ڪرونا وائرس ۽ ويڪسين جي موثر هجڻ بابت رايا

تحرير. شيرمحمد سولنگي

ڊسمبر 2019 ۾ چين ۾ ڪرونا وائرس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ هن وبائي مرض جا 1.5 ڪروڙ کان وڌيڪ تصديق ڪيل ڪيس داخل ٿي چڪا آهن پرڏيهي خابرو اداري مطابق اداري جي هنگامي پروگرامن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مائڪ ريان جو چوڻ هو ته ايندڙ سال جي پهريون حصو گذرڻ کان اڳ ڪرونا وائرس جي ويڪسين جي اچڻ جو امڪان نه آهي سچ اهو آهي ته ماڻهن کي ويڪسين حاصل ٿيڻ تائين ايندڙ سال جو پهريون حصو مڪمل ٿي چڪو هوندو هن وڌيڪ چيو ته محقق ڪرونا وائرس سان متاثر نه ٿيڻ لاءِ گهربل ويڪسين جي تياري ۾ وڏي اڳڀرائي کي يقيني بڻائي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪجهه ته آخري مرحلي جي تجربن ۾ آهن جڏهن ته سال 2021 جي شروعات کان اڳ ان جي استعمال جي شروعات جي اميد نه آهي صحت جي عالمي اداري جي عهديدار خبردار ڪيو ته متاثر ماڻهن جي ڦڦڙن کي ٻيهر نارمل طريقي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ڊگهو وقت لڳي سگهي ٿو. ڪرونا جي نتيجي ۾ صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ٿڪ محسوس ٿيڻ سميت نوجوان هئڻ جي باوجود ورزش يا راندين ۾ برداشت جي کوٽ پيش اچي سگهي ٿي انهن اثرن سبب مريض جي مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا

هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن ۽ روز جي بنياد تي سڄي دنيا مان ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي حوالي سان ماهر مختلف علامتون ٻڌائي چڪا آهن جن ۾ بخار، مٿي ۾ سور، سنڌن ۾ سور، زڪام وغيره شامل آهن. پر ڪورونا وائرس متاثر ٻارن ۾ اڪثر بيمارين جون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون.اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.  هڪ اندازي موجب ڪووڊ-19 جو شڪار اڪثر ٻارن ۾ بيماري جو علامتون ظاهر ناهن ٿينديون. يالي اسڪول آف ميڊيڪل هيلٿ جي ان تحقيق ۾ اپريل 2021ع تائين ڇپيل 350 کان وڌيڪ تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جو منظم تزجزيو ڪري اهو نتيجو ڪڍيو ويو. تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته بيماري کان متاثر ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻارن ۾ ڪووڊ کان سواءِ علامتن واري بيماري گھڻي عام هوندي آهي. تحقيقي ٽيم موجب 46.7 سيڪڙو مريض ٻارن ۾ ڪنهن به قسم جون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون. محققن ٻڌايو ته علامتون نظر نه  ايندڙ  مريض به وائرس کي ٻين تائين منتقل ڪري سگھن ٿا جنهن سبب فيس ماسڪ جو استعمل گھڻي اهميت رکي ٿو، خاص ڪري تعليمي ادارن جي کلڻ تي.ان تحقيق جي نتيجن مان سامهو آيو آهي ته جڏهن آگسٽ 2021 جي شروعات ۾ هڪ آمريڪي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪووڊ متاثر ٻار ان وائرس کي پنهنجي گھر ۾ ٻين ماڻهن ۾ منتقل ڪري سگهن ٿا.

