ڪلياڻ آڏواڻي

وفات : 17 مارچ 1994
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ، شاھ لطيف جو رسالو مرتب ڪندڙ ڪلياڻ آڏواڻي 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 17 مارچ 1994ع تي وفات ڪئي، ھن سنڌ جي صوفي شاعرن جي شاعريءَ تي گھڻو ڪم ڪيو، شاھ لطيف جو رسالو ترتيب ڏنو، ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيائين، جيڪي ان دور جي مشھور رسالن ڦليلي، سنڌ ۽ لطيف ٻاري ۾ ڇپيا، ڪاليداس جي مشھور تصنیف ”شڪنتلا“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو، ھن اتي رھندي به سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي، سندس اھم ڪتاب ”شاھ“، ”سامي“ ۽ ”سچل“ ورھاڱي کان پوءِ ڇپيا، 1958ع ۾ شاھ جو رسالو ترتيب ڏنائين، سچل جو چونڊ ڪلام جي عنوان سان به ھڪ ڪتاب ترتيب ڏنائين، فارسيءَ جي مشهور ڪتاب ديوان محي الدين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، سندس شاعري جو مجموعو ”راز و نياز“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ان کان سواءِ به ھن سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، پاڻ ڪيترين ئي ڪميٽيز ۽ بورڊز جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو، کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا..

پهنجو تبصرو موڪليو