ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر امام الحق جو چوڻ آهي ته سڀاڻي وارو ڏينهن اسان لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، سدائين خواهش هوندي آهي ته آئوٽ نه ٿيان.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي امام الحق چيو ته نيوزيلينڊ آخري وڪيٽ تي سٺي ڀائيواري قائم ڪئي جنهن سبب شيون سندن حق ۾ آهن، ڪوشش ڪنداسين ته ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪيون.اوپننگ بيٽر چيو ته پهرين ڏينهن کانپوءِ راند جي جيڪا پوزيشن هئي ان بعد نيوزيلينڊ کي 350 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ جي اميد هئي، ڪجهه هو سٺو کيڏيا ڪجهه اسان غير معياري بالنگ ڪئي.امام الحق چيو ته وڪيٽ تي گاهه آهي انڪري وڌيڪ خراب نه ٿيندي، نيوزيلينڊ جا رانديگر ميدان ۾ نفسياتي طور تمام سٺو کيڏندا آهن، هو اسان کي ضرور چئلينج ڏيندا.قومي ڪرڪيٽر چيو ته سعود شڪيل راند جي آخري سيشن ۾ زبردست راند جو مظاهرو ڪيو ان موقعي وڌيڪ وڪيٽ ڪري ها ته پريشاني وڌي وڃي ها.امام الحق بابر اعظم جي رن آئوٽ ٿيڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته راند ۾ پليئر رن آئوٽ ٿيندا رهندا آهن ۽ اِهو راند جو حصو آهي، پهريان مان به ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ائين ئي رن آئوٽ ٿيو هئس، بابر اعظم کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندس.