طبي رسالي نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ گذريل سال گرمين جي موسم ۾ آمريڪي رياست جارجيا ۾ هڪ سليپ اوي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارن کان هنن جي گھر ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي جاچ ڪئي وئي.تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ڪيمپ ۾ شريڪ ٻارن گھر واپسي تي ڪووڊ کي گھر وارن تائين منتقل ڪري ڇڏيو. محققن چيو ته تحقيق مان ثابت ٿيو ته اسڪول ويندڙ ٻار مان گھر جي ماڻهن ۾ ڪورونا سولائيءَ سان پکڙجي سگھي ٿو ۽ بالغ ماڻهن کي بيماري سبب اسپتال ۾ به داخل ٿيڻو پئجي سگھي ٿو.هنن ٻڌايو ته جن گھرن ۾ ٻارن مان ٻين گھر ڀاتين تائين بيماري منتقل ٿي ان گھر جا اڌ ڀاتي بيماري جو شڪار ٿيا.محققن چيو ته ٻارن کان وائرس جي پکيڙ جي خطري کي سماجي وٿي ۽ فيس ماسڪ جي استعمال سان گھٽائي سگھجي ٿو. ڪرونا ويڪسين قوت مدافعت کي وڌائي ٿي ۽ جسم ۾ اينٽي باڊي پئيدا ڪري ٿي جيڪو صرف ڪرونا  بلڪ ٻينمختلف بيمارين جي روڪٿام لا ھڪ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿي.
ھر قسم جي وائيرل توڙي بيڪٽيريل انفيڪشن جي روڪٿام لا مفيد آھي،  ڪرونا ويڪسين جا قسم، سائنو فارم ،  سائنو ويڪ،  قانسينو،  اسٽرزينيڪا،  فائزر وغيره، رونا ويڪسين 18 سال کان مٿي عمر جي ھر مڙد توڙي عورت کي لڳي سگھي ٿي جڏهن ته  ھيپا ٽائٽس سي يان بي، جو مريض جنھن جو اعلاج ھلندڙ ھجي،  ڪينسر جو مريض جنھن جو اعلاج ھلندڙ ھجي. ڪرونا جو ري ايڪٽو مريض جيڪو ڪرونا ۾ مبطلا ھجي.
4 حاملا عورت جيڪا پھرين ٽرائميسٽر ۾ ھجي. اھو مريض جنھن جو بلڊ پريشر يان شگر انتھائي ھائي ھجي،  رجسٽريشن ۽ پن ڪوڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر (13 عددن بغير ڊش جي) 1166 ڏانهن موڪليو، جوابي پيغام جو انتظار ڪريو رجسٽريشن ۽ پن ڪوڊ سان گڏ شيڊيول به اچي ويندو، شيڊيول اچڻ کان پو ڪنھن به ويجھي ويڪسينيشن سينٽر تائين وڃو ۽ پنھنجو پاڻ کي ويڪسينيشن ڪرايو
بزرگ شهرين کي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر سان ڊائريڪٽ رابطو ڪيو،  ڪرونا ويڪسين جي لڳرائڻ جو طريقو،  ڪنهن به ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تي پنهنجي شناختي ڪارڊ ۽ پن ڪوڊ سان گڏ وزٽ ڪندا،  سينٽر تي پهچڻ کان پوء ميڊيڪل عملو توهان جو هڪ فارم ڀريندو جنهن ۾ توهان جي ذاتي ۽ بيمارين مطلق ڄاڻ هوندي
ڄاڻ وٺڻ بعد پوء توهانجي جسماني چڪاس پڻ ڪئي ويندي جنھن ۾ بلڊ پريشر، شگر بخار ، پلس/دل جي ڌڙڪن، ريسپاريشن/ساه کڻڻ جي رفتار چيڪ ڪيا ويندا،  اگر سموريون چيزو نارمل رينج ۾ آيون ته پوء ڪليرنس ۽ رضا مندي سان دستخط ورتي ويندي،
 ڪمپيوٽر تي نادرا جي ڏنل سافٽ ويئر ۾ اندراج ڪيو ويندو جنھن ۾ ويڪسين جي قسم جي چونڊ ڪئي ويندي،  ويڪسين روم ۾ ويڪسين لڳائيندا جيڪا ويڪسين انٽرا مسڪيولر يعني ڪلھي ۾ لڳندي،  ويڪسين لڳي وڃڻ کان پو ڏھ منٽ لا انتظار ۾ ويھبو
 پوء ھڪ ويڪسين ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنھن ۾ ٻي وزن ۽ وزٽ جي تاريخ ڏني ويندي.
 اھڙي طرح ڏنل وقت کان پوء ساڳئي طرح 1166 تي شناختي ڪارڊ نمبر موڪليندا
 ٻيو وزن ھڻائڻ لا پھرين واري سمورن مرحلن جي گذرڻ کان پوء توھان جي ويڪسينيشن ڪارڊ تي مھر لڳلائي ڏنو ويندو هاڻي اميد ڪري ٿي سگهجي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هر ماڻهو کي ويڪسين ٿي ويندي ۽  ڪرونا جا ڪيس گهٽجي ويندي ۽ وري زندگي معمول تي اچي ويندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو