقريباً 7000 جي لڳ ڀڳ استاد ڀرتي ٿيا. ٿورو ماضي ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته خبر پوندي پھريائين اسڪولن جي حالت ڪھڙي ھئي ۽ موجود حالت ڪھڙي آهي.

وڏي ۾ وڏو جرم استادن جو ميرٽ تي ڀرتي ٿي اچڻ آهي. وقت سان پڪو ٿيڻو ھو پر اڄ ڏھن سالن جو وڏو عرصو گذري ويو آهي.اسان جي قابل احترام استادن پڪي ٿيڻ لاء وڏي جاکوڙ ڪئي.استادن کي پڪو ٿيڻو آهي ته سڀ کان پھريائين ڪراچي جو رخ ڪرڻو پوندو ۽ پريس ڪلب تي لٺيون وسنديون, دڙڪا ملندا, واٽر ڪينن جو استعمال۽ آنسو گئس سان استقبال ٿيندو. گذريل مظاھرن تي نظرثاني ڪبي ته استادن کي روڊن تي ائين گھليندا آهن گارگند ڏيندا آهن ٻانهن کان جھلي پوليس موبائل ۾ ڌڪا ڏئي لاڪ اپ ڪري ڇڏيندا آهن.سلام آھي انهن جوڌن کي جيڪي پيغمبري پيشي سان سلاڙھيل استادن تي تشدد ڪرائيندا آهن.شايد تڏهن ئي ته اسان ترقي يافته قوم آھيون.اسان وٽ استادن جو وڏو قدر آھي.دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ائين نه ھوندو.مان ائين چوندس ته ڪانٽريڪٽ وارا استاد ڪنهن مل يا ڪارخاني ۾ ڏھاڙي دار مزدور ھجن.اڄ استادن کي ڪيتري نه تڪليف ھوندي.ڇا استاد ڪلاس ۾ پڙھائين نٿا. ڇا استادن کي پڙھائڻ نه ٿو اچي.ڇا استاد گسائين ٿا.ڇا ميرٽ تي نه آيا استاد.آخر سبب ڪھڙا آهن جو استادن سان ايڏي وڏي ويساھ گهاتي ڪئي پئي وڃي.ميرٽ وارن استادن جو ڏوهه ڪھڙو آهي.دنيا جا ترقي پذير ملڪ پنهنجي استادن جي عزت کي اولين ترجيح ڏيندا آهن.اسان وٽ حق وٺڻ لاء در بدر ٿيڻو پوندو آهي.جيڪي استادن وٽان پڙھي اعليٰ عھدن تي فائز رھي ڪري گوسڙو ماستر سڏين ته ان جو اھو رتبو ڪم ڪھڙي جو آهي جنهن پنهنجي استاد جي ذري جيتري به عزت نه ڪئي.پنج ئي آڱريون برابر ناهن ڪجهه استادن جي ڪري ٻين قابل, محنتي, ذھين ۽ ھوشيار استادن جي عزت کي ڇيھو رسيو آهي.ھي ڪو نئون مسئلو ناھي.ھن ڳالهه کان ڪير به بي خبر نه ھوندو ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد پڪا ٿيا آهن يا نه ٿيا آهن.ميڊيا تي روز بروز استادن بابت خبرون گردش ڪن پيون.استادن سان به ڪو ھڪ مسئلو ناھي سوين پريشانيون آهن.آء بي اي سکر ٽيسٽ پاس ھيڊ ماستر به ريگيولر نه ٿي سگهيا آهن.اقراء ٽيسٽ پاس استاد ٻڏتر جو شڪار آهن.جڏهن استاد کي سڄي عمر پڙهڻ ۽ پڙھائڻ آهي ته پوء ملازمت ۾ لفظ ڪانٽريڪٽ ڇو ٿو استعمال ٿئي.ريگيولر استاد ڀرتي ڪرڻ گهرجي.جيڪي استاد گھٽ علم ۽ ڄاڻ رکن ٿا انهن کي سکيا ڏياري وڃي.پڙھائڻ جون مھارتون ٻڌائڻ گهرجن.ڪنهن استاد صاحب وٽ پرائمري ۾ 65 شاگرد ڪلاس ۾ موجود آهن ته ظاھر آهي استاد کي ته سڀني ٻارن تي توجهه ڏيڻي آهي ۽ پڙھائڻو به آهي. استاد جي عزت ٿي ته ڪاميابي آهي نه ته ناڪامي نصيب ۾ آهي.استاد پيغمبرن جو پيشو آهي.اسان وٽ استاد کي خوار ۽ رسوا ڪرڻو آهي.ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ھن مسئلي تي سڀ جا سڀ خاموش ڇو آهن.رڙيون دانھون ڪوڪون ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن ته استادن سان مسئلو ڇا آهي. وزير اعليٰ سنڌ کي خبر نه ھوندي. وزير تعليم به ڇا بي خبر ڪرسي تي ويٺل آهي.سيڪريٽري تعليم به ان معاملي ۾ ڇا اڻڃاڻ ھوندو.خبر چار سڀڪو رکي ٿو پر استاد جي حق کي دٻايو ويندو آهي.ھر موضوع تي اسيمبلي جي فلور تي دانهون ڪن ٿا ڪنهن به ائين آواز بلند نه ڪيو ته ٽيسٽ پاس استادن سان به ويڳي ماء جيان سلوڪ ڪيو پيو وڃي.قدر به اھو رکي جنهن کي علم سان محبت ھجي علم جي تڙپ ھجي. خدارا ٽيسٽ پاس سنڌ جي استادن کي مقرري جي تاريخ کان ريگيولر ڪريو.سروس جي دوران فوت ٿي ويل استادن جي ٻچن جي واھر ڪريو.استاد قومن جو عظيم سرمايو ھوندا آهن.ھنن استادن کي روڊن رستن تي ڪچلڻ بدران عزت ڏيو.استاد کي مان ۽ مرتبو مليو سمجهو ملڪ خوشحال آهي.استادن کي جلد از جلد پڪو ڪري انهن مان مايوسي ۽ بيچيني ختم ڪئي وڃي.احترام ۽ عزت ملڻ استاد جو حق آهي.مان نٿو چوان ته استاد کي بنگلو ڏيو, ڪار ڏيو, زمين ڏيو يا ڪا ٻي پراپرٽي ڏيو.استاد عظيم آهي ان جا بس جائز مسئلا حل ٿيڻ گھرجن.










