خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌي ادب ۾ ڪراچي جي قديم ۽ جديد تاريخ تي ڏيھي توڙي پرڏيھي ليکڪن ۽ مورخڻ تحقيق ڪئي آھي ۽ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن جيڪي ورھاڳي کان اڳ جا به لکيل آھن ته ان کان پوء به جڏھن چئني وحدتن کي گڏ ڪري پيارو پاڪستان وجود ۾ آيو ۔جنھن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوء غير سنڌي ليکڪن وري پنھنجي طور تي ڪراچي جي تاريخ مرتب ڪري شايع ڪئي آھي ۔ھي ڪتاب ڪراچي جي تاريخ جنھن ۾ مختلف تحقيق ڪندڙ اديبن جا مضمون شامل ڪيا ويا آھن ۽ ڇھ کن مضمون انگريزي مان ترجمو ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آھن ۔ٽوٽل چوڏھن مضمون ڏنا ويا آھن ۔جيڪي مختلف دورن ۾ لکيا ويا آھن ۽ ڪتاب کي اڀياس جو نالو ڏنو ويو آھي ۔جنھن ۾ اديبن پنھنجا رايا ۽ خيال ۽ تحقيق شامل ڪئي آھي ۔ان کان اڳ ۾ ڪراچي جي تايخ تي ضخيم ڪتاب جيڪو سنڌ جي سيلاني محقق گل حسن ڪلمتي لکيو ھو جنھن ۾ تمام گھڻي تفصيل ڏنل آھي ۔ان کان پوء سنڌ سان جيڪي زيادتيون ظلم اڻبرابري خاص طور تي ڪراچي سان ناانصافيون ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ ڪراچي جي قديم ڳوٺن کي ختم ڪري اتي جديد شھر اڏڻ ڪراچي جي انڊيجنس عوام کي شھرن مان بيدخل ڪري شھر کان ٻاھر ڪڍڻ ۽ انھن کي مالوند مارو ۽ جاھل قرار ڏيئي انھن کي ڪراچي شھر مان ڪڍي ملير ۽ ان جي ڀرپاسي آباد ڪرڻ اھا ڏسي پلاننگ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ٺھڻ کان ڪئي وئي ۔انھي سڄي عمل کي دستاويزي طور تي ليکڪ پروفيسر اعجاز احمد قريشي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڪراچي جو ڪيس نالي سان شايع ڪرايو ۔ھي ڪتاب اڳ ۾ اچڻ گھربو ھو جيڪو ھاڻي شايع ٿيو آھي ۔جيڪو نقاد جي نظر ۾ تنقيدي نظر سان موجوده حالتن ۾ ادبي دنيا ۾ پنھنجو مقام حاصل نه ڪري سگھندو ان ڪري ته ھن ۾ جيڪي به مضمون مرتب ڪيا ويا آھن اھي سڀ آڳاٽا آھن جديد مضمون ھڪ ٻه آھن اھي به موجوده حالتن سان مقابلو نٿا ڪري سگھن ۔اڄوڪي دور کي ڪھڙي تاريخ جي پھلوئن جي ضرورٿ آھي ۔اسان کي ڪھڙي تاريخ جي پڙھڻ جي ضرورت آھي ۔سائين ليکڪ ناليوارو اديب ۽ محقق آھي ۔شايد ان جي نظر ۾ ھن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جي ڪا گھرج ھوندي جو سائين انھي پراڻي موضوع کي ٻيھر کڻي ڪري ترجما ڪري ۽ سنڌ جي اديبن محققن جا ليک ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ھي تاريخي ڪتاب مرتب ڪيو آھي مرتب ان ڪري لکان ٿو ته ھن ڪتاب ۾ مختلف اديبن جا ليک شامل آھن ۔ سائين ڪتاب جي ارپنا ۾ به سنڌ جي قديم ۽ جديد ليکڪن سياسي اڳواڻن جي لسٽ پڻ ڏني آھي جيڪا پڻ روايتي طور تي نئون انقلاب آھي خاص طور تي سائين ڪراچي جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ نوجوان اديب ثناءالله سومرو کي به لسٽ ۾ شامل ڪيو آھي ۔ھڪ ليکڪ جو ڪم ھوندوآھي ڪيل ڪم تي تحقيق ۽ ادبي تنقيد ڪري اھو ليکڪ جو بنيادي حق ھوندو آھي جيڪو ھو ڪتاب پڙھڻ کان پوء ان تي رايا۽ پنھنجا خيال پيش ڪندو آھي ۔پر اڪٽر ڪري ڏٺو ويو آھي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جو شعبو بالڪل ختم ٿي ويو آھي ۔ڪتاب جئين جو تئين شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ۽ ان کان پوء مختلف مڪتب فڪرن تائين پھچي ٿو ۔ڪتاب جي سائز به ننڍي آھي جھڙو مواد شامل آھي ان مطابق ڪتاب جو قد بت ڪونھي ۔بائنڊنگ ۽ پنو به ھلڪو استعمال ٿيل آھي ۔جيڪو گھڻي استعمال ڪرڻ سان زبون به ٿي سگھي ٿو ۔پر قيمت تمام گھڻي رکي وئي آھي ھڪ ھزار روپيا اھا ڪتاب جي قد بت جي حساب سان تمام زياده آھي جنھن تي ٻئي ڇاپي ۾ نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آھي ۔ ڪل صفحا 288 آھن ۔۔










