سڊني (ويب نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا جو دورو نوجوان رانديگرن لاءِ بهترين موقعو آهي ۽ رانديگر هن دوري ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ مستقل بنيادن تي جڳهه ٺاهي سگهن ٿا. سڊني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق آسٽريليا جي دوري کي مشڪل قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا جي مقابلن ۾ آسٽريليا ۾ کيڏڻ جو تجربو سان کان مختلف هوندو آهي ڇاڪاڻ ته بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ اسان کي وڪيٽن ۾ موجود بائونس جي حوالي سان پاڻ کي مڪمل طور تيار رهڻو پوندو.










