ڪورونا جي ٽين شديد لهر۽ حڪومت جو ڪردار

تحرير محمد خالد ميمڻ
ڪورونا وائرس جو هجڻ هڪ حقيقت آھي ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي جيئن ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته ڪورونا هڪ ڪوڙ هڪ فراڊ آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيتريون ئي عجيب عجيب فرضي هٿ جون گهڙيل ڪهاڻيون شروع کان هن مهل تائين گردش ۾ آھن ۽ اهي فرضي ڪهاڻيون ٻڌي ڪيترائي ماڻھو ان جا حامي به آھن پر چوندا آھن ته جيڪو هنڌ سڙي ان کي ئي ان سڙڻ جي تڪليف ٿيندي آھي ۽ ان کي ئي احساس به ٿيندو آھي سو جيستائين ڪير پاڻ ڪورونا واري تڪليف مان گذريو آھي يان ڪنهن پنهنجي ويجهي عزيز,دوست,پاڙيسري کي ان تڪليف ۾ ڏٺو آھي ته اهو ان کي حقيقت جڏهن ته ان کي ڪوڙ ۽ فراڊ چوڻ وارا ان تڪليف مان نه پاڻ گذريا آھن ۽ نه ئي انهن پنهنجي اکين سان ڪنهن کي ان تڪليف مان گذرندي ڏٺو آھي انڪري ان جي حقيقت کان اهي ئي انڪار ڪن ٿا پر ڪجھ زميني حقيقتون به آھن جيئن اها وبا جڏهن چين ۾ شروع ٿي ته اهي پهريان ته صفا پريشان ٿي ويا بعد ۾ انهن ان تي ريسرچ ڪئي ۽ جيستائين ان جو ڪو علاج دريافت ٿئي تيستائين انهن ان جو علاج احتياط,لاڪ ڊائون ئي سمجهيو ۽ ان تي عمل به ڪيو ۽ جتي به اهو وائرس هيو اتي لاڪ ڊائون لڳايو ۽ ان لاڪ ڊائون جي عرصي دوران اتان جي حڪومت هر هڪ ماڻھن کي چاهي اهي عام ماڻھو هجن,شاگرد هجن,يان ملازم هجن سڀني کي گهرن اندر ئي سندن عام واهپي جون شيون مهيا ڪري ڏنيون هرهنڌ هڪ هيلٿ يونٽ کولي ڇڏيا جتي روزانه هرهڪ اچي اتي پنهنجو بخار چيڪ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو ۽ شاگردن کي پنهنجي تعليم آن لائين ڪرڻ جون سهولتون پڻ ڏنيون ويون مطلب ته هرهڪ کي سڀ سهولتون ۽ ضرورتون سندن گهرن جي در تائين مهيا ڪيون ويون ۽ ڏسندي ڏسندي چين ان مهلڪ مرض تي ڪنٽرول ڪري وڌو پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ اندر جڏهن هي مرض پهريون دفعو پکڙيو ته ان کي روڪڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا اپاء ته پنهنجي جاء تي پر ڪورونا جي نالي تي هتان جي پوليس سميت هرهڪ کاتي پئسن ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو ۽ ايترو ته پيسو ڪمايو جو هرهڪ اهو پيو دعا ڪري ته لاڪ ڊائون سدائين هجي ته جيئن اسان جيئن چاهيون جيترو چاهيون عوام مان مال به ڪمايون ۽ انهن تي رعب به رکون ان کان علاوه حڪومت طرفان ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪري متاثرين جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي صرف ڏيکاء خاطر هرهڪ يوسي ۾ جتي هزارين گهر هيا اتي 25 کان 60 ڪٽا ڏنا ويا ۽ ان ڪورونا جي ڪري حڪومت کي اربين روپيا مختلف ملڪن مان امداد ملي جنهن جو ڪوبه حساب ڪتاب نه ظاهر ڪيو ويو ۽ نه ئي عوام تائين امداد پهچائي وئي ۽ جڏهن ڪورونا وائرس جي بچاء جي ويڪسين مارڪيٽ ۾ آئي ته اها به خيرات ۾ مختلف ملڪن کان ورتي وئي ۽ ڪورونا جي بچاء لاء مختلف ملڪن مان خيرات طور مليل ماسڪ,ڊريسون ۽ ٻيو سامان پئسن تي کپائڻ جون خبرون پڻ مليون ۽ حڪومت عوام کي ڪجھ ڏيڻ بدران ڪورونا متاثرين جي نالي سان هڪ فنڊ قائم ڪيو جنهن ۾ پڻ وڏي رقم جمع ٿي اها ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿي ان جي به ڪا خبر ڪانه آھي ڪورونا جي ٻي لهر آئي ۽ وري هاڻي ٽين لهر آئي آھي جنهن کي پهرين آيل ٻن لهرن کان به وڌيڪ شديد لهر ٻڌائي پئي وڃي ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ته ڪورونا جي ڪيل قهرن جون خبرون ڏسي ٻڌي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته ڪٿي اھڙي شديد لهر اسان جي ملڪ ۾ نه اچي ۽ خدانخواسته ڀارت جهڙي صورتحال اگر اسان جي ملڪ ۾ ٿي ته هتي ته اڳ ئي سڀني اسپتالن جي صورتحال بگڙيل ۽ خراب آھي ته پوء ڇا ٿيندو اسان جي ملڪ جا حڪمران جيڪي اڳ ئي ڪورونا وائرس جي نالي هرهڪ شئ پني رهيا آھن ته اسپتالن ۾ آڪسيجن جي فراهمي جو بندوبست ڪيئن ٿيندو ان جي لاء منهنجو پاڪستان جي عوام کي مشورو آھي ته خدارا احتياط ڪيو ڪورونا کي مذاق نه سمجهو ۽ ماسڪ جو استعمال ڪريو ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪريو ۽ صورتحال مان لڳي ٿو ته جلد ئي لاڪ ڊائون لڳايو ويندو ان جي لاء پنهنجي گهرن جي لاء عام واهپي جون شيون ۽ دوائون وٺي رکي ڇڏيو ڇوته اسان جا حڪمران رڳو لاڪ ڊائون لڳائڻ جا ماهر آهن باقي لاڪ ڊائون متاثرين جي ضرورتن جو خيال انهن کي بلڪل به نه آھي بلڪه هي ڪورونا لاڪ ڊائون جي نالي تي وري به مختلف ملڪن کان امداد جي نالي تي مال وٺندا ۽ پنهنجا اڪائونٽ ڀريندا انهن ۾ ڪوبه آسرو اميد نه ڪجو ۽ ٿي سگهي ته هرهڪ شهر هرهڪ ڳوٺ ۾ هڪٻئي جي مدد ڪجو اگر پاڙي ۾ ڪو مسڪين ڏهاڙي ڪمائي ڏهاڙي کائيندڙ آھي ته سرندي وارا انهن جي مدد ڪن ته جيئن هن وبا مان جان آجي ٿي سگهي ۽ ماڻھو وڌيڪ پريشانين کان به بچي سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو