اعجازتيوڻو
سنڌحڪومت پاران تعليم جي بھتري لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن ان سلسلي ۾ اسڪولن کان ٻاھر ٻارن کي اسڪولن ۾ واپس آڻي تعليم جھڙي زيور سان نوازڻ لاءِ ڊويزن ۽ ضلع سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويو آھن جڏھن تہ 3 سالن کان 16 سالن تائين عمر جي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ سنڌ داخلا مھم 2022 شروع ڪئي وئي آھي ته جئين تعليم کي ھٿي وٺرائي سگھجي ان سلسلي۾ جج صاحبان پڻ اسڪولن جا دورا ڪري اسڪولن۾ سھولتن جي کوٽ سميت استادن ء عملي جي حاضري چيڪ ڪري رھيا آھن ته جئين اسڪولن ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي تعليمي معيار کي وڌ کان وڌ بھتر بڻائي سگھجي ڇاڪاڻ ته تعليم کان بغير ڪوبه ملڪ،صوبو ۽ علائقو ترقي نٿو ڪري سگھي جيستائين اتان جي عوام ۾ تعليمي شعور نٿو اچي جيڪڏھن اسان کي پنھنجي ملڪ صوبي ۽ علائقي کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻون آھي ته ان لاءِ اسان کي پنھنجي ملڪ جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻان پوندا عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن اسان سڀ ملي ڪري تعليم دشمنن خلاف ھڪ ٿينداسين ۽ اھو ڏينھن پري نه هوندو جڏھن سنڌ صوبو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تعليم جي حوالي سان پھرين نمبر تي ھوندو ھون به مشھور چوڻي آھي ته جيڪڏھن ڪنھن ملڪ کي تباھ ڪرڻون ھجي ته ان ملڪ جي تعليم کي تباھ ڪيو وڃي اھو ملڪ پاڻ ئي تباھ ٿي ويندو تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان سماجي برائين خلاف يا سرحدن جي حفاظت لاءِ هر جنگ کي کٽي سگهجي ٿوتعليم کان سواءِ ترقي ناممڪن آھي ڇو تہ تعليم سان ئي تهذيب جو زنده هجڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ترقي يافته معاشرو صرف تعليم سان ئي ٺهي سگهي ٿو ان لاء اسان کي تعليم عام ڪرڻي پوندي خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته تعليم سان ئي سمورا مسئلا حل ٿي سگهندا جڏھن ته اھو پڻ چيو ٿو وڃي ته تعليم انسان جي ٽئين اک آھي تعليم بابت اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي صه وسلم خاتم النبين جن فرمايو آھي ته تعليم حاصل ڪيو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڇو نه چين وڃڻو پوي ان مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته تعليم اسان لاءِ ڪيتري ضروري آھي جنھن ملڪن ۾ تعليم جو معيار بھتر آھي اھي دنيا جا ترقي يافته ملڪ آھن ڇاڪاڻ ته تعليم انسان کي فرش کان عرش تائين کڻي ويندي آھي تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت کي سڀ کان پهريان سمورن تعليمي ادارن مان ڪاپي جهڙي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪردار ادا ڪرڻون پوندو ڇاڪاڻ ته ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليمي نظام کي اڏهي جيان کائي رهيو آهي جيڪڏهن ڪاپي ڪلچر ختم نه ٿيو ته اسان جي تعليمي نظام کي ڪير به بچائي نٿو سگهي پهرين جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت پاران بورڊ جي گذريل امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ سخت کان سخت انتظام ڪيا ويا هئا ڪافي ڪاپي ڪرائڻ ۾ ملوث استادن ۽ ٻئي عملي کي معطل به ڪيو ويو پر پوءِ به مختلف هنڌن تي ڪاپي هلندي رهي ان جو اهو ئي سبب آهي ته استادن سان گڏ جيڪڏهن شاگردن جا والدين ڪاپي جي روڪ ٿام لاءِ ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کي پڻ بورڊ جي امتحانن کي اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته جئين شاگرد پنهنجي صلاحيتن ۽ سڄي سال جي تعليم کي سمجهي جواب ڏئي سگهن ان سان ڪاپي کي روڪي سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت پاران تعليم جو معيار وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاء ميرٽ جي بنياد تي استادن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي جيڪو ھڪ سٺو عمل آهي حڪومت اسڪولن ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ سان گڏ اسڪولن ۾ سھولتن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون آھن ته جئين گلن جھڙن ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازيو وڃي ڇاڪاڻ ته تعليم فراھم ڪرڻ حڪومت جي پڻ ذميواري آھي ان سلسلي ۾ پھرين جماعت کان 12 جماعت تائين مفت تعليم ۽ ڪتاب فراھم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پڻ اڳتي آھي جڏهن ته نياڻين کي تعليم پرائڻ لاءِ حڪومت پاران وظيفو پڻ ڏنو وڃي ٿو هن وقت شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيءَ جا اسڪول انيڪ مسئلن جو شڪار آھن جڏھن ته ڪجھ علائقن ۾ هڪ ڳوٺ اندر ضرورت کان وڌيڪ اسڪولن جون بلڊنگون هجڻ ڪري پڻ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن جڏهن ته صحيح پلاننگ نه ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي مقرري مسئلو بڻيل آهي انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ پاران ھنگامي بنيادن تي قدم کڻي ڪافي بند اسڪولن کي کولرايو ويو آھي جڏھن ته ڪافي گوسڙو استادن خلاف پڻ ڪاروايون ھلندڙ آھن ته جئين استاد پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏئي مستقبل جي معمارن کي بھتر نموني سان پڙھائي سگھن ڇاڪاڻ ته اھي اڳتي ھلي ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھندا.حاليہ برساتن سبب جتي زندگي جي ٻين ڪاروھنوارن تي اثر پيو آھي اتي تعليم پڻ متاثر ٿي آھي جنھن جي خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌ جي تعليم کاتي پاران پھرين ڊسمبر کان ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جي عنوان سان مھم ھلائي پئي وڃي انھي سلسلي ۾ سموري سنڌ ۾ ورڪشاپ، سيمينار، ريليون ڪڍيون پيون وڃن ته جئين عوام کي آگاھي ڏني وڃي ته پنھنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي تعليم ڏياريو ته جئين ھو بھتر تعليم حاصل ڪري سٺا شھري بڻجي سگھن سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان پھريان جي ڀيٽ ۾ ھاڻي تعليم ۾ ڪافي بھتري آئي آھي جنهن جو هڪ سبب گذريل ڪجھ عرصي کان ميرٽ تي اين ٽي ايس ۽ آئي بي اي جهڙن ادارن جي ٽيسٽ کانپوءِ اهل استادن جي ڀرتي ڪئي وئي. تعليم جي صوبائي وزير کي گذارش ڪندس ته مھرباني ڪري سنڌ جي بهترين استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا وڃن ته جئين انهن جي حوصله افزائي ٿي سگهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين وارن سرڪاري اسڪولن تي خاص ڌيان ڏين سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ سولر سسٽم نصب ڪيو وڃي جڏھن ته ٿڌي پاڻي جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي تہ جئين مستقبل جا معمار بنا تڪليف جي تعليم پرائي سگھن ھڪ ٻئي گذارش ڪندو ھلان ته سنڌ ۾ ڪافي اھڙا اسڪول آھن جن ۾ صرف ڏھ ٻار آھن ته اتي پنج استاد ۽ جٿي ھڪ سو کان وڌيڪ ٻار آھن ته اتي صرف ھڪ استاد مقرر ٿيل آھي انهي ڪري شاگردن ۽ استادن جي ريشو کي نظر ۾ رکندي استادن جون مقرريون ڪيون وڃن ۽ اسڪولن ۾ بجلي، پئيڻ جي صاف پاڻي، راندين جا گرائونڊ، واش روم، بائونڊري وال سميت ٻيا مسئلا آھن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن مان ھتي انهن استادن کي پڻ گذارش ڪندس ته خدا جي واسطي پنھنجي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي پڻ پنهنجي اولاد جيان سمجهي کين تعليم ڏيو ۽ پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏئي ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيو ڇاڪاڻ ته جيڪو به ٻار تعليم پرائي منزل ماڻيندو ته ان اسڪول ۽ استاد جو پڻ نالو روشن ٿيندو. اسان تي پڻ فرض آھي ته پنھنجي معاشري کي برائين کان بچائڻ لاءِ تعليم عام ڪيون ۽ پنهنجي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن بجائي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايون ۽ انهن جي پوئيواري پڻ ڪيون ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن 40 کان 50 سال پوئتي نظر ڪجي ته ان دور ۾ نه نجي اسڪول ھوندا ھئا نه ئي وري ايتريون جديد سھولتون ھونديون ھيون پر ان جي باوجود به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگرد اڄ جا آفيسر،انجنئير،ڊاڪٽر، پروفيسر ۽ سٺن عهدن تي پهتل آھن اچو ته سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل سنڌ داخلا مھم ۾ حصو وٺي پنھنجي ٻارن سميت ڳوٺ ۽ محلي جي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايون.










